سنڌو درياهه اسان جو جياپو ۽ اسان جو ساھ!

تحرير: ام رباب چانڊيو

سنڌ ھن وقت تڪليف ۾ آھي. ھر ھنڌ احتجاج ٿي رھيا آھن. ھزارين لکين ماڻھو دانھون ڪري رھيا آھن ته اسان کان اسانجو درياهه کسيو پيو وڃي، پر ڪير به دانھن ٻڌڻ وارو ناھي، ۽ لڳي ايئن ٿو ته منھنجي سنڌ امان ننڌڻڪي آھي. سنڌو درياهه جو ذڪر نڪري ٿو ته سڀ کان پھرين رگ ويد ياد اچي وڃن ٿا، جن ۾ بيان ٿيل آھي ته: زندگيءَ جا سڀ رنگ، ۽ سڀ نعمتون مٺي پاڻيءَ جي ڪري آهن. سنڌو درياهه جتان به پنهنجا رستا ٺاهيندو گذري ٿو، اتان اتان ڪنارن سان زندگي ۽ تهذيبن کي جنم ڏيندو وڃي ٿو!

جڏهن ڳالهه زندگي جي اچي ٿي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جڏهن ندي ڪٿان گذري ٿي ته پنهنجي آسپاس زندگيءَ کي ڦهلائيندي وڃي ٿي. ندي ڪو صرف هڪ افسانوي  رومانس ناهي. ندي زندگيءَ کي دوام ڏيندڙ ۽ تهذيبن جي  خلقيندڙ آهي. نديءَ جي آسپاس دنياوي ۽ رومانوي افسانا گهمن ٿا. ڪٿي منهنجي ندي کسجي وئي ته منهنجي زندگيءَ سان گڏ ان سان جڙيل افسانو ۽ اهو رومانس پڻ ختم ٿي ويندو، جيڪو صدين کان قائم دائم آھي. اھڙي ڪنھن به صُورتحال ۾ منھنجي دل ۽ دماغ ۾ ھي سوال اڀري اچي ٿو ته پوءِ آخر مان لڏپلاڻ ڪري ڪيڏانهن ويندس؟

مون صبح جي وقت هڪ مينديءَ جي سُڪل ڏار ڏٺي، جنهن ۾ پن سڪڙيل هئا، جنهن جي موت واقع ٿي چڪي هئي. سوچيندي سوچيندي منهنجي وجود ۾ هڪ عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. مان سوچيان پئي ته هيءَ اها ميندي آهي، جنهن جي فصل ۾ منهنجو ٻالڪپڻ گذريو آهي. مان ميندي جي مهڪار ۾ پَلي آهيان. مون ان خوشبوءَ کي محسوس ڪندي جيون جا ڪيترائي ورهيه گھاريا آهن. ميندي جي خوشبوءَ ڄڻ ته منهنجي وجود ۽ روح جو حصو بڻجي چڪي آهي، ڇو ته ميهڙ ۽ مينديءَ جو رومانس آهي. ميندي ميهڙ جي سڃاڻ آهي. منهنجي ننڍڙي نگريءَ ۾ چوڦير هي رونق سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي بدولت آهي، جيڪو صدين کان وهندڙ آھي، ۽ جيڪو اسانجو جياپو آھي. اھو سچ آھي  ته سنڌوءَ ۾ اسانجو ساھ آھي!

جيڪڏهن سنڌوءَ جو پاڻي روڪيو ويو ته رڳو ميهڙ جي ميندي نه مرندي، رڳو خيرپور جي کجيءَ جو وجود ختم نه ٿيندو، پر سڄي سنڌ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو. رومانوي افسانن موجب ته سڪل وڻ سرءُ جي نشاني هوندا آهن، جيڪي بهار جي اچڻ بعد وري ساوا ٿي وڃن ٿا. اھڙي طرح وڻن تي صرف موسمياتي تبديلي سبب ڪجهه اثر پوي ٿو، ۽ پوءِ اھي وري ساڳئي نموني سرها ٿي وڃن ٿا. اھڙي طرح سڪل ڏار ڪڏهن به سرءُ جي نشاني ناهي. سڪل ٻوٽو تباهي جي نويد ڏئي ٿو، ۽ اھو موت جي نشاني آهي، جنهن تي ڪابه بهار اثرانداز نٿي ٿي سگهي. هڪڙي ڀري باغ ۾ سڪل ٻوٽو هڪ خوف جي علامت هجي ٿو، ۽ پريشانيءَ جو باعث بڻجي ٿو، پر جيڪڏهن سڄي جو سڄو باغ ئي سڪي وڃي ته زندگي ڪيڏي اذيت محسوس ڪندي، اھو سوچيندي به دل دهلجي وڃي ٿي!

اسان کي پنھنجي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺڻو پوندو. جنهن مھل اسان زندگيءَ جي تمام پريشانين مان گذري رهيا هوندا آهيون ته فطرت جا حسين رنگ اسانجي واحد پناھ هوندا آهن، جيڪي اسان جي آسپاس فصل، گل ٻوٽا، وڻ پکي، ۽ پوپٽن جي صورت ۾ ميسر آهن. وڻن ٻوٽن جي ساوڪ، ۽ مٿان پوپٽن جو ڀيرو هڪ فطرت جو حسين نظارو پاڻيءَ جي بدولت آهي، جيڪو انسانن سان گڏ ھر جيوت جي جياپي جو مظهر آهي. ان فطري حسن جي ساھ جو سڳو پاڻي سان جڙيل آهي. پاڻي ناهي ته فطرت ريگستان جيان آهي، جتي ڪنهن به زندگيءَ جو پلجڻ مشڪل ئي نه، نامُمڪن هجي ٿو!

اڄ اسين تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهيا آهيون، جنهن ۾ اسان کي ڪيترا ئي خطرا درپيش آهن. انهن خطرن ۾ سڀ کان وڏو خطرو اسانجي وجود کي آهي، جيڪو سنڌوءَ جي پاڻي تي راتاهو آهي. انوائرومينٽل خطرن جي مد نظر اسان شايد ڪنهن وڏي خطري جي انتظار ۾ آهيون. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن خطري ۾ شايد اسان  ٻھراڙين جا ماڻهو فريق نظر اچون پيا، ۽ شهرن وارن کي پرواھ ئي ڪانهي.

انڊس ڊيلٽا ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي جيڪا هن وقت صورتحال آهي، اها تمام وڏي خطري جي گھنٽي آھي، ۽ ان جي مد نظر 5 فيبروري 2015 ۾ سينٽ جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ڪميٽي جي چيئرمين پنهنجي ڪميٽي سان گڏ سڄي ايريا جو وزٽ ڪري هڪ رپورٽ مرتب ڪئي ته 2050 تائين ڪراچي مڪمل ٻڏي ويندو!

اسان سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪريون ٿا ته هر دور ۾ ڊڪٽيٽرن توڙي وسيلن تي نظر رکندڙ طاقتور ڌرين هميشه حملا ڪيا آهن، پر ايتري ديده دليريءَ سان ڪڏهن به ڌاڙو ناهي لڳو، جيڪو هن وقت سنڌ جي نمائنده پارٽي جي سهولتڪاري سان لڳي رهيو آهي. دنيا جو قانون آهي ته درياءَ تي حق صرف لور ريپرين/ پُڇڙيءَ وارن جو ھُوندو آهي، پر هي جيڪو پاڪستان گرين انيشيٽو پراجيڪٽ جي نالي سان هڪ نئون ڌاڙو لڳي رهيو آهي، اھو ته سراسر ظلم، ڏاڍ ۽ جبر آھي!

دنيا ۾ توهان نه ٻڌو هوندو ته ڪو ملڪ غيرقانوني طور تي آباد علائقي جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي ريگستان آباد ڪري- 1991 جي معاهدي مطابق چئني صوبن لاءِ پاڻيءَ جي جيڪا ورهاست ٿي، ان باوجود سنڌ کي هڪ لک ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي. 1991 جي معاهدي مطابق پنجاب کي پاڻي جي ورهاست ۾ تقريبن 55.94 ملين ايڪڙ فٽ حصو مليو، جنهن مان خريف لاءِ 37.07 هو، ۽ ربيع لاءِ 18.87 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڏنل ھو. اتي سنڌ جي لاءِ 48.76 ملين ايڪڙ فٽ حصو هو، جنهن ۾ خريف لاءِ 33.94 ۽ ربيع لاءِ 14.84 ملين ايڪڙ فٽ مقرر هو. اھڙي طرح پنجاب هر سال پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي صورتحال پيدا ڪندو رهيو آهي. هن وقت صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي وئي آهي، جنهن اسانکي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته جيڪڏهن سنڌو درياهه تي ان صورتحال باوجود وڌيڪ ڪئنال ٺهن ٿا ته پوءِ پاڻيءَ جو وهڪرو مڪمل بند ٿي ويندو، ۽ سنڌ جي اڪثريتي آباديءَ جو گذران زراعت ۽ چوپايي مال تي آهي، جيڪو تمام وڏي خطري ۾ پئجي سگهي ٿو، ۽ سڀ ڪجهه ختم ٿي سگھي ٿو!

ان کان اڳ جاڳڻ جي ضرورت آھي. پنھنجي سڀني قانوني ۽ آئيني حق ماڻڻ لاءِ جدوجھد سان گڏ سنڌو درياهه لاءِ ڀرپور نموني آواز بلند ڪرڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آھي. سنڌ واسي يقينن ميدان ۾ آھن، پر اڃا به وڌيڪ ماڻھن کي ميدان ۾ اچڻ جي ضرورت آھي. جيڪڏهن اسان جاڳي پياسين ۽ سخت کان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته ڪير به اسان کان اسانجو درياهه کسي نه سگھندو، جنھن ۾ اسانجو ساھ آھي!

ان کان اڳ جاڳڻ جي ضرورت آھي. پنھنجي سڀني قانوني ۽ آئيني حق ماڻڻ لاءِ جدوجھد سان گڏ سنڌو درياهه لاءِ ڀرپور نموني آواز بلند ڪرڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آھي. سنڌ واسي يقينن ميدان ۾ آھن، پر اڃا به وڌيڪ ماڻھن کي ميدان ۾ اچڻ جي ضرورت آھي. جيڪڏهن اسان جاڳي پياسين ۽ سخت کان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته ڪير به اسان کان اسانجو درياهه کسي نه سگھندو، جنھن ۾ اسانجو ساھ آھي!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.