ڪئنال رٿا رد،ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا مڻ مقرر ڪيو:ايوان زراعت

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) ايوان زراعت سنڌو درياھ تي 6 نون ڪئنالن جي اڏاوت کي هڪ دفعو ٻيهر مڪمل طور تي رد ڪندي وفاقي سرڪار کان ڪئنالن واري رٿا واپس وٺڻ، چشما جهلم لنڪ ڪئنال مان  پاڻي کڻڻ بند ڪرڻ، سنڌ سرڪار کان ھلندڙ سال ڪڻڪ جو گھٽ ۾ گھٽ امدادي اگهھ 4 ھزار روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ، سرڪاري طور تي 15 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو مطالبو ڪيو آهي. ايوان زراعت سنڌ جي جنرل باڊي جو اجلاس ايوان زراعت سنڌ جي پيٽرن ان چيف ڊاڪٽر سيد نديم قمر جي صدارت ھيٺ حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر سيد نديم قمر چيو ته سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺاھڻ سان سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندي، جنھن جا ملڪ جي مجموعي زرعي معيشت تي انتھائي ناڪاري اثر پوندا. ھن چيو ته رليف ملڻ بدران آبادگارن مٿان زرعي انڪم ٽيڪس مڙھيو ويو آھي. اجلاس کي ايوان زراعت سنڌ جي نئين چونڊيل صدر سيد زين العابدين شاھ خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ جي آبادگارن کي سنڌو درياھ تي ھڪ به ڪئنال قبول ناھي ۽ نه ڪنداسين، جيڪڏھن زبردستي ڪئنال ٺاھيا ويا ته ان عمل خلاف سنڌ جا ماڻھو ھر محاذ تي سخت مزاحمت ڪندا. اجلاس ۾ آبادگارن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو تي سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو فوري طور تي واپس وٺي، چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ سنڌو مان پاڻي جي کڻت بنا دير بند ڪئي وڃي. اجلاس ۾ آبادگارن سکر بئراج تي پاڻي جي مسلسل کوٽ تي سخت احتجاج ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ارسا اختيارين کي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي پاڻي جا گيج انڊيٽ مطابق پورا ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي. اجلاس ۾ پاڪستان جي سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير نواب يوسف ٽالپر ۽ ايوان زراعت سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر جي ڀاءُ مير عبدالرشيد ٽالپر جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ پونيئرن سان تعذيت جو اظھار ڪندي مغفرت لاءِ دعا گھري وئي. جڏھن ته جنرل باڊي جي اجلاس ۾ خاص مھمان طور سيڊا جي چيئرمين ۽ برک آبادگار اڳواڻ رئيس قبول محمد کٽياڻ،ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاھد حسين ڀرڳڙي،رئيس غلام حسن چاچڙ،شاھنواز خان جمالي، حاجي نثار ميمڻ، مير عبدالڪريم ٽالپر، اصغر خان نوناري،خادم حسين بھراڻي، عبدالحليم ميمڻ، حاجن خان مھر سميت سڄي سنڌ مان آبادگار اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.17

ٽماٽي،بصر ۽ ٻين ڀاڄين جا اگهه گهٽ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار

حيدرآباد: سنڌ جي آبادگارن سنڌ ۾ ٽماٽي ۽ بصر سميت ٻين سمورين ڀاڄين جي ڪرندڙ اگھن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي  چيو آهي ته سنڌ ۾ ٽماٽو، بصر ۽ ڀاڄيون لھن ٿيون ته انھن جا اگهھ ٽڪي ڌڙي ڪيا وڃن ٿا، جنھن سان آبادگارن کي ناقابل تلافي مالي نقصان پھچي ٿو، واپاري ڄاڻي واڻي ائين ڪري آبادگارن کي نقصان پهچائي رهيا آهن، ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آبادگارن کي وڏي نقصان کان بچائڻ لاءِ ٽماٽو، بصر ۽ ڀاڄيون ٻاھر ايڪسپورٽ ڪرڻ جا اپاءَ ورتا وڃن.17

سنڌ حڪومت ڪپهه جو تصديق ٿيل ٻج فراهم ڪري:آبادگار

حيدرآباد: آبادگارن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب گذريل سال ڪپهھ جي فصل کي ڪاپاري کي ڌڪ لڳو ھو، ان ڪري سنڌ حڪومت گرمي پد برداشت ڪندڙ ڪپهھ جو تصديق ٿيل ٻج مارڪيٽ ۾  فراھم ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي ۽ ھلندڙ سال ڪپھ جو اگھ گھٽ ۾ گھٽ 12 ھزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.