ملڪ جي اهم فيصلن لاءِ لنڊن ۾ سياسي سرگرميون تيز، مريم ۽ بلاول جي ملاقات جون تياريون؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ حڪومتي ۽ سياسي ڌرين وچ ۾ رابطن جو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي ويو، پنجاب وزيراعليٰ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ملاقات جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو جي امڪاني ملاقات دوران آئيني ترميمن سميت اهم سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو امڪان آهي.
گذريل ڏينهن صدر آصف علي زرداري ۽ اعظم نذير تارڙ وچ ۾ به اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ آئيني ترميمن بابت به صلاح مشوروڪيو ويو.
ذريعن موجب، ملاقاتن کان پوءِ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڪجهه معاملن تي اتفاقِ راءِ جون خبرون پڻ سامهون اچي رهيون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي پاران اندروني مشاورت لاءِ لنڊن ۾ اهم اجلاس ٿيڻ جو به امڪان آهي.

You might also like