پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ لاءِ رڳو 3 سيڪڙو بجيٽ ڇو آهي:ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) ۾ بزنس ڪميونٽي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي ويزن موجب صوبي ۾ ترقياتي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته شاهراهه ڀٽو سميت جاري ميگا منصوبن مان سمورن شهرين ۽ واپاري برادري کي فائدو ٿيندو. ان موقعي تي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سي اي او واٽر ڪارپوريشن، ايم ڊي سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 2000 ارب رپين جي لاڳت وارا ترقياتي منصوبا جاري آهن، جڏهن ته ڪورنگي لاءِ 9 ارب رپين جي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته شهر جي وڏين شاهراهن جا منصوبا ايف ڊبليو او حوالي ڪيا ويا آهن ۽ مختلف ٽائونز ۾ 109 کان  وڌيڪ رستن تي ترقياتي ڪم جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ 40 ننڍن ۽ وڏن روڊن تي به ڪم شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪراچي کي پاڪستان جو معاشي حب چيو وڃي ٿو، پر اڪثر سموريون ذميواريون سنڌ حڪومت تي وڌيون وڃن ٿيون. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم کانپوءِ اختيار سڀني صوبن وٽ آهن، تنهن ڪري وفاقي حڪومت کان به پڇڻ گهرجي ته پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ لاءِ رڳو 3 کان 4 سيڪڙو بجيٽ ڇو رکي وڃي ٿي، جيڪا هاڻي گهٽجي 1 کان 2 سيڪڙو رهجي وئي آهي. هن چيو ته نيشنل هاءِ ويز وفاقي حڪومت جي ذميواري آهن، پر انهن جي خراب حالت جو الزام به سنڌ حڪومت تي لڳايو وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.