رسول بخش پليجي جي اڄ اٺين ورسي،تياريون مڪمل

حيدرآباد/ ٺٽو/ جنگشاهي (پ ر)  عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي جون تياريون مڪمل. آمريڪي سامراجي دهشتگردي، اٺاوهين آئيني  ترميم، عورتن جي قتلام ۽ مهانگائي خلاف ملڪگير جلسي عام ڪيو ويندو. هزارين ماڻهن جي ويهڻ جو پنڊال تيار ڪيو ويو. سموري سنڌ مان هزارين ڪارڪنن جا قافلا اڄ 7 جون تي جنگشاهي پهچي پنهنجي عظيم قائد ۽ سنڌي قوم جي رهبر کي ڀيٽا پيش ڪندا. ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت مختلف علائقن کان ايندڙ قافلا رات ئي نڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان سنڌ جي ڏاهي مفڪر کي سلامي ڏني ويندي. نامياري آرٽسٽ شيما ڪرماني پنهنجي فن وسيلي رسول بخش پليجو کي ڀيٽا پيش ڪندي. ثقافتي رنگن، قومي گيتن ۽ آرٽ وسيلي دنيا جي مظلوم طبقن جي سگهاري آواز ردسول بخش پليجو کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. ورسي جلسي عام ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ، اديب، دانشور، وڪيل، شاعر، ليکڪ ۽ هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شرڪت ڪندا.  ورسي جلسي عام جي صدارت عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ڪندو. پختونخواه ملي عوامي پارٽي جو سربراه ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو صدر محمود خان اچڪزئي، نيشنل پارٽي سربراه ۽ بلوچستان جو اڳوڻو وزير اعلي مالڪ بلوچ ، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين شاه، عوامي جمهوري پارٽي جو صدر سراج سيال، عوامي ورڪرز پارٽي جو صدر ايڊووڪيٽ اختر حسين، عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسٽ) جي وفاقي سيڪريٽري جنرل بخش ٿلهو،  سرائڪستان قومي اتحاد جو سربراه خواجا غلام فريد ڪوريجا،  پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي چيئرپرسن نخبه تاج لانگاهه، پختونخوا نيشنل عوامي پارٽي جو سربراه خوشحال خان ڪاڪڙ،  مزدور ڪسان پارٽي جو اڳواڻ تيمور رحمان، سرائيڪي لوڪ سانجھ اڳواڻ رئوف ڪلاسرا، حقوق خلق پارٽي جو اڳواڻ فاروق طارق، پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس، عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمرہ سمون، سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪز صدر غلام مصطفي چانڊيو، عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، لال جروار، ماهنور ملاح ، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي آرگنائيزر خالق گندرو، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪائنات هاليپوٽو، سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي آرگنائيزر اعتزاز گائينچو، سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي آرگنائيزر سرمد سائينداد خاصخيلي، سرور باري، شاه محمد مري، ناميارو اديب جامي چانڊيو، ناليوارو ليکڪ ۽ محقق نصير ميمڻ، ناليوارو صحافي وسعت الله خان، نظير لغاري، عابده لغاري، دودو چانڊيو، 4 مارچ جي شاگرد جدوجهد جو سورمو ۽ ناميارو قانوندان مسعود نوراني، شهاب اوستو، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاهه، ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ ابيرا اشفاق، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ، شاهه مير مري، سرور باري، فرزانه باري، انيس هارون، دستگير ڀٽي، حامد مير، حسن عباس ۽ علي احمد ڪرد سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ادبي شخصيتون شرڪت ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.