سنڌي شاگرد تحريڪ جو هر ڏينهن 4 مارچ آهي

اڄ 4 مارچ جو ڏينهن آهي، 4 مارچ جي شاگرد تحريڪ جي هيروز کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ان قومي ڏينهن کي ملهائڻ جي برابر اها ئي بنيادي گهرج آهي ته جيئن جدوجهد واري تاريخي ڏينهن کي نه رڳو منزل جو دڳ  بڻائي هلجي، ان مان نه رڳو اتساهه وٺجي پر نئين نسل ڏانهن تاريخ جي ان اهم ورثي کي منتقل به ڪندو هلجي.

بظاهر ته 4 مارچ 1967ع واري واقعي جو هڪ ڏينهن آهي جنهن جي ياد ۾ هر سال چار مارچ جو ڏينهن روايتي طور ملهايو ويندو آهي پر  چار مارچ واريون حالتون اڄ به جيئن جو تيئن سنڌ ۾ ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ موجود آهن. ان ڪري اهو چوڻو پوندو  ته سنڌي شاگرد تحريڪ جو هر  ڏينهن 4 مارچ جهڙو ئي آهي . نه سنڌ ۽ سنڌين کي انهن جا قومي حق مليا آهن نه ئي سنڌي شاگردن کي پنهنجا حق مليا آهن اڄ به سنڌي  شاگردن جي سياست تي پهرو آهي، اڄ به سنڌي شاگردن جي تحريڪ  قيد ۾ آهي ۽ اڄ به شاگردن مٿان تشدد ٿئي ٿو. اڄ به شاگرد مسئلن ۽ بحرانن جو شڪار آهن ۽ تعليم جي بنيادي سهولتن ۽ حقن کان محروم آهن.

سو جيڪڏهن 4 مارچ جي تحريڪ جي روشنيءَ ۾ شاگرد جدوجهد کي ڏسون ته ان جا ڪيترائي هاڪاري ۽ ناڪاري پاسا ملندا تنهن ڪري گهرج ان ڳالهه جي آهي ته انهن هاڪاري ۽ ناڪاري پاسن جو جائزو وٺي شاگرد تحريڪ جي هڪ پاليسي مرتب ڪجي.اسان جو خيال آهي ته سنڌ جي قوم پرست جماعتن ۽ شاگرد تنظيمن کي ان ڏس ۾ ميڙاڪو ڪوٺائي، مقالا پڙهائي، تجويزون وٺي ۽ ٺهراءَ پاس ڪرائي شاگرد تحريڪ لاءِ گڏيل اتفاق تي ٻڌل پاليسي ٺاهڻ گهرجي ۽ پوءِ ان  گڏيل پاليسي تي شاگرد تنظيمن کان عمل ڪرائجي. اسان وٽ اڄ جيڪي 4 مارچ جا هيرو زندهه آهن تن جي رهنمائي ۾ ئي شاگرد تحريڪ جي پاليسي جوڙي سگهجي ٿي. پر اسان چوٿين مارچ جي هيروز مان عملي طور ڪو وڏو فائدو نه وٺي سگهيا آهيون. 4 مارچ جي هيروز ۾ اڄ پاڻ وٽ نه ڄام ساقي آهي ۽ نه ئي يوسف ٽالپر. پر  پاڻ وٽ هاڻي به يوسف لغاري مسعود نوراني ۽ ٻيا ڪيترائي  تڏهن جا شاگرد اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود آهن جن جي موجودگي جو ڀرپور فائدو وٺي سگهجي ٿو.

جيتوڻيڪ 4 مارچ جي تاريخ ايڏي قديم ناهي، 1967ع جو واقعو آهي جنهن بابت ڪافي مواد موجود آهي، ڪجهه ڪتاب به لکيا ويا آهن پر جيترو ممڪن هجي ته ان مان ڪجهه سکي سگهجي يا سيکاري سگهجي ڇاڪاڻ ته سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل هميشه جاري رهڻو آهي. اهو به ڏسڻو آهي ته يوسف لغاري ڄام ساقي يا يوسف ٽالپر جن اقتداري جماعتن سان به ڪم ڪيو ته انهن کي اتي ڪهڙو تجربو ٿيو، سندن حڪومت سان ويجهو ٿيڻ سان شاگرد تحريڪ يا سندن سياسي آدرشن کي فائدو رسيو يا نه. انهن کان يقينن ان ڏس ۾ انٽرويو به ٿيا هوندا. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 4 مارچ جي واقعي، ان جي تاريخي پس منظر، پيش منظر ۽ حال توڙي آئيندي بابت پهريون ته مواد کي مڪمل طور تي محفوظ ڪجي ۽ ان ڊيٽا جي بنياد تي اڳتي جي حڪمت عملي تيار ڪجي.

سو سوال اهو آهي ته ڇا  اسان  هر سال 4 مارچ جو ڏينهن ملهائڻ کانپوءِ ڪجهه حاصل ڪري سگهيا آهيون، ان واقعي جي روشنيءَ ۾ شاگرد تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪري سگهيا آهيون. حيدرآباد جي تڏهوڪي ڪمشنر جو سنڌ، سنڌي شاگردن ۽ سنڌي زبان سان رکيل تعصب جي تسلسل کي ختم ڪرائي سگهيا آهيون. بلڪل به نه. ٻيو ته ڇڏيو پر اسان 4 مارچ جي واقعي جو ڪو يادگار به ٺاهرائي نه سگهيا آهيون.

جيتوڻيڪ اسان جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي سائنسي اصول تحت شعوري طور سماج ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ کي تسلسل ۾ ڏسڻ جا قائل رهيا آهيون ۽ سمجهون ٿا ته ڪنهن شئي جو حقيقت پسنداڻو جائزو وٺڻ به درست رخ ۾ اڳتي وڌڻ ئي هوندو  آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته هر سال 4 مارچ جو ڏينهن ملهائڻ به  پنهنجي جاءِ تي ضروري آهي ان  سان نئين نسل کي خاص ڪري نئين نسل جي شاگردن کي 4 مارچ جي شاگرد تحريڪ واري ڏينهن جي تاريخ پڙهڻ ۽ جائزو وٺڻ لاءِ ملي ٿي.

پر اها به حقيقت آهي جيڪا مڃڻي پوندي ته سنڌ، سنڌي عوام، سنڌي شاگردن ۽ تعليمي ادارن ڏانهن اقتداري طاقتن جو ساڳيو 1967ع وارو تعصباڻو رويو رهيو آهي. ان ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي آيو. اڄ به شاگرد تنظيمن تي پابندي آهي ۽ حق گهرڻ تي شاگردن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي تعليم جون بنيادي سهولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن. جڏهن ته اسان جو خيال هوندو آهي ته جيئن دنيا جو ۽ ملڪي يونيورسٽيون ملڪن کي  ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، جج ۽ مختلف شعبن جا ماڻهو تيار ڪري ڏينديون آهن تيئن يونيورسٽيون ملڪن کي تعليم ۽ ڊگري يافته سياستدان به پيدا ڪري ڏينديون آهن. پر شاگرد تنظيمن تي پابندي هوندي ته پوءِ يونيورسٽين مان ملڪ جا بهترين سياستدان ڪيئن پيدا ٿيندا جيڪڏهن نه ٿيندا ته پوءِ سياست ۾ غير تعليم يافته سياستدان وڏيرا، جاگيردار، چوڌري ۽ ٽيڪنوڪريٽ ئي قابض ٿيندا جيڪي ٿي رهيا آهن.تنهن ڪري شاگرد تحريڪ جي اهميت ۽ ضرورت جيئن ماضي ۾ هئي تيئن ئي اڄ ۽ مستقبل ۾ به رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.