سجاول جوڻيجو ڀرسان فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي

سجاول جوڻيجو( رپورٽ:  وحيد علي مگسي) پوليس ٿاڻي جي حد ميرو خان ​​جي  ڳوٺ صاحب خان ڪورائي ويجهو زمين جي تڪرار تان جتوئي ذات  جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو عامر  زيب جتوئي ۽  ڊاڪٽر سڪندر جتوئي جي پراڻي زمين جي تڪرار تي ٻنهي ڌرين جي  هٿيارن جي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني.جنهن جي نتيجي ۾ پيروز خان سناڻي ۽ ارباب ولد ديدار جلباڻي مارجي ويا ۽ رضوان ولد گلشن جلباڻي سخت زخمي ٿي پيا،  جن کي ميرو خان ​​اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته تعلقي سجاول جوڻيجو جي رھواسي شيرل ولد ڌڻي بخش رند  به  زخمي ٿي پيو جنهن  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي ٽراما سينٽر ۾ منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.