گذريل ڪجھه عرصي کان اوهان سڀ انٽرنيٽ جي سست رفتاريءَ ۽ ڪڏهن ڪڏهن بندش کان سخت بيزار ٿي چُڪا آهيو ۽ انٽرنيٽ جي ٻليءَ پير رفتار ۽ ڪڏهن ڪڏهن سروس جو بنهه منقطع ٿي وڃڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. سياري ۾ ٿڌ جي واڌ ٿئي… ته انٽرنيٽ ڍرِي، يا بنهه بند… اونهاري ۾ گرميءَ جو زور وڌي، ته به انٽرنيٽ بند… برساتُون پون، ته انٽرنيٽ متاثر… وِڄُ ڪِري، ته انٽرنيٽ تي اثر… طوفان اچي ته انٽرنيٽ جِي تڏا ويڙهَه… لُڪَ لڳي، ته انٽرنيٽ جا سگنل باقي وڃي بچن… عالم اهو آهي جو گذريل سال ڇهن مهينن کان اوهان کي عين وقت تي ڪو رابطو ڪرڻو هجي، بِل پيارڻو هجي يا ڪا ضروري شئي ڪنهن کي انٽرنيٽ رستي موڪلڻي هجي، ته اوهان ملڪ ۾ فراهم ٿيندڙ انٽرنيٽ سروس تي ڀاڙي ئي نٿا سگھو. اسان وٽ موجود چند سيليُولَر ڪمپنين پاران فراهم ٿيندڙ ”ڊيٽا سروس“ ته ايڏي ردي ۽ بيڪار آهي، جو ان تي ڀاڙي ڪوبه آن لائن ڪم نٿو ڪري سگھجي. انٽرنيٽ بند ٿيڻ سان نه رڳو دوستن ۽ گھر ڀاتين سان رابطا متاثر ٿين ٿا، بلڪه ڪاروباري ڪمَ، بينڪن جي ڏيتي ليتي، پيسن جو جمع ڪرائڻ توڙي ڪڍرائڻ، بلن جي ادئگي توڙي ٻيو هر قسم جو دفتري ڪار وهنوار سخت متاثر ٿئي ٿو. انٽرنيٽ اسان لاءِ ايڏي لازمي بڻجي چڪي آهي جو انٽرنيٽ جي ٿوري دير بند ٿيڻ سان ايئن ٿو لڳي ڄڻ زندگي ئي بيهي رهي هجي.
پاڪستان جي انفارميشن ٽينڪانالاجي (آءِ ٽي) انڊسٽريءَ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ هڪ ڪلاڪ لاءِ انٽرنيٽ جي سروس بند يا متاثر ٿيڻ سان انڊسٽريءَ کي 10 لک امريڪي ڊالرن (لڳ ڀڳ 27 ڪروڙ 95 لک پاڪستاني روپين) جو نقصان ٿئي ٿو. مطلب ته جھٽ سوا لاءِ انٽرنيٽ ۾ رُخني جو مطلب رڳو معمولي پريشاني ئي ناهي، بلڪه ان جا سماج تي پوندڙ سنجيده معاشي اثر به آهن. پاڪستان ۾ اهڙي صورتحال گذريل ڪجھه عرصي کان سنگين صورت اختيار ڪندي پئي وڃي، جنهن مان بيزار اچي پاڪستان مان کوڙ سارن صارفن دنيا جي تجارتي سرپنچ ۽ ’ٽيسلا‘ جي مالڪ ’ايلون مسڪ‘ کي ”ايڪس“ (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي دانهن ڏيندي ان جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن بعد ويجھڙ ۾ ايلون مسڪ جي سيٽيلائيٽ انٽرنيٽ ڪمپنيءَ ”اسٽارلنڪ“ پاران پاڪستان سان حڪومتي سطح تي رابطا ڪيا ويا ۽ نتيجي ۾ ڪجھه هفتا اڳ پاڪستان، ”اسٽارلنڪ“ لاءِ پاڻ کي رجسٽر ڪرائي ورتو آهي، جيڪا پاڪستان ۾ آءِ ٽيءَ جي شعبي لاءِ هڪ تمام وڏي خبر آهي.
ياد رهي ته ايلون مَسڪ جي اها انٽرنيٽ ڪمپني هن وقت 80 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پنهنجي سيٽيلائيٽ سهولت پهچائي رهي آهي، جنهن جا نتيجا بيمثال آهن. جڏهن ته، ’اسٽار لِنڪ‘ کي پاڪستان ۾ ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ اڃا تائين ضروري لائيسنس ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. رجسٽريشن جو هي عمل پاڪستان جي ”نيشنل اسپيس ايجنسي“ (اين ايس اي) پاران انجام ڏنو ويو آهي، پر ’اسٽار لِنڪ‘ 2024ع جي ”نيشنل اسپيس ايڪٽيويٽيز رُولز“ جِي تعميل ڪرڻ جي پابند آهي. ان کان علاوه ڪمپنيءَ کي پنهنجي سيٽيلائيٽ تي ٻڌل انٽرنيٽ سروس شروع ڪرڻ لاءِ ”پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي“ (پي ٽي اي) کان لائيسنس پڻ حاصل ڪرڻو پوندو.
”اسٽارلنڪ“ هڪ اهڙي سيٽيلائيٽ انٽرنيٽ مهيا ڪندڙ ڪمپني آهي، جيڪا ماڻهن تائين مواصلاتي سيّاري (سيٽيلائيٽ) جي مدد سان انٽرنيٽ پهچائيندي آهي. دنيا جي گولي جي چؤگرد چڪر لڳائيندڙ مواصلاتي سيّارا بنا ڪنهن ڪيبل، تار، فائبر آپٽيڪس يا انيٽينا جي سنئون سڌو انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن تائين انٽرنيٽ جي سهولت پهچائيندا آهن، جنهن جي رفتار به ظاهر آهي ته ڪابه رڪاوٽ نه هئڻ سبب مثالي هوندي آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي رُخني جو انديشو نه هئڻ برابر هوندو آهي. ان سيٽيلائيٽ کي استعمال ڪندڙن تائين انٽرنيٽ جي سروس پهچائڻ لاءِ ڪنهن وڏي انفراسٽرڪچر جي گھرج به ناهي هوندي. ”اسٽارلنڪ“ جِي سروس بابت ايلون مَسڪ جِي ترجيح آهي ته ترقي يافته دنيا سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ۽ افريقا توڙي دنيا جي ٻين اهڙن ڏورانهن ملڪن توڙي علائقن تائين اها سروس پهچائي وڃي، جتي انٽرنيٽ جي رفتار هن جديد دؤر ۾ به هڪ مسئلو بڻيل آهي ۽ جتي انٽرنيٽ سروس جي فراهمي، بنا ڪنهن وڏي انفراسٽرڪچر جي ممڪن ناهي. مقامي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي ذهنن ۾ اهي به سوال اڀرن ٿا ته ’اسٽار لِنڪ‘ جي سروس اسانکي موجوده انٽرنيٽ جي مقابلي ۾ سستي پوندي يا مهانگي! بنيادي طور تي ته هيءَ ڪا گھڻي سستي انٽرنيٽ سروس ناهي. هڪ اندازي مطابق، جتي جتي ”اسٽارلنڪ“ استعمال ٿئي پئي، اتي ان جا صارفَ ان جو ماهوار خرچ 100 امريڪي ڊالرس (لڳ ڀڳ 28 هزار روپين) جي آسپاس تائين ڀري رهيا آهن، پر پاڪستان سان ’اسٽار لِنڪ‘ جو معاهدو ٻين ملڪن کان ڌار هوندو ۽ اها اڳتي هلي خبر پوندي ته پاڪستاني انٽرنيٽ صارفن کي ان سروس لاءِ ماهوار ڪيترا پيسا ڀرڻا پوندا. ٿي سگھي ٿو اها رقم انهن 100 ڊالرس کان ڪجھه گھٽ به هجي.
وَڏو ۽ اهم سوال اهو به آهي ته عام ماڻهوءَ سان اسانجي ”آقائن“ جو جيڪو روّيو آهي، ان تحت عوام کي هر شئي پابندين جي سنگھرن ۾ ويڙهي ڏني ٿي وڃي، ته ڇا اهي هن سيٽيلائيٽ انٽرنيٽ جي فراهميءَ تي به پابندي لڳائي سگھن ٿا؟ ۽ جڏهن چاهن ان جي سروس ڪٽي سگھن ٿا؟ جيئن اڄڪلهه اهو رواج عام آهي ته جنهن ڏينهن جنهن شهر ۾ دهشتگرديءَ جو خطرو هوندو آهي ته ان سلسلي ۾ ٻيا احتياطي قدم کڻڻ بدران، ”پي ٽي اي“ کان ان شهر جي انٽرنيٽ بند ڪرائي ويندي آهي، ته ڇا اها انٽرنيٽ جي لوڊشيڊنگ يا کئونسَ ’اسٽار لِنڪ‘ سان به ممڪن ٿي سگھندي؟ آءِ ٽيءَ جي ماهرن جو ته اهو چوڻ آهي ته مواصلاتي انٽرنيٽ جي سگنلس کي روڪڻ، ان ۾ خلل وجھڻ يا ان جي رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي، پر پاڪستان جي آءِ ٽيءَ جي وزير شِزا فاطمه جو چوڻ آهي ته ”ان ڏس ۾ اڃا قاعدن ۽ ضابطن کي حتمي شڪل ناهي ڏني وئي. سو اهو اڃا طئي ٿيڻ باقي آهي ته ’اسٽارلنڪ‘ ڪمپني پاڪستان ۾ ڪهڙن ضابطن تحت آپريٽ ڪندي.“
اهو سوال پڻ اڪثر ذهنن ۾ اڀري رهيو آهي ته پاڪستان ۾ ’اسٽار لِنڪ‘ جي سروس ڪڏهن کان فراهم ٿيڻ شروع ٿيندي. ان سلسلي ۾ ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان ”اسٽارلنڪ“ لاءِ رجسٽر ڪرائي اڃا رڳو پهريون قدم ئي کنيو آهي ۽ اڃا ان سلسلي ۾ شيون انتهائي بنيادي سطح تي آهن ۽ ان باري ۾ ڪجھه ڪونه ٿو چئي سگھجي ته ان مواصلاتي انٽرنيٽ جي سروس پاڪستان ۾ ڪڏهن شروع ٿيندي ۽ ”دلِي دُور اَست“، پر وزير صاحبه جو خيال آهي ته ايندڙ ڪجھه مهينن ۾ قاعدن کي طئي ڪري گھڻو ڪري هن ئي سال اها سروس پاڪستانين کي فراهم ڪئي ويندي. ٽيڪنيڪل ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايڏا پيسا لڳائي ”فائر وال“ خريد ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان ۾ مواصلاتي انٽرنيٽ فراهم ڪري ان تي به پابنديون ئي لڳائڻيون آهن، ته پوءِ ملڪ ۾ سيٽيلائيٽ انٽرنيٽ آڻڻ جو فائدو ڪهڙو آهي؟ اهو پابندين وارو ڪم ته هاڻي وارِي انٽرنيٽ سروس مان ئي ورتو پيو وڃي.
انڪري جِتي هڪ طرف مڪاني انٽرنيٽ صارفَ پُر اميد آهن ته انهن کي ”اسٽارلنڪ“ پاران تيز رفتار ۽ بنا رُخني وارِي انٽرنيٽ سروس جي فراهمي ٿيڻ ۾ هاڻي دير ڪانهي ۽ سندن دفتري، ڪاروباري توڙي ذاتي وهنوار توڙي رابطن ۾ هاڻي ڪوبه رُخنو ڪونه پوندو، اتي کين ان لاءِ به تيار رهڻ گھرجي، ته مواصلاتي انٽرنيٽ جي اها فراهمي به هاڻي وارِي ملندڙ سروس جيان پابندين سان ڀرپور نه هجي، جنهن تي ”پِي ٽِي اي“ جي تلوار هر وقت پئي لڙڪندي، جيڪا جڏهن چاهيندي ان سروس جي فراهمي بند ڪري سگھندي، جڏهن چاهيندي ان جي رفتار کي ڍَرو ڪري سگھندي. معنيٰ ”ساڳيا لاٽُون، ساڳيا چُگَھه“