سنڌو درياهه سنڌي قوم جي سڃاڻپ، تاريخ، تهذيب ۽ معيشت جو اهم ترين حصو آهي. هي درياهه رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، پر سنڌ واسين جي زندگين جو هڪ اهم جز آهي، جيڪو هزارين سالن کان هتي جي ماڻهن کي جياپو ڏئي رهيو آهي. سنڌو درياهه بغير ڪنهن مبالغي جي سنڌ جي حياتيءَ جو سرچشمو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي زراعت، ماحوليات، اقتصادي ترقي، ۽ سماجي نظام هن درياءَ سان جڙيل آهن.
سنڌو درياهه دنيا جي قديم ترين دريائن مان هڪ آهي. هي درياهه تبت جي مانسرور ڍنڍ جي ويجهو هيماليه جبلن مان نڪري ٿو ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن مان وهندو سنڌ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. قدرتي وسيلن سان ڀرپور هن درياءَ جي ڪراڙن تي دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ، واديءَ سنڌ جي تهذيب وجود ۾ آئي، جيڪا جديد تحقيق مطابق پنج هزار سال پراڻي آهي. موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جهڙيون قديم آباديون هن درياءَ جي ڪري ئي زنده رهيون. سنڌو درياهه دنيا جي قديم ترين دريائن مان هڪ آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ جي زرعي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، پر ان جي تاريخ به هزارين سالن تي ٻڌل آهي.
هي درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو سرچشمو آهي، جنهن جي ڪنارن تي هزارين سال اڳ تهذيبون اڀريون، سلطنتون جوڙيون ويون، جنگيون وڙهيون ويون ۽ واپار کي ترقي ملي. سنڌو درياهه کي قديم دور کان وٺي مقدس ۽ حياتيءَ جو ذريعو سمجهيو ويو آهي، ڇو ته ان جي وهڪري سان سنڌ جي زمين کي زرخيز بڻايو ويو، جنهن سبب هتي جي ماڻهن کي زرعي پيداوار، واپار، پيئڻ جو پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جي سهولت ملي. سنڌو درياهه تبت جي مانسرور ڍنڍ جي ڀرسان هيماليه جبلن مان نڪري ٿو ۽ چين، هندستان، ۽ پاڪستان مان وهندو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ان جي ڊيگهه لڳ ڀڳ 3180 ڪلوميٽر آهي، جيڪو پاڪستان جو سڀ کان ڊگهو درياهه آهي. هي درياهه پنهنجي قدرتي وهڪري دوران ڪيلاش، لداخ، گلگت-بلتستان، ڪي پي، پنجاب، ۽ سنڌ مان گذري ٿو.
سنڌو درياءَ جا اهم وهڪرا جهلم، چناب، راوي، ستلج، ۽ بياز درياهه آهن، جيڪي گڏجي پنجند جي مقام تي سنڌو درياءَ سان ملي وڃن ٿا. سنڌو درياهه جي ڪنارن تي قديم ترين انساني تهذيب وادي سنڌ جي تهذيب جو بنياد رکيو ويو. موهن جو دڙو، هڙاپا، چانهو جو دڙو، ۽ ڪوٽڏجي جهڙن شهرن سنڌو درياءَ جي ساٿ سان ترقي ڪئي. هي تهذيب 5000 سال پراڻي آهي ۽ ان ۾ ترقي يافته شهر، واپار ۽ زراعت جو نظام موجود هو. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ سان فصل پوکيا ويندا هئا ۽ ماڻهو پاڻيءَ جي ذخيرن کي استعمال ڪرڻ جا ماهر هئا. آريا قوم جڏهن هندستان ۾ داخل ٿي، ته انهن سنڌو درياءَ کي پنهنجو مقدس درياهه سمجهيو. رگ ويد ۾ سنڌو درياءَ کي "سنڌھو” طور بيان ڪيو ويو آهي. 326 ق.م ۾ يوناني فاتح سڪندر اعظم سنڌو درياءَ تي جنگ وڙهيو، ۽ ان جي فوج هن درياءَ کي پار ڪري سنڌ جي علائقن ۾ داخل ٿي. 711ع ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ان وقت سنڌو درياءَ سنڌ جي دفاعي نظام جو هڪ اهم حصو هو. مغل بادشاهن ۽ انگريزن به سنڌو درياءَ تي واهه ۽ بيراج تعمير ڪري زراعت کي هٿي وٺرائي. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ سان سنڌ جي ماحولياتي نظام کي حياتي ملي ٿي. انڊس ڊالفن سنڌو درياءَ ۾ رهندڙ هڪ ناياب نسل آهي، جيڪو رڳو هتي ملندو آهي. جيڪڏهن سنڌو درياءَ وهندو رهندو ته سنڌ جي زمين زرخيز رهندي، ۽ سمنڊ جي کارو پاڻي سنڌ جي زمين کي نقصان نه پهچائيندو. حڪومت کي درياءَ جي وهڪري کي قدرتي طريقي سان جاري رکڻ لاءِ پاليسيون ٺاهڻيون پونديون. سنڌو درياهه سنڌي قوم جي سڃاڻپ، زراعت، معيشت، ۽ ماحوليات جو هڪ اهم حصو آهي. هي رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، پر سنڌ جي زندگيءَ جو اهم جز آهي. جيڪڏهن سنڌو درياهه ناهي ته سنڌ جو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو. حڪومت طرفان سنڌو درياهه تي نيون ڪينالون ٺاهڻ جا منصوبا تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن، جن سان سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. اڳ ۾ ئي سنڌ کي پنهنجي مقرر ٿيل پاڻي جو پورو مقدار نه پيو ملي، ۽ هاڻ پنجاب جون نيون ڪينالون سنڌ لاءِ زرعي ۽ انساني بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي سگهن ٿيون. سنڌ صوبي جي عوام ۾ ان ناانصافي خلاف سخت بيچيني آهي. سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي، جتي هاري، دانشور، سماجي اڳواڻ، سياستدان، ۽ عام عوام هڪ ئي آواز سان مطالبو ڪري رهيا آهن ته اهي ڪينال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون.
سنڌو درياهه تي اڳ ئي پنجاب جي پاڻيءَ جي وڌيڪ استعمال جي شڪايتون عام آهن، جن سبب سنڌ جا ڪيترائي علائقا خشڪ ٿي ويا آهن، پاڻيءَ جي کوٽ زراعت کي تباهه ڪري رهي آهي، ۽ زمينون بنجر ٿيڻ لڳيون آهن. اهو مسئلو رڳو پاڻيءَ جو ناهي، پر سنڌ جي وجود، معيشت، ۽ ماڻهن جي بقا جو سوال آهي. جيڪڏهن سنڌ کي ان جو جائز پاڻي نه مليو ته صوبو سخت ڏڪار، بيروزگاري، ۽ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي سگهي ٿو.
سنڌ جا رهواسي مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، پر سندن آواز ٻڌڻ لاءِ حڪومتي ادارا تيار نظر نٿا اچن. ان مسئلي جو حل پاڻيءَ جي منصفاڻي ورهاست ۾ آهي. سنڌو پاڻي معاهدي جي روشنيءَ ۾ سنڌ کي سندس جائز حصو ملي، غيرقانوني ڪينالون روڪيون وڃن، ۽ پاڻيءَ جي ورهاست تي وفاقي سطح تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن به صوبي سان زيادتي نه ٿئي. سنڌ جي بقا لاءِ، سنڌ جي عوام کي متحد ٿي جدوجهد جاري رکڻي پوندي، ته جيئن سندن حق غضب ٿيڻ کان بچي سگهي.