اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پلڊاٽ 16هين قومي اسيمبلي جي سالياني جائزي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، پلڊاٽ جي رپورٽ موجب هڪ سال ۾ گهٽ بحث ۽ تيز ترين قانون سازي ڪئي وئي پر قانون سازي جي تيز رفتاري سبب ترميمن جي ڇنڊڇاڻ نه ٿي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي قانون سازي ۾ 370 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪيترائي قانون بغير بحث جي پاس ڪيا ويا، جڏهن ته حاضري گهٽ رهي ۽ حاضري گهٽجي 66 سيڪڙو ٿي وئي، رپورٽ موجب سڄي سال ۾ وزيراعظم جي حاضري 18 سيڪڙو رهي، وزيراعظم جي اجلاسن ۾ شرڪت جو رڪارڊ گهٽ رهيو، مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب 62 اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي،رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي قيام ۾ دير ٿي، 3 اپريل جي آخري تاريخ گذرڻ باوجود ڪميٽيون نه ٺهي سگهيون، قومي اسيمبلي جي هر ميمبر تي هڪ سال ۾ 37.9 ملين رپيا خرچ آيو،نظرثاني رپورٽ موجب اسيمبلي ايجنڊا جا 49 سيڪڙو ايٽمز مڪمل نه ڪري سگهيا.
-
سنڌ حڪومت زڪوات فنڊ مان 37 اسپتالن کي مالي امداد ڏئي ڇڏي
ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت زڪوات فنڊ مان 37 اسپتالن کي مالي امداد ڏني آهي، سنڌ حڪومت زڪوات فنڊ مان 37 اسپتالن کي مالي امداد ڏني،ان سلسلي ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ زڪوات کاتي 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن، اها رقم مستحق مريضن جي مفت علاج ۽ دوائن لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري ۽ خيراتي اسپتالن کي زڪوات فنڊ مان مالي مدد ڏني ويندي، 2024 ۽ 2025 جي بجيٽ مان 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب فنڊز اسپتالن جي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا ويا آهن، سول اسپتال کي هڪ ڪروڙ 25 لک رپيا ۽ جناح اسپتال کي هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، لياري جنرل اسپتال کي 27 لک 50 هزار رپيا جڏهن ته سوبراج ميٽرنٽي اسپتال کي 12 لک 50 هزار رپيا ڏنا ويا آهن، نوٽيفڪيشن موجب ڪريڪ جنرل اسپتال ڪورنگي کي 25 لک ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسپتال ڄام ڪنڊو ڪراچي کي 10 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن.