سنڌ هڪ جاکوڙي ۽ نظرياتي قومي ڪارڪن کان محروم ٿي وئي

تحرير: منور برهماڻي

سنڌ هميشه پنهنجي سياسي ۽ قومي ڪارڪنن جي قربانين سان جيئي آهي، ۽ جڏهن به ڪو سچو جاکوڙي ڪارڪن وڇڙي ويندو آهي، تڏهن سنڌ جي قومي جدوجهد سوڳوار بڻجي ويندي آهي ،سنڌ جي قومي جدوجهد هميشه جاکوڙ، قربانين ۽ بي لوث سياسي ڪارڪنن جي محنت سان زندهه رهي آهي،هر دور ۾ اهڙا سچا سپاهي پيدا ٿيا، جن پنهنجي ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي قوم ۽ وطن جي خدمت کي اوليت ڏني، سائين لياقت جهتيال به انهن مان هڪ هو، جيڪو آخري دم تائين قومي سڃاڻپ، سنڌ جي مالڪي ۽ عوام جي خدمت جي ميدان ۾ ثابت قدم رهيو، ”جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي “جو عڪس ھو، حساس دل انسان ھو،، ھيرو ھو، مور ھو، سچو ۽ بي لوث ساٿي ھو. ھن قابل فخر زندگي گذاري. پنھنجي قومي وقار ۽ عزت سان زندگي گذاري.

سائين لياقت جهتيال 8 جون 1952 تي ڳوٺ ڪمال خان جهتيال، تعلقو ۽ ضلعو دادو ۾ جنم ورتو. هن جو واسطو هڪ عام سنڌي گهراڻي سان هو، جتي قومي سڃاڻپ ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو جذبو موجود هو. ننڍپڻ کان ئي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي سمجهڻ لڳو، ۽ هڪ حساس دل وارن ماڻهن وانگر قوم جي درد کي پنهنجو درد سمجهيو،دنيا جي ڏاھي رسول بخش پليجو جي ساٿي ۽ پليجو ينورسٽي جو شاگرد بڻجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي،سائين لياقت جھتيال جي قومي جذبي شعور ۽ سمجهه اھو ڄاڻي ورتو ھو ته بھتر مستقبل ۽ ڪم ڪرڻ جي ضرورت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آھي ، اھو ئي سبب ھو جو ھن 1994 ۾، بهتر روزگار ۽ اولاد جي مستقبل لاءِ ۽ ڪراچي جي مالڪي لاءِ  هن گلشن حديد، ڪراچي ۾ مستقل شفٽ ٿي ويو، ڪراچي ڪنھن جي سنڌين جي ، جي نعري کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڪراچي ۾ رھائش پزير ٿيڻ ضروري ھو، مگر هو رڳو پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ نه، پر ٻين سنڌي ڀائرن کي به ڪراچي اچڻ، روزگار حاصل ڪرڻ، ۽ سنڌ جي وارثي ڪرڻ جي لاءِ همٿائيندو رهيو. سندس لفظ هئا، "ڪراچي روزگار جي ماءُ آهي، پر ساڳي وقت اها سنڌ جي راڄڌاني پڻ آهي، ان ڪري ان کي پنهنجو سمجهي ان جا وارث ٿيو.”سياسي ۽ عوامي  خدمتون،لياقت جهتيال جي زندگي فقط تقريرن تائين محدود نه رهي، بلڪه عملي سياست جو حصو بڻجي مظلومن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ سنڌين جي مالڪيءَ لاءِ ميدان ۾ لهڻ سندس مشن رهيو

هن قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان 2015ع جي بلدياتي چونڊن ۾ گلشن حديد مان ڪونسلر جي حيثيت سان حصو ورتو ۽ ڪاميابي ماڻي،ڪونسلر ٿيڻ بعد به هو صرف هڪ سياسي حيثيت جو ماڻهو نه رهيو، پر حقيقي معنيٰ ۾ عوام جو نمائندو بڻيو. گلشن حديد ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، صفائي، بجلي، روڊن جي حالت، ۽ ٻين شهري مسئلن تي هو سدائين متحرڪ رهيو. ھر وقت جدوجھد جي عمل ۾ رھڻ سان گڏ،بنا خوف جي ھر مسئلي تي اڪيلي سر سيٺي وڄائي مئڪروفون کڻي ڳلي ۾ بورڊ وجهي روڊن تي نڪري پوندو ھو، تتنھن ٿي ھڪ دفعي ڪراچي ۾ سائين لياقت جهتيال کان ڪراچي ۾ پارٽي جي اجلاس بعد مرڪزي اڳواڻ الطاف خاصخيلي پڇيو ته سائين اڪيلي سر ڪيئن ٿا احتجاج ڪيو ته ھن چيو ” ان لاءِ انا ختم ڪرڻي پوندي..ٻيا گڏ ھجن يا نه ھجن، پنھنجي قوم، وطن، مزدورن، ھارين ۽ مسڪينن لاءِ اڪيلا ئي بيھي رھو. اھو نه سوچيو ته ڪو ٻيو ناھي “ ھن کي ڪڏھن اسٽيج تي ويھڻ، فوٽو ڪڍائڻ، تقرير ڪرڻ جو شوق نه ھو. ھي قومي ڪارڪن  به ھو ته اڳواڻ به ھو. ڪرپشن خلاف جڏھن محترم اياز لطيف پليجو صاحب بلاول ھائوس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو ته لياقت صاحب ميگا فون کڻي انائونسمنٽ شروع ڪري ڇڏي، جنھن تان کيس پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو، ھي ايم ڪيو ايم، افغانين سميت ھر قسم جي دھشتگردي خلاف ڪراچي جي رستن تي حق جو الم بلند ڪيو ۽ ڪڏھن خوف ۾ پوئتي نه هٽيو، عوام جو آواز بڻجڻ ته ان جي فرض ۾ شامل ھو،قوم لاءِ انتھائي وفادار ڪارڪن سائين لياقت جهتيال قومي عوامي تحريڪ سان آخري وقت تائين سلهاڙيل رهيو.

سنڌ جي قومي حقن، وسيلن تي سنڌين جي مالڪي، سنڌي ماڻهن جي ترقي ۽ ڪراچي ۾ سنڌين جي بقا لاءِ هن پاڻ پتوڙيو،هو سدائين عملي سياست جو قائل رهيو. احتجاج، مظاهرا، قومي حقن لاءِ آواز اٿارڻ، ۽ عوامي جدوجهد ۾ هروقت اڳيان رهيو. گلشن حديد جي مسئلن تي هجي يا سنڌ جي مجموعي قومي صورتحال تي، هو هميشه هر وقت ميدان ۾ رهيو،پارٽي ساٿين سان تمام گھڻي محبت ھيس ، ” جڏھن به سنڌ سڏ ڪيو ، پھچي پٽڪي ور ويو “ جي سٽن جيان جڏھن به سنڌ جي بقا مظلوم ماڻھن لاءِ جنگ جو تبل وڄي ۽ لياقت جھتيال کي سڏ ڪجي ۽ ھونه پھچي اھو ممڪن ئي نه ھو، سنڌ انھي ارڏي ڪارڪن کان محروم ٿي وئي آھي، چاچا لياقت جهتيال ھاڻ اسان جي وچ ۾ ناهي رھيو، سندس جي وڇوڙي سان سنڌ هڪ اهڙو سياسي ۽ عوامي اڳواڻ وڃائي ويٺي، جيڪو پنهنجي ذاتي فائدن بدران قومي مفادن کي اوليت ڏيندو هو. هو هڪ جاکوڙي، بي لوث، ڪميٽڊ ۽ ايماندار سياسي ڪارڪن هو، جيڪو پنهنجي آخري ڏينهن تائين سنڌ لاءِ وڙهندو رهيو، بيماري جي بستري تي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ عيادت لاءِ ايندڙ ساٿين دوست سان ڪچھري جو مھور سياست ۽ سنڌ ھو،اڄ گلشن حديد جا روڊ، سنڌ جي سياسي ميدان، ۽ قومي جدوجهد جا ڪاروان هڪ اهڙي ساٿي کان محروم ٿي ويا، جيڪو پنهنجي اصولن ۽ قومي محبت تي اٽل رهيو،اي بھادر ساٿي تنهنجي جدوجهد جي مشعل هميشه روشن رهندي!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.