300يونٽ واهپيدارن ۽ زرعي ٽيوب ويل تي فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ رعايت جو اعلان

اسلام آباد (بيورو/ ع آ نيوز) وفاقي حڪومت زرعي ٽيوب ويل واهپيدارن ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاور ڊويزن موجب، 300 يونٽ تائين  بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن ۽ زرعي ٽيوب ويلز لاءِ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ مد ۾ رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته جون 2015 کان 300 يونٽ تائين بجلي واهپيدارن لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ رعايت روڪي وئي هئي، جڏهن ته زرعي ٽيوب ويلز لاءِ اها رعايت ڊسمبر 2010 ۾ ختم ڪئي وئي هئي.پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي ٻنهي درجن جي واهپيدارن لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ لاٿ جو فائدو ڏيڻ بابت خط موڪليو ويو آهي.انهيءَ فيصلي سان زرعي ٽيوب ويل مالڪن ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي ماهوار بلن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي.هوڏانهن  قومي اسيمبلي جي بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت 22 آزاد پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) کي انڊينٽ جي ادائيگي روڪي ڇڏي آهي. انڊينٽ جي ادائيگي بند ڪرڻ سان 1500 ارب جي بچت ٿيندي، صارفين کي 4 کان 5 رپيا في يونٽ جو رليف ملندو. قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي پاور جو اجلاس محمد ادريس جي صدارت هيٺ ٿيو. سيڪريٽري پاور اجلاس کي ٻڌايو ته 14 آئل ۽ 8 بيگاس آءِ پي پيز جي گنجائش جي ادائيگي روڪي وئي آهي .مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪجهه آءِ پي پيز چيو ته معاهدا بندوق جي زور تي ختم ڪيا ويا، سيڪريٽري پاور چيو ته ڪجهه آءِ پي پيز معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن تي کين چيو ويو، اسان جي ٽيمن کين ثابت ڪيو ته توهان اهي غلطيون ڪيون، اسان آءِ پي پيز کي چيو ته يا ته راضي ٿي وڃو يا نيپرا مالي آڊٽ ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.