ھڪ سٺي سماج جي سڃاڻپ اها آهي، ته فرد پنهنجي ذاتي بقا کان اڳتي وڌي، اجتماعي ترقيءَ جو حصو بڻجي. هڪ صحتمند سماج اهو ئي هوندو آهي، جتي شهري سطح تي هر فرد پنهنجي وس آهر نه رڳو ذاتي ذميواريون نڀائي، بلڪ ٻين سان گڏجي اجتماعي ترقيءَ جي راهه تي هلڻ جي سوچ رکي سندن ساٿ ڏئي.دنيا جي ان وسيع انساني ڌرتي تي، سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد کي ملائيندڙ شھر جيڪب آباد اهڙي ئي شهري سڃاڻپ رکي ٿو.
ھي شھر مختلف گھڻ علائقائي قبيلن جو سنگم آھي جيڪو پنھنجي تاريخ، ثقافت، جاگرافي ۽ محبت ۾ پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو. ھي غيرت، بھادري ۽ دليري ۾ پڻ پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ھتان جي ماڻھن جي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان احترام ۽ محبت واري واٽ آھي. اھڙي محبت، جيڪا ھتان جي واءُ ۾، مٽيءَ جي سڳنڌ ۾، ماڻھن جي اکين ۾ جھلڪندي نظر اچي ٿي. جيڪا اوھان کي ھتان جي وڻن جي ڇانوَ ۾، شفق جي رنگن ۾ ۽ ماڻھن جي سادگيءَ ۾ نظر ايندي.
ھن شھر جي فطري محبت صرف جذباتي وابستگي سان نه، پر تاريخي ورثي، ۽ اجتماعي شعور سان جڙيل آھي. ھيءَ محبت قدرتي آھي، پر ھاڻي قبيلائي جھيڙن جھٽن، سرداري سرمائيداري ۽ جاگير داري جي ڏاڍ ڏمر ۽ جبر جي نظام ۾ جڪڙجي ڌنڌلي ٿي چڪي آھي. ان نظام ماڻھن جو ساھه سُڪائي ڇڏيو آھي. اھڙو نظام آھي جيڪو ھتان جي زمين، وسيلن، ۽ ماڻھن کي پنھنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري ٿو.
ھي سرمائيدارانه نظام ھتان جي محنت ڪش عوام لاءِ غربت، بيروزگاري، ۽ استحصال جو سبب بڻيل آھي. ھيءُ نظام نوجوانن جا خواب چوري ڪري ٿو، سندن تعليم کي رڳو ھڪ نوڪريءَ جي غلاميءَ تائين محدود ڪري ٿو، ۽ ماڻھن کي انھيءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته سندن بدحالي قسمت آھي. پر اصل حقيقت ھيءَ آھي ته ھيءَ بدحالي ھڪ سازش آھي، جيڪا چند طبقن جي طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪئي وئي آھي.
انهيءَ استحصالي ڍانچي جو سڀ کان وڏو اثر معاشري جي امن، نفسياتي سڪون، ۽ انساني تحفظ تي پئجي ٿو. انساني جان، مال ۽ عزت کي وچ روڊن تي ۽ گهرن اندر ڦريو ۽ لُٽيو وڃي ٿو، جن جا هاڃيڪار مثال اسان کي روزانو ھن شھر بلڪ پوري علائقي جي ڏکائيندڙ ۽ روئايندڙ واقعن ۾ نظر اچن ٿا. تقريبن 15-16 لک جي آباديءَ وارو ھيءُ ضلعو خوف ۽ بيچينيءَ ۾ ڦاٿل آھي، جنهن جو نتيجو نفسياتي اعتبار سان مرد، عورت، ٻار ۽ بزرگ سڀني تي شديد اثرات وجهي ٿو. ھي خوف، عدم تحفظ جو احساس ۽ مسلسل دٻاءُ، ماڻهن کي نفسياتي صحت جي تباهيءَ طرف ڌڪيندي، سندن اميد، جرئت، ۽ زندگيءَ جي امنگ کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو.انساني سماج جو اصل مقصد اجتماعي بهتري، انصاف، ۽ وسيلن جي برابر ورڇ آهي، پر موجوده سرمائيدارانه سرشتو ان تمدني فلسفيءَ جي ابتڙ، سماج کي طبقاتي ورهاست ۾ ورهائي ٿو. انهيءَ نظام شهري محبت کي، جيڪا برابريءَ، ڀائپيءَ ۽ ترقيءَ تي ٻڌل هئڻ گهرجي، فقط اقتصادي مفادن جي تابع بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪب آباد ، جيڪو پنهنجي فطري محبت ۽ ثقافتي جوهر سان سڃاتو وڃي ٿو، اڄ هڪ اهڙي استحصالي نظام جي گھيري ۾ آهي، جتي محبت جو تصور به منافعي، اقتدار، ۽ طاقت جي منطق هيٺ اچي ويو آهي.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هي شهري محبت، هيءَ تمدني سڃاڻپ، هڪ منظم استحصالي نظام جي قبضي هيٺ زنده رهي سگهي ٿي؟
ان جو واحد حل ڇا آھي؟ ھڪ سياسي ۽ سماجي شعور جي واڌ ويجهھ. هڪ اهڙو شعور، جيڪو فردن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ ڏياري ته سندن شهر جي محبت رڳو ذاتي جذباتي لاڳاپن تائين محدود ناهي، پر اها سماجي ناانصافين جي خلاف هڪ طاقتور آواز بڻجي سگهي ٿي. محبت رڳو اظهار نه آهي، پر هڪ شهري ذميواري آهي. هڪ اهڙو عزم، جيڪو فرد کي پنهنجي سماجي حيثيت جو سڃاڻ ڏياري، پنهنجي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جو شعور ڏياري، ۽ ان تمدني ڍانچي کي سمجهڻ جي صلاحيت ڏياري، جيڪو هن جي سماجي، سياسي، ۽ معاشي زندگيءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو.تاريخ ان ڳالهھ جي شاھد آھي ته جڏھن به سماج ۾ اھڙي قسم جو بگاڙ پئجي ويندو آھي ته نوجوان پنھنجي سماج کي بدلائي ترقي جي واٽ وٺرائيندو آھي.
اها وقت جي تقاضا آهي ته پنهنجن فڪري حدن کي وسيع ڪريون، پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخ ۽ حقيقتن کي نئين روشنيءَ سان ڏسون، ۽ سماجي ناانصافين جي خلاف هڪ نظرياتي مزاحمت جو حصو بڻجون. هيءَ مزاحمت صرف لفظي اظهار تائين محدود نه هئڻ گهرجي، پر اها هڪ اهڙو شعوري عمل بڻجي، جيڪو فرد کي پنهنجي سياسي، سماجي، ۽ معاشي حيثيت جو مڪمل ادراڪ ڏياري. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي فڪر کي غلاميءَ جي زنجيرن کان آزاد ڪريون، سرمائيداريءَ جي استحصالي ڍانچي کي سمجهون، ۽ هڪ اهڙي اجتماعي جهدوجهد جو حصو بڻجون، جيڪا ڌرتيءَ کي بيوسي، خوف، بک، ۽ استحصال کان آجو ڪري. اهڙي علمي، تحقيقي، ۽ عملي جدوجهد جي شروعات ڪريون، جيڪا نه رڳو اسان جي شعور کي نئين سر ترتيب ڏئي، پر ايندڙ نسلن لاءِ به هڪ آزاد، منصفاڻي، ۽ باوقار سماج جي بنياد رکي، جتي محبت رڳو جذباتي اظهار نه، پر هڪ سماجي ذميواري بڻجي.