پيپلز پارٽي جو 12 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ ”سنڌ ڌرتي ماءُ آهي“ جي عنوان سان ريليون ڪڍڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٺهراءُ منظور ٿيڻ باوجود وفاقي وزيرن طرفان نون صوبن، انتظامي يونٽن ۽ نظام بابت ڏنل بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اهڙن بيانن کي وفاق طرفان صوبي جي آئيني حيثيت ۾ مداخلت قرار ڏنو آهي.
پيپلز پارٽي وزيراعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي وزيرن جي بيانن جو نوٽيس وٺي اهڙي بيان بازي بند ڪرائي وڃي. پارٽي وفاقي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت آئين ۾ ترميم ڪرڻ چاهي ٿي ته وفاق وٽ پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت موجود ناهي، تنهن ڪري جمهوريت جي تسلسل کي ڪمزور نه ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي سالميت سان کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.
پيپلز پارٽي چيو آهي ته پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل چاهي ٿي، پر 18هين ترميم، صوبائي خودمختياري، صوبن جي وحدت ۽ صوبن جي حقن تي ڪنهن به صورت ۾ ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي، تنهن ڪري صوبن جي آئيني حيثيت ۾ مداخلت بند ڪئي وڃي.
اهو مطالبو ڇنڇر ڏينهن پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي جي صدارت هيٺ ٿيل اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ صوبائي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، پيپلز پارٽي جا سمورا ڊويزنل صدر، جن ۾ ضياءَ الحسن لنجار، ڄام اڪرام الله ۽ ٻيا شامل هئا، سمورن ضلعي صدرن ۽ ماتحت ونگز جي صوبائي صدرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءُ کان پوءِ وفاقي وزيرن جي بيانن ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ قراردادون منظور ڪندي چيو ويو ته وفاقي وزيرن طرفان نون صوبن ۽ نظام بابت بيان وزيراعظم جي ناڪاميءَ کي ظاهر ڪن ٿا. پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت کي خبردار ڪري ٿي ته نوان صوبا ۽ انتظامي يونٽس آئين تحت صوبائي معاملو آهن، تنهن ڪري وفاقي حڪومت ۽ وفاقي وزير صوبن جي آئيني حيثيت ۾ مداخلت کان پاسو ڪن.
اجلاس ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن وفاقي وزير اهڙي بيان بازي کان نه مڙيا ته سمجهيو ويندو ته ان سازش جي پويان وفاقي حڪومت آهي.
اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کي خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ڪرڻي آهي ته وفاق وٽ پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي اڪثريت موجود ناهي، تنهن ڪري جمهوريت جي تسلسل کي ڪمزور نه ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي سالميت سان کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ چيو ويو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل چاهي ٿي، پر 18هين ترميم، صوبائي خودمختياري، صوبن جي وحدت ۽ صوبن جي حقن تي ڪنهن به صورت ۾ ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي.
اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي قرارداد تي ووٽنگ ۾ حصو نه وٺندڙ جماعتن ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي ٻٽي معيار جي مذمت ڪئي وئي.
اجلاس ۾ چيو ويو ته نثار احمد کهڙي جي التوا واري تحريڪ ۽ قرارداد سنڌ جي ڪروڙين عوام جي دل جي آواز آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي پٽن ڌرتي ماءُ سان پنهنجي محبت جو ثبوت ڏنو آهي.
هن چيو ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن جي جذبي ۽ حب الوطني کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي ۽ عهد ڪري ٿي ته سنڌ جي وحدت لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪيو ويندو.
اجلاس کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جي منظوري کان پوءِ وفاقي وزيرن جا بيان وفاق طرفان صوبي ۾ مداخلت جي برابر آهن.
هن چيو ته وفاقي حڪومت آئين ۾ ٻه ٽهائي اڪثريت کانسواءِ ڪا به ترميم منظور نٿي ڪرائي سگهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت آئين ۾ ترميم ڪرڻ چاهي ٿي ته وفاق وٽ پارليامينٽ ۾ ٻه ٽهائي اڪثريت موجود ئي ناهي، تنهن ڪري ڪا به آئيني ترميم منظور نٿي ڪرائي سگهجي.
نثار کهڙي چيو ته وفاقي وزير نوان صوبا ٺاهڻ بابت افواهون ۽ غلط فهميون پکيڙڻ بند ڪن ۽ وزيراعظم پنهنجي وفاقي وزيرن کي نون صوبن بابت بيان بازي کان روڪي.
هن چيو ته نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت ڳالهين جي پويان جمهوريت، 18هين ترميم ۽ صوبائي خودمختياري خلاف سازش نظر اچي رهي آهي، تنهن ڪري پيپلز پارٽي عوام سان گڏجي هر سازش کي ناڪام بڻائيندي.
صوبائي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي خطاب ڪندي چيو ته ڪڏهن سنڌ جي پاڻي ته ڪڏهن سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي وحدت خلاف سازش ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان اوزار بڻيل آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاق جي علامت آهي ۽ اسان سنڌو ديش جي خلاف آهيون، پيپلز پارٽي جمهوريت لاءِ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندي رهندي.
وقار مهدي چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٻن وفاقي وزيرن کان هڪ اسپتال ۽ هڪ يونيورسٽي نٿي هلي سگهي، پر اهي نون انتظامي يونٽن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪراچي کان ڪشمور تائين هڪ ئي آواز آهن ته سنڌ هڪ رهندي ۽ جيڪي ماڻهو سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اهي فارم 47 جي پيداوار آهن.
هن چيو ته پيپلز پارٽي آئين جي خلاف ڪنهن به قدم جي حمايت نه ڪندي ۽ جيڪڏهن آئين خلاف ڪو قدم کنيو ويو ته پيپلز پارٽي مزاحمت ڪندي.
اجلاس ۾ وفاقي وزيرن پاران نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت بيانن جو عوامي سطح تي ڀرپور جواب ڏيڻ ۽ صوبي جي حقن تي ڌاڙي جي سازش خلاف سنڌ ۾ ڊويزن سطح تي مرحليوار وحدت سنڌ سيمينارز منعقد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ايندڙ هفتي 12 سيپٽمبر تي سنڌ جي سمورن تعلقي هيڊڪوارٽرز ۾ سنڌ اسيمبلي طرفام پيپلز پارٽي جي ڪوششن سان سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد منظور ڪرڻ تي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ ”سنڌ ڌرتي ماءُ آهي“ جي عنوان سان ريليون ڪڍڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

You might also like