ملڪ ۾ اٽي جون قيمتون وڌي ويون، ڪراچي وارا سڀ کان مهانگو اٽو خريدڻ لڳا

اسلام آباد/ ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ اٽي جي بحران ۽ مسلسل وڌندڙ اگهن سبب 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2800 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، جنهن سان عام واهپيدارن جون پريشانيون وڌي ويون آهن. شماريات اداري جي جاري ڪيل دستاويزن موجب ڪراچي جا شهري سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، جتي 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 2800 رپين ۾ دستياب آهي، پشاور ۾ اها ئي ٿيلهي 2750 رپين، اسلام آباد ۾ 2733 رپين ۽ راولپنڊي ۾ 2707 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، دستاويزن موجب ڪوئيٽا ۽ بنون ۾ به 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2700 رپين تائين پهچي چڪي آهي، حيدرآباد ۾ ساڳي اٽي جي ٿيلهي 2600 رپين، خضدار ۽ لاڙڪاڻي ۾ 2400 رپين، فيصل آباد ۾ 2350 رپين ۽ گوجرانوالا ۾ 2333 رپين ۾  وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ملتان ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2267 رپين ۽ لاهور ۾ 2250 رپين تائين پهچي وئي، معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي فراهمي ۾ رڪاوٽن، ٽرانسپورٽ مسئلن ۽ ذخيره اندوزي خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ سبب اٽي جا اگهه مسلسل وڌي رهيا آهن، اٽي جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ عام ماڻهو جي خريداري جي سگهه کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي ۽ جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته مهانگائي جو بار وڌيڪ وڌي سگهي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.