حيدرآباد/جنگشاهي(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۽ پاڪستان جي عظيم مفڪر، تاريخدان، اديب، دانشور ڏاھي سياستدان استاد رسول بخش پليجو جي اٺين ورسي سڀاڻي (اڄ) سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي، جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ منگر خان پليجو جنگشاهي پھچي رسول بخش پليجو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي،پارٽي ترجمان اشرف پليجي چيو ته رسول بخش پليجو تحريڪ جدوجهد جو نالو هو. رسول بخش پليجو سنڌ جي سياست ۽ مزاحمت جي علامت هو. ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سنڌ سميت بلوچستان، پختونخوا، سرائيڪي پٽي ۽ پنجاب جي ترقي پسند ماڻهن کي متحد ڪيو. ضياء جي آمريت خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جمهوريت جي بحالي لاءِ عورتن سميت سنڌ جي عوام کي منظم ڪيو.هن چيو ته رسول بخش پليجي درياھ تي ڌاڙي، پاڻي، غير قانوني پرڏيھين، مھاجر صوبي، ون يونٽ، زمينن جي نيلامي، عالمي طاقتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي ڪرپشن، ڪالاباغ ڊيم خلاف بي مثال تاريخي تحريڪون ھلائي لازوال ڪاميابيون حاصل ڪيون