پرڏيهي پاليسي ۾ اسين اتي ئي آھيون جتي بيٺا ھئاسين

تحرير: نديم اختر

معروضي انداز ۾ غور ڪريون ته معلوم ٿيندو تھ نھ ته اسان جا دوست بدلجي ويا آهن ۽ نه ئي انهن اسان سان لاڳاپا ختم ڪيا آهن. اصل حقيقت ھي آھي تھ عالمي ارتقائي عمل ۾ جڏھن نئين حالتن سان مطابقت پيدا ڪرڻ جو مرحلو آيو، ته اسان جي دوست ملڪن وقت ضايع نه ڪيو ۽ پنهنجي پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ جو عمل شروع ڪيو. انهن جي ابتڙ اسان ٻڏ تر جو شڪار رھياسين.ڪو فيصلو نھ ڪري سگھياسين ۽ وقت  اسان جي دوستن کي گڏ وٺي اڳتي وڌي ويو، ان حوالي سان اسان گهڻو پري نه ٿا وڃون، پنھنجي آس پاس جي ڪجهه دوست ملڪن جو جائزو وٺون ٿا.

سعودي عرب سان اسان جو انتھائي گھرو ديني رشتو آهي. جي هر ڏکي گھڙي ۾ ان اسان جي مدد ڪئي آهي ۽ اڄ به رسم نڀائڻ جي  رسم ادا ڪرڻ  جي ڪوشش ڪري ٿو.تيل جي دولت سان مالامال ھر ملڪ چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته وٽس خام تيل جا ذخيرا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ هڪ سنگين خطرو بڻجي ويا آهن. تنهن ڪري، ڌرتيءَ تي زندگي بچائڻ لاءِ تيل ۽ گئس جو استعمال آهستي آهستي ختم ٿي ويندو ۽ ماحول دوست توانائي ان جو متبادل بڻجي ويندي. سعودي عرب اھا  تلخ حقيقت ڄاڻي ورتي ته اهو مستقبل ۾ صرف تيل ۽ گئس جي آمدني جي بنياد تي پنهنجي موجوده حيثيت برقرار نه رکي سگهندو. هاڻي هن وٽ پيٽرول مان ڪمايل ڊالرن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه هو. ان  ادراڪ کان پوءِ هن هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کان سواءِ، پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو اهڙو شاندار عمل شروع ڪيو جو دنيا ڪجهه لمحن لاءِ دنگ رهجي وئي.

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ڪجهه ئي سالن ۾ پنهنجي ملڪ  کي مڪمل  تبديل ڪري ڇڏيو. هن دور رس سڌارا لاڳو ڪيا، عورتن کي اڳ کان وڌيڪ حق ڏنا، انهن کي سماج جي مکيه ڌارا  ۾ شامل ڪيو، قدامت پرستي کي ڇڏي ڏنو ۽ عرب جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثي کي ترقي پسند ۽ جديد انداز ۾ اجاگر ڪيو، جنهن سان سعودي عرب واپار ۽ سياحت لاءِ هڪ پرڪشش ملڪ بڻجي ويو.

جيئن ته سندس ملڪ جي اقتصادي ترقي سعودي ولي عهد جي اولين ترجيح آهي، تنهن ڪري هن نظرياتي،مسلڪي، فرقيوارانه ۽ سرد جنگ جي دور جي تلخي کي ختم ڪرڻ جو دانشمندانه فيصلو ڪيو. آمريڪا سان دوستي وارا لاڳاپا برقرار رکڻ سميت چين ۽ روس سان  ويجهڙائي وڌائي، اهو ڄاڻي ورتو تھ ھن وقت هندستان سيڙپڪاري لاءِ بهترين ملڪ آهي، جتي، خريداري جي طاقت رکندڙ ڪروڙين صارفين کان علاوه، اعليٰ مھارت رکندڙ پيشه ور افرادي قوت، بنيادي انفراسٽرڪچر ۽ گڏيل سيڙپڪاري لاءِ هڪ وڏو ڪارپوريٽ سيڪٽر پڻ موجود آهي. هن هندستان جي خواهشن جو انتظار نه ڪيو، بلڪھ پاڻ ئي  شروعات ڪئي ۽ جلدي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي گهري دوستي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ولي عهد محمد بن سلمان 2019 ۾ هندستان جو پهريون دورو ڪيو ۽ هندستاني وزيراعظم پروٽوڪول کي ھڪ پاسي رکندي هوائي اڏي تي وڃي سندس آجيان  ڪئي. ان دوري دوران سعودي ولي عهد 10 ڪروڙ  ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪيون. سعودي ولي عهد 2023 ۾ هندستان جو ٻيو دورو ڪيو. نريندر مودي 2016 ۾ سعودي عرب جو پهريون ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو. تڏھن کيس سعودي عرب جو اعليٰ ترين سول اعزاز ”ڪنگ عبدالعزيز ايوارڊ “ڏنو ويو. انهن دورن کان پوءِ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم ٿيا، فوجي سربراهن پاران ٻه طرفي دورا ڪيا ويا، گڏيل فوجي مشقون شروع ٿيون، ۽ فوجي لاڳاپن کي مٿين سطح تي وٺي وڃڻ لاءِ هڪ دفاعي تعاون ڪميٽي قائم ڪئي وئي. سعودي عرب هندستان جو چوٿون وڏو واپاري ڀائيوار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 43 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو واپار آهي ۽ ھن وقت سعودي عرب  پاران اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي.

سعودي عرب پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ بنيادي تبديليون به ڪيون آهن. ايران ۽ اسرائيل سان  ڇڪتاڻ  گھڻو گهٽجي ويو آھي. ڪشميربابت بھ  سندس موقف بدليو آهي، جنهن کي هو پاڪستان ۽ هندستان جو ٻه طرفو مسئلو سمجهي ٿو. سعودي عرب پنهنجي ملڪ جي اندروني نظام ۽ بين الاقوامي لاڳاپن ۾ جيڪي غير معمولي تبديليون آنديون آهن، ڪجھ سال اڳ تائين ان جو تصورممڪن ھو ؟

اسان جو ٻيو اهم دوست گڏيل عرب امارات (UAE) آهي، جنهن وڏي تيز رفتاري سان عالمي حالتن سان مطابقت پيدا ڪرڻ  جو مظاهرو ڪيو آهي. يو اي اي فيڊريشن برطانيا جي وڃڻ کانپوءِ1971 ۾ وجود ۾ آيو ھو.ھي اھو ئي سال ھو جڏهن پاڪستان ٻھ ٽڪرا ٿيو هو.رڳو اڌ صدي اڳ، يو اي اي، ٻڙي کان ترقي جي شروعات ڪئي ھئي ۽ اڄ عالمي واپار ۽ سياحت  جو هڪ پرڪشش مرڪز بڻجي چڪو آهي. جديد ترين ترقي جي پئمانن جي حوالي سان يورپ جو شايد ڪو ملڪ  دبئي جي برابر ھجي. يو اي اي جي آبادي ھڪ ڪروڙ ڏھ لک آهي، جڏهن ته 2024 ۾ ھتي جي دوري ڪندڙ جو تعداد ھڪ ڪروڙ ستا اسي لک ھئي. ان جي جي ڊي پي 500 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته اسان جي 24 ڪروڙ واري اسان جي ملڪ جي، جي ڊي پي 374 ارب ڊالر آهي.

يو اي اي بين الاقوامي لاڳاپن ۾ مڪمل غير جانبداري جي پاليسي تي عمل ڪري ٿو، ھو سمورن تڪرارن جي پرامن حل جو حامي آھي ۽ اقتصادي ترقي ھن  جي پھرين ترجيح آھي. ان پاليسي تحت، ھن اسرائيل سان 2020 ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا ۽ انھن کي اڳتي وڌائي ڪري  2022 ۾ اسرائيل سان آزاد واپاري معاهدو بھ ڪري ورتو.ھاڻي ٻنھي ملڪن جا شھري ھڪ ٻئي جي ملڪن  ۾ ويزا کانسواءِ سفر ڪري سگھن ٿا.سعودي عرب وانگر،گڏيل عرب امارات پنهنجي عالمي  واپار ۾ تيل تي ڀاڙڻ گهٽائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، جنهن تحت هو واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ نئين منڊيون ڳولي رهيو آهي. يو اي اي تيزي سان اڀرندڙ هندستاني مارڪيٽ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار 83 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، جنهن کي ٻن سالن ۾ 100 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف آهي.يو اي اي پڻ هندستاني وزيراعظم کي پنهنجي ملڪ جو  اعليٰ ترين سول اعزاز ‘آرڊر آف زيد’ ڏنو. ابو ظهبي ۾ اولهه ايشيا جي سڀ کان وڏي مندر جي سھولت ڏئي، يو اي اي دنيا کي پيغام ڏنو آهي ته اهو مذهبي امتياز کان سواءِ سڀني مذهبن جو احترام ڪري ٿو ۽ ان جا دروازا هر ملڪ لاءِ کليل آهن.

21  صدي جي جديد دنيا جو ھڪ ڪمال اھو بھ آهي ته آبادي ۽ ايراضي ۾ ھڪ تمام ننڍو  ملڪ به پنهنجي وسيلن ۽ جاگرافيائي ھنڌماڳ جي دانشمندي سان استعمال ڪندي عالمي سطح تي پنهنجي ساک ۽ حيثيت مڃرائي سگهي ٿو. قطر ان جو هڪ روشن مثال آهي. قطر جي پکيڙ  صرف 4,400 چورس ميل آهي ۽ آبادي صرف

رڳو ٽيھن لکن کان ٿوري  مٿي آهي. منجھيل هٿياربند تڪرار، بغاوت ۽ گھرو ويڙھ ۾ ملوث سڀئي رياستي ۽ غير رياستي ڌريون ٽياڪڙي لاءِ قطر تي ڀروسو ڪن ٿيون. پاڪستان افغان جنگ ۾ فرنٽ لائن اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪيو، پر قطر آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪئي.اھڙي طرح، قطر حماس اسرائيل تڪرار ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالهين ۾ هڪ اهم  ٽياڪڙ هو. ٽياڪڙي ۾ سھولت لاءِ هن دوحا ۾ طالبان ۽ حماس جون آفيسون قائم ڪيون. قطر جي وڌندڙ بين الاقوامي ساک ان کي تجارتي ۽ سياسي طور تي گهڻو فائدو ڏنو. قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ڪجهه ڏينهن اڳ هندستان جو دورو ڪيو، جتي توقع موجب سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. هن دوري دوران، واپار کي ٻيڻو ڪرڻ، فوري طور تي 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ، ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم ڪرڻ جا اهم فيصلا ڪيا ويا.

قطر نار سھڪار  ڪائونسل جو پنجون ملڪ آهي جنهن هندستان سان اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم ڪيا آهن. قطر تازو ئي پاڪستان سان تمام گهٽ قيمت تي، ايل اين جي فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو، جيڪو حڪومت جي تبديلي کان پوءِ سياسي مخالفن کي بدنام ڪرڻ لاءِ هڪ اسڪينڊل ۾ تبديل ڪيو ويو. هن رويي جو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي منفي اثر پيو، جيڪو صورتحال کي حل ڪرڻ جي سخت ڪوششن جي باوجود اڃا تائين برقرار آهي. قطر کان پوءِ عمان به نئين عالمي حالتن مطابق پنهنجون پاليسيون ٺاهي رهيو آهي.

اسان جو پاڙيسري ۽ ويجهو دوست چين، پنهنجي اندر تبديلي آڻڻ جي بي مثال صلاحيت رکي ٿو. ان تمام ٿوري وقت ۾ دنيا جي ٻي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجڻ جي صلاحيت ثابت ڪئي آهي، هڪ اهڙو ڪارنامو جنهن جي تفصيل لاءِ هڪ الڳ مضمون جي ضرورت آهي.

هو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اسان جي دوست ملڪن دنيا جي ارتقائي عمل جو درست رخ ۾ بروقت اندازو لڳايو ۽ خطرن جي پرواهه نھ ڪندي، پنهنجو ڌيان ان طرف موڙيو. اسان پنهنجن دوستن جي ان دانشمنداڻي عمل تي جي پيروي نھ ڪئي، تنهن ڪري اهي هڪ شاندار مستقبل جي نئين سفر تي هلي پيا ۽ اسان اتي ئي بيٺا رهياسين جتي اسان هئاسين. اسان هن وقت جمود، عالمي اڪيلائي، ۽ معاشي زوال جي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون.  سان کي جلد يا دير سان سخت نظرياتي ۽ سياسي رڪاوٽن کي ٽوڙي ان طرف وڌڻو پوندو جيڏانھن دنيا ۽ اسان جا دوست ملڪ وڃي رهيا آهن.عالمي تنھائي جي  بند رستي ريگستان ۾ ڀٽڪڻ کان بھتر آھي دير جي قيمت چڪائي ڪري اھو ڏکيو ڪم ڪري وٺڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.