ڪراچي، بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن، جاچ شروع

ڪراچي (رپورٽر) بي آر ٽي يلو لائين منصوبي ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو جڏهن ته چيف سيڪريٽري سنڌ مالي بي ضابطگين بابت جاچ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ان سلسلي ۾  ذريعن جو چوڻ آهي ته موجب بي آر ٽي يلو لائين منصوبي ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ مبينا ڪرپشن سامهون آئي آهي، اڳوڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي، ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جمن داس، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر طحيٰ عزيز کي طلب ڪيو ويو آهي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ موجب لاڳاپيل عملدارن کي يلو لائين  منصوبي بابت سمورو رڪارڊ گڏ آڻڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي،  شرجيل ميمڻ چيو ته بي آر ٽي يلو لائين جي اڳوڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي ضابطن جي ابتڙ اڳواٽ ادائيگيون ڪيون، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ حڪومت کان ڪارروائي ڪرائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي خط پڻ لکي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.