ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ ناهي: احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال چيو آهي ته ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ بابت ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي، خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته  موجوده اين ايف سي فارمولي تحت صوبن سان وسيلن جي ورهاست سبب وفاق کي مالي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ قومي اهميت وارن منصوبن جي تڪميل به ڏکي ٿي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم ڪرڻ نٿي چاهي، پر تجويز آهي ته جنهن صوبي سان فائدو وٺندڙن جو تعلق هجي، اُتي جي صوبائي حڪومت کين فنڊ فراهم ڪري، ڇاڪاڻ⁠ته 18هين آئيني ترميم تحت غربت جي خاتمي جا پروگرام صوبن جي ذميواري آهن. احسن اقبال واضح ڪيو ته ڪراچي کي وفاق جي انتظام هيٺ آڻڻ بابت ڪا به تجويز زير غور ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.