سجاول/عمرڪوٽ (رپورٽ: منظور ميمڻ+)سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ٺهڻ جي خلاف ايس ٽي پي جاڳرتا مارچ سجاول شھر پھتو جاڳرتا مارچ جي اڳواڻي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، هوت خان گاڏهي،نثار ڪيريو،جلال شاھ. گلزار سومرو، جمن سنڌي،گل حسن رند ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. اڳواڻن جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت پوري سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي ۽ هاڻي سنڌ جي ماڻھن جو پاڻي وڪرو ڪري سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ گھري ٿي. انھن چيو ته اسين ٽن مھينن کان سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شھر وڃي ماڻھن کي بيدار ڪري رهيا آهيون ته اهو منصوبو سنڌ جي عوام جو اجتماعي قتل آهي،هنن چيو ته اسين سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ جي خلاف سازشون بند ڪيون وڃن .ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي ماڻھن ووٽ ڏيئي آصف زرداري کي صدر بنايو آهي پوءِ به هو سنڌ سان غداري ڪري ڪينالن جي حمايت پيو ڪري هن چيو ته جيڪڏهن توهان ڪينالن جي حمايت ڪرڻ نه ڇڏي ته سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي جي سياست کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندو.هن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي صرف ٻڌائين ته گذريل 15 سالن ۾ هنن سنڌ کي ڇا ڏنو آهي. سنڌ جي ماڻھن کان تعليم، روزگار، صحت سڀ کسي ورتا آهن. سنڌ جا ٻيٽ ڪارونجهر جبل سڀ وڪڻي چڪا آهن،هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پيپلزپارٽي جي سياست سنڌ لاءِ سياسي منافقت واري آھي آصف زرداري سنڌ جي حقن جا سودا پيو ڪري پ پ جي ڇھن ڪئنالن ۽ زمينن جي نيلامي خلاف آھي ته پوء سنڌ اسيمبلي قومي ۽ سينيٽ ۾ قراردادون ڇو نٿي آڻي ٺٽو کاروڇاڻ ڪيٽي بندر سميت ڪيترن علائقن ۾ سمنڊ زمين ڳڙڪائي ويو آھي ،هن چيو ته عمرڪوٽ جي لکين ايڪڙ زمين ڪمپني کي ڏيڻ هڪ سنگين غلطي آهي ۽ سنڌ جي 20 لک ايڪڙ زمين پڻ اهڙي طرح ورهائجي رھي آهي، هي سراسر غنڊه گردي آهي، هن چيو ته سنڌ جي عوام کي انهن جا مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، قادر مگسي اعلان ڪيو ته سنڌ جي عوام جو احتجاج رڪجڻ وارو ناهي ۽ اڄ 24 فيبروري تي حيدرآباد ۾ هڪ تاريخي احتجاج ڪيو ويندو،