سنڌ ۾ اين ايڇ اي روڊن جي حالت خراب آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريڊ  لائن منصوبي تي ڏينهن رات ڪم جاري آهي ۽ يونيورسٽي روڊ جولاءِ جي آخر تائين ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، عوام کي عارضي تڪليف ضرور پهتي، جنهن جي ڪري حڪومت سخت فيصلا به ڪيا ۽ عوام کان معذرت به ڪئي.انهن خيالن جو اظهار هن ريڊ لائن بي آر ٽي جي ترقياتي ڪم جو جائزو وٺڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنا ۽ ٻيا عملدار به ساڻس گڏ هئا.هن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ موٽروي جي شروعات شهر مان ٿيڻ کپندي هئي، پر هتي منصوبابنديءَ ۾ ان جي برعڪس صورتحال رهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پاڪستان جي آخري حصي ۾ واقع آهي ۽ هتي پاڻي جي 20 سيڪڙو کوٽ جو مسئلو به موجود آهي.هن چيو ته شاهراهه ِ ڀٽو جي کلڻ سان شهرين کي وڏي سهولت ملي آهي پوري پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ صحت جون سهولتون ڪراچي ۾ موجود آهن سنڌ ۾ وفاق جي اختيار ۾ اچڻ وارن رستن جي حالت خراب آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن سان صوبي ۾ رستن جي حالت بهتر بڻائي آهي ۽ ڪم جاري آهي.هن چيو ته ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ جي مسئلي جي حل لاءِ ناردرن بائي پاس تي ٽرمينل تعمير ڪيو پيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته پوري پاڪستان مان ماڻهو روزگار لاءِ ڪراچي ايندا آهن، ۽ هي شهر صحت ۽ روزگار جو وڏو بار کڻي رهيو آهي، ان ڪري ڪنهن به شهر سان ڀيٽ ڪرڻ وقت ان حقيقت کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي ڪا سياسي حيثيت ناهي ته هو ان تي تبصرو ڪن، ۽ هو سندس بيانن تي وڌيڪ سياسي ڳالهه ٻولهه نٿا ڪرڻ چاهين. هن چيو ته ڪيپٽن (ر) صفدر قائد اعظم جي مزار جي حرمت جو به خيال نه رکيو ۽ چونڊ مهم دوران سندس ٻولي به نامناسب رهي.هن وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم دوران عوام جو ڌيان پيپلز پارٽي ڏانهن رهيو، جڏهن ته ڪجهه وفاقي وزيرن اتي وڃي ترقياتي اعلان ڪيا. هن جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن  چيو ته 28 هين ترميم جو ڪو به مسودو تيار ناهي ٿيو ۽ اهي صرف افواهه آهن، جڏهن ته 18 هين ترميم جي ايم ڪيو ايم به حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي عوام به سنجيدگي سان ناهي وٺندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.