ڪراچي (رپورٽر) ڪشمور ضلعي ۾ ڌاڙيلن جي وڌندڙ ڏاڍ، بدامني ۽ لاقانونيت جي خلاف پروگريسو فار پيس ڪشمور پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل ٽي روزه احتجاجي ڪئمپ تي ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري رهيو، احتجاج ڪندڙن سان اظهار يڪجهتي ۽ سندن مطالبن جي حمايت ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سياسي، سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ سوشل ورڪرز پهتا، جنهن ۾ بار ايسوسيئشن ڪراچي جو صدر عامر نواز وڙائچ، جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، پروفيسر بدر سومرو، ايس ٽي پي اڳواڻ اصغر سومرو، ڪامريڊ زينب ۽ ايڊووڪيٽ فيض ملاڻو شامل آهن، جماعت اسلامي جي اڳواڻ محمد يوسف چيو ته حڪومت سنڌ جي عوام کي ظالم جاگيردارن ۽ وڏيرن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، جيڪي آپي مان نڪري اخلاقي قدر ۽ انسانيت جون حدون لتاڙي وحشي بڻجي چڪا آهن، پر حڪومت ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن، هن وڌيڪ چيو ته پوليس ٿاڻن کي وڏيرن جي اثرن کان آجو ڪرڻ کان سواءِ امن ممڪن ئي ناهي، ظريت بجاراڻي چيو ته ضلعي انتظاميا اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ رفيع ملڪ ۽ راجيش ڪمار ڪيسواڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو به ناهي ڪيو، جڏهن ته تازو ڌاڙيلن مغوي راجيش ڪمار جي زخمي حالت ۾ ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي پر تنهن باوجود به ڪشمور پوليس ڪو تحرڪ ناهي ورتو، هنن چيو ته رافيع ملڪ ۽ راجيش ڪمار ڪيسواڻي جي عدم بازيابي جي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪنداسين.