آچر جي ڏينھن جرمني ۾ ٿيل چونڊن ۾ ساڄي ڌر جي مرڪزي جماعت ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ يونين (سي ڊي يو) ۽ سندس باويرين سسٽر جماعت، ڪرسچن سوشل يونين (سي ايس يو) 28.6 سيڪڙو ووٽن سان پهرين نمبر تي آئي. جرمني جي انتهائي ساڄي ڌر جي آلٽرنيٽو پارٽي (اي ايف ڊي) 20.8 سيڪڙو ووٽن سان ٻئي نمبر تي آئي. ختم ٿيندڙ اتحادي حڪومت ۾ شامل ٻن پارٽين سوشل ڊيموڪريٽس (ايس پي ڊي) ۽ گرينز، ترتيب وار 16.4 سيڪڙو ۽ 11.6 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آھن.جنھن بعد ڪنھن بھ ڌر کي واضح اڪثريت نھ ملڻ بعد گڏيل حڪومت جوڙڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آھن.
جرمني جي قدامت پسند سي ڊي يو جماعت جي اڳواڻ فريڊرڪ ميئر س چيو آهي ته ٻين پارٽين کي پهريان بحث ڪرڻ گهرجي ته اهي ڪنهن سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ ڪهڙا سمجهوتا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. جرمن پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ باوجودواضح اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ مرڪزي ساڄي ڌر جو بلاڪ اتحادي حڪومت ٺاهڻ جي طرف وڌي رهيو آهي. سي ڊي يو اڳواڻ فريڊرڪ ميئرس چيو آهي ته هو سينٽر ليفٽ، ايس پي ڊي سان اتحاد جي حمايت ڪري ٿو، پر مختلف پارٽين کي پهرين پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته اهي ڪنهن سان ڪم ڪرڻ ۾ خوش آهن ۽ ڪٿي اهي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
چر جي پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ، سي ڊي يو پارلياماني گروپ برلن ۾ گڏجاڻي ڪري رهي آهي. سي ڊي يو جي قدامت اڳواڻ جيڪو تقريبن يقيني طور تي جرمني جي وفاقي جمهوريه جو ايندڙ چانسلر بڻجندو، فريڊرڪ ميئرس، سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ايس پي ڊي سان اتحادي حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت ۽ رضامندي جو اظهار ڪيو آهي. ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ يونين (سي ڊي يو) جي سسٽر باويريا ۾ ڪرسچن سوشل يونين جي اڳواڻ مارڪوس سوڊر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته سي ڊي يو ۽ ايس پي ڊي کي وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي.
ڏکڻ جرمن رياست باويريا ۾ سي ڊي يو/سي ايس يو جي اڳواڻ مارڪوس سوڊر پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته جرمني ۾ غير يقيني معاشي ۽ پرڏيهي پاليسي جي صورتحال جي روشني ۾، سينٽرساڄي بلاڪ ۽ سينٽرکاٻي ڌر، ايس پي ڊي کي اتحاد ٺاهڻ گهرجي ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. مارڪوس سوڊر تسليم ڪيو آهي ته حڪومت جي قرض وٺڻ جي حد جرمني ۾ عوامي خرچن کي منظم ڪرڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. جرمني جو قدامت پسند بلاڪ سي ڊي يو/سي ايس يو پابندي ۾ ڪا به تبديلي ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي، جڏهن ته سوشل ڊيموڪريٽس ڪيترن ئي مهينن کان سڌارن جي وڪالت ڪري رهيا آهن. سوشل ڊيموڪريٽس جو اصرار آهي ته وفاقي حڪومت ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ ۽ ٻين شعبن ۾ ضروري سڌارا آڻڻ لاءِ وڌيڪ سرڪاري فنڊ خرچ ڪرڻ لاءِ تيار رهي.
باويريا جرمني جو هڪ اهم صوبو سمجهيو ويندو آهي. باويرين اڳواڻ ايندڙ ڳالهين کي مشڪل قرار ڏيندي چيو ته کيس اميد آهي ته ايس پي ڊي عمل ۾ نئين رڪاوٽ پيدا نه ڪندي.جرمني جي وفاقي جمهوريه جي اوڀر رياستن ۾ آچر تي پارلياماني چونڊن جي نتيجن جرمني جي سياسي منظرنامي ۾ انتهائي ساڄي ڌر جي اي اف ڊي پارٽي جي بيان بازي کي مضبوط ڪيو آهي. اوڀر جرمني جي علائقن ۾ ان جماعت کي مليل ووٽن جو تعداد گذريل وفاقي اليڪشن جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ٻيڻو هو، ۽ ان سان اي ايف ڊي، جماعت کي خاص طور تي اوڀر جرمني ۾ گهڻو فائدو ٿيو آهي.