فرانز فينن (1925- 1961) جي حياتي ۽ جدوجهد کي سمجهڻ کان اڳ، اسان کي اھو ضروري سمجهڻ گهرجي ته فينن جي دوران ھن دنيا جي ڪهڙي حالت ھئي؟ ان وقت بيٺڪيت دور جاري ساري ھو، جيڪو يقينن انسان دشمن دور ھو. فرانز فينن ڪاري نسل جي ماڻهن سان تعلق رکندڙ ھو، دنيا ۾ ڪاري رنگ جي ماڻهن تي ان ڪري ظلم ڪيو ويو ۽ انهن کي غلام رکيو ويو ڇو ته انهن جو رنگ ڪارو آھي. انهن مسڪين ماڻهن تي اڇي رنگ جي ماڻهن وڏي پيماني تي نفرت جو ٻج اُڇلايو ۽ انهن مسڪين ماڻهن کي غلام ڪري سموري دنيا ۾ ٽَڪِي ڀاءُ تي وڪيو.
فينن بنيادي طور تي سائيڪولاجست ھو، جنهن پنهنجي دور ۾ انهن ماڻهن جو علاج ڪيو، جيڪي فرانس جي خلاف جنگ آزادي جي ويڙ وڙھي رھيا ھئا ۽ ان سان گڏوگڏ اھي جيڪي فرانس جي آرمي ۾ رھي ڪري الجيريا جي مقامي ماڻهن تي ظلم ڪن پيا. فرانز فينن تاريخ جو اھو پهريون ماڻهو ھو، جنهن ڊيڪالوزيشن ۽ لبريشن جي ٿيوري پيش ڪئي.
جيڪڏھن تاريخ کي ڏسجي ته فينن بيٺڪيت دور جو متاثر ماڻهو ھيو، جنهن فرانس جي بيٺڪيت دور جي ظالمائين پاليسين نه رڳو سٺو پر ان کي محسوس ڀي ڪيو ته ڪهڙي طرح ڌارين ٻين جي تاريخي وطن تي قبضو ڪري اُتان جي مظلوم عوام کي ڦريو لٽيو ڪٽيو ۽ ان سان گڏوگڏ ذھني طور تي انهن کي ايذاءُ ڏنا جيڪي يقينن انهن جي زندگي ۾ ڪڏھن ڪونه ڀَرجي سگهيان ھوندا، ۽ مقامي ماڻهن جي ٻولي کي نِيچَ قَرارُ ڏِنو ۽ زور زبردستي انهن تي ڌاري ڪلچر کي نافِذُ ڪيو، جيڪو يقينن انساني تاريخ ۾ سَنگِين جُرمُ ھو.
فينن جڏھن نيشنل لبريشن فرنٽ پارٽي ۾ شموليت ڪئي ته ان کي فرانس مان جلاوطن ٿيڻو ڇو ته ھن پارٽي ريڊيڪل انقلابي ھئا، جيڪي مسلسل گوريلا جنگ جاري رکندي پئي آيا، فينن جي مطابق تشدد سان ئي بيٺڪيت دور جي نفسات کي ٽوري سگھجي ٿو ۽ ان ڳالھ تي به يقين رکندو ھو ته مقامي ماڻهن جي مزاحمتن سان ئي جديد بيٺڪيتي دور کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ خوشحالي ۽ آزادي جو سج اڀري سگھي ٿو.
فينن جي مطابق بيٺڪيت حڪومتن نه صرف جسماني ماڻهن کي ايذاءُ ڏنا، پر ذھني طور تي به انهن کي ڪمزور ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ بيٺڪيت دور ۾ جيڪي مقامي ماڻهن جي مزاحمتن ڪَرُ کَڻَيو، انهن جو وڏي نَفري سان انت آندو ويو، ان جا چٽا ثبوت سندس جي ڪتاب "مٽي ھاڻا ماڻهو” ۾ آھي. ھن نه صرف بيٺڪيت واري دور تي لکيو، پر ٻاهران آيل ماڻهن جي نفسيات تي لکيو، پر کان پوءِ شروع ٿيندڙ جديد بيٺڪتي دور تي به جام لکيو ۽ سندس جو خيال ھو ته جديد بيٺڪتي دنيا ۾ مظلوم قومن جي پنهنجي مَخصُوصت اھا سندس جي قومي آزادي جي تحريڪن مان ڦٽندي آھي.
فينن وڌيڪ لکي ٿو آھي ته جڏھن مدي خارج بورجوازي طبقو جنهن کي پنهنجا تضاد ڳڙڪائي ويندا آھن، ۽ اصل ۾ اھو سامراج جا ڇڏيل اقتصادي ورثا، خيال ۽ ادارا جيئن جو تئين پنهنجا ڪيا ھوندا آھن.
ان ڪري انهن کي نئين سِر ٺاھڻ جي ضرورت ھوندي آھي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته بيٺڪيت دور جي پڄاڻي کان پوءِ اسان کي ھڪڙو نئون انسان تخليق ڪرڻو پوندو آھي. جيڪو پنهنجي ٻولي ثقافت رکي ۽ بيٺڪيت جي ڇڏيل سمورن ادارن کي رد ڪري، پر اھو تڏھن ٿئي سگهي ٿو، جڏھن انقلابي پارٽي کي تشڪيل ڪجي ۽ وطن، قوم دوست ماڻهن کي واڳَ ڏجي.