ملڪ ۾ نوان صوبا ٺهڻ جو حامي آهيان، پوئتي نه هٽندس: محسن نقوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڏکڻ يا اتر پنجاب ٺهڻ سان پنجابي جي سڃاڻپ ختم نه ٿيندي ۽ سنڌ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺهڻ سان سنڌي جي سڃاڻپ ڪو به نٿو کسي سگهي.
لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته 79 سالن کانپوءِ به گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهيا آهيون، ان ڪري نظام کي ري سيٽ ڪرڻ ضروري آهي، اسان کي پنهنجي ملڪ جي نظام جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ واضح هجڻ گهرجي ته نظام کي ري سيٽ ڪرڻ جو اصل مقصد ڇا آهي.
هن چيو ته نظام کي ري سيٽ ڪرڻ واري ڳالهه جون مختلف تشريحون ڪيون ويون، ڪجهه ماڻهن ان کي موجوده حڪومت سان جوڙيو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن نظام جي ري سيٽ کي موجوده سياسي بندوبست سان تعبير ڪيو، پر نظام کي ري سيٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪنهن هڪ حڪومت يا سياسي جماعت ڏانهن اشارو نه هئي.
وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان کي به پنهنجي نظام جو جائزو وٺڻو پوندو، اسان جو مقصد حڪومت يا ڪنهن سياسي جماعت کي تبديل ڪرڻ ناهي، پر نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته 79 سالن دوران ڪيترائي منصوبا ٺاهيا ويا، پر عوام کي گهربل نتيجا نه ملي سگهيا، تعليم، صحت، صاف پاڻي ۽ صفائي جون بنيادي سهولتون هر شهري کي ملڻ گهرجن، نظام ۾ بهتري ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي سان عوام جا مسئلا حل ٿيندا.
محسن نقوي چيو ته نظام ۾ تبديلي آئين ۽ قانون جي دائري اندر رهندي ڪرڻي پوندي ۽ سياسي اتفاق راءِ سان تبديليون آڻڻ گهرجن.
هن چيو ته نون انتظامي يونٽن جو فيصلو ڪنهن سياسي جماعت يا هڪ شخص جي مرضي سان نه ٿيڻ گهرجي، پر پاڪستان جي عوام جي مرضي سان ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن عوام نوان انتظامي يونٽ چاهي ٿي ته اهي ضرور ٺهڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن عوام نوان انتظامي يونٽ نٿو چاهي ته ڪنهن به صورت ۾ نه ٺهڻ گهرجن، نون انتظامي يونٽن بابت آئين ۾ عوام کي ڏنل حق کي تسليم ڪرڻو پوندو.
محسن نقوي چيو ته 80 سال اڳ هڪ خاندان هڪ گهر ۾ رهندو هو، پر اڄ خاندان وڌي ويا آهن، جڏهن خاندان وڌي ٿو ته رهڻ لاءِ هڪ گهر بدران ٻه ۽ پوءِ ڪيترائي گهر گهربل ٿين ٿا، آبادي ۽ ضرورتن ۾ واڌ سان نظام ۽ انتظامي ڍانچي کي به تبديل ڪرڻو پوندو، اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ تي سڀني کي خدشا آهن، اهي خدشا ختم ڪرڻا پوندا، آئين جي دائري ۾ رهندي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪري سگهجن ٿا ۽ ڪنهن به صورت ۾ غير قانوني قدم جي اجازت نه ڏني ويندي.
گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي هر شهري کي اين ايف سي ۾ حصو ملڻ گهرجي. اسلام آباد جي شهرين کي اين ايف سي ۾ ڪو حصو نٿو ملي. اسلام آباد جو نظام سي ڊي اي پنهنجي زمينون وڪرو ڪري هلائي رهيو آهي ۽ اسلام آباد واحد شهر آهي، جنهن کي پاڪستان جي ڪنهن به بجيٽ مان هڪ رپيو به نٿو ملي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو نئون صوبو ٺهڻو آهي ته اسلام آباد کي به صوبي جو درجو ملڻ گهرجي، اسلام آباد کي صوبو بڻائڻ واري مطالبي تي سڀني کي گڏجي آواز اٿارڻ گهرجي، انتظامي حدن جي نئين سر جوڙجڪ واري معاملي تي مان پوئتي نه هٽندس.
محسن نقوي چيو ته نون انتظامي يونٽن جي معاملي تي جذباتي ٿيڻ جي ضرورت ناهي، هن معاملي ۾ سياستدانن کان وڌيڪ عوام جي راءِ اهم آهي، عوام جي مرضي سان ٿيندڙ فيصلي کان ڪنهن کي به ڊڄڻ نه گهرجي، عوام جي منظوري کان سواءِ نوان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڇا هڪ بيوروڪريٽ 7 يا 14 ڪروڙ آبادي جي سمورن معاملن جا فيصلا ڪري سگهي ٿو؟ هڪ شهر ۾ ويهي ايتري وڏي آبادي جو سمورو نظام هلائڻ ممڪن ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته نوان انتظامي يونٽ نسل يا برادري جي بنياد تي نه، پر بهتر حڪمراني لاءِ ٺهڻ گهرجن، ڏکڻ يا اتر پنجاب ٺهڻ سان پنجابي جي سڃاڻپ ختم نه ٿيندي ۽ سنڌ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺهڻ سان سنڌي جي سڃاڻپ ڪو به نٿو کسي سگهي.
محسن نقوي چيو ته انتظامي ورڇ جو مقصد حڪومتن جو انگ وڌائڻ نه پر حڪمراني جو نظام بهتر بڻائڻ آهي، موجوده ڍانچو برقرار رهندو، صرف اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا ويندا.
هن چيو ته پارليامينٽ ۽ ميڊيا کي به نون انتظامي يونٽن جي معاملي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، انتظامي يونٽن جا نقشا يا منصوبا اڳواٽ طئي نه ٿيڻ گهرجن ۽ ڪنهن هڪ تجويز تي اڳواٽ فيصلو نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جي مفاد ۾ جيڪو به فيصلو ٿيندو، ان کي سڀني کي تسليم ڪرڻ گهرجي.

You might also like