ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن جا اصل ذميدار ڪير آھن ؟

تحرير: ڊاڪٽر نعمان احمد

گذريل ڪجهه هفتن دوران ڪراچي ۾ ڪيترائي ٽرئفڪ حادثا ٿيا آهن، جنھن ۾ڪيترائي ماڻهو تيز رفتار ڊمپرن، ٽرڪن ۽ پاڻي ٽينڪرن جي ٽڪر ۾ آيا آهن. اهڙي صورتحال سبب ماڻھن ۾ڪاوڙ پيدا ٿيڻ عجب جي ڳالھھ نھ آھي. جنهن جو اظهار هنن ڳري ٽرئفڪ کي باهه ڏئي ڪيو.

1985ع  ۾ ناظم آباد ۾ بشريٰ زيدي جي حادثي کان وٺي ڪجهه مهينا اڳ ڪارساز روڊ تي عمران عارف ۽ سندس ڌيءَ آمنه عارف جي المناڪ موت تائين، ڪراچي ۾ ٽرئفڪ حادثن جي ڊگھي فهرست  آهي. جيڪي ماڻهو انهن حادثن مان بچي ويا آهن اهي سڄي زندگيءَ معذوري يا ذهني صحت جي مسئلن جو شڪار آهن. وڌندڙ عوامي دٻاءُ تي حڪومت ‘روڊ چيڪنگ ڪميٽي’ ٺاهي آهي جيڪا گاڏين جي فٽنيس جي جانچ ڪندي ۽ روڊن جي مجموعي حفاظت جي نگراني ڪندي.

ٽريفڪ  جو انتظام شهري حڪومت جي ذميواري آهي.شھر ۾ گاڏين جي اچ وڃ کي سنڀالڻ، مال بردار گاڏين کي منظم ڪرڻ ۽ ٽريفڪ  ڏوهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي ذميداري ٽريفڪ پوليس جي آھي.اھا  پوليس هاءِ ڪمانڊ ۽ لاڳاپيل صوبائي کاتي وٽ جوابده آهن.

عام طور تي ڏٺو وڃي ٿو ته ٽريفڪ پوليس اھلڪار سنيپ چيڪ ڪرڻ ۾ لاپرواهي ڪندا آهن. اهي موٽرسائيڪلن، رڪشائن، ننڍين گاڏين، پڪ اپ گاڏين ۽ ڳري ٽرئفڪ وغيرا جي ڳولا ۾ھوندا آهن. پنهنجن اعليٰ عملدارن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ، نامڪمل ڪاغذن تي چالان ڪيا ويندا آهن. ٻئي طرف، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون گاڏيون جيڪي عام طور تي ٽرئفڪ ضابطن کي کنگھنديون  ئي نھ آھن. بي مقصد سائرن جو استعمال ڪن ٿيون، انهن کي ٽرئفڪ پوليس آفيسرن وڃڻ  جي اجازت ڏيندا آهي.پر انھن ننڍي عمر جي، بغير لائسنس جي پر امير خاندانن جي ٻارن کي روڪي نٿو سگھجي.جيڪي تيز رفتاري سان پنهنجون لگزري  گاڏيون ھلائي رھيا ھوندا آھن.

ڪارن شيشن وارين  گاڏين جو بھ اھو ئي معاملو آهي. بغير نمبر پليٽ جي گاڏين کي پڻ ڇڏيو ويندو آهي. مصروف شاهراهن تي اڪثر گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون سامھون کان تيز رفتاري سان گذرندي نظر اچن ٿيون.

تيز رفتار گاڏين سان ٽڪرائڻ کان پوءِ قانون جي پاسداري ڪندڙ ڊرائيورن جي ھڪ بھ نھ ھلندي آھي.  روڊن تي ٿيندڙ اڪثر بحث ۾ اھو ئي فاتح ٿيندو آهي جنھن جو آواز وڏو ھوندو آھي يا وري جيڪو وڌيڪ طاقتور ھوندو آھي.پلين ۽ اوور پاسز جي هيٺان عوامي ھنڌ رڪشا اسٽينڊن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. اهڙيون گاڏيون اڪثر (13 کان 19 سالن جا نوجوان ) هلائيندا آهن جيڪي قانون جو خيال نھ ڪندا آھن.

ساڳئي وقت ڪراچي جي ميئر کي تازو شڪايت ڪندي ڏٺو،جيڪا کل جھڙي ڳالھھ آھي. ميونسپلٽي عوامي جڳهن ۽ مختص ڪيل شاهراهن جي حفاظت جي ذميوار آهي. پر عام وڏن شاهراهن جي  پيادل ھلندڙ وارن لاءِ فوٽ پاٿ ٽٽل ۽ حددخلين سان ڀريل آهن. اهڙي صورتحال ۾ پيادلن کي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ٻارن ۽ والدين کي  ھلندي گاڏين وچ مان پنھنجو رستو پاڻ ٺاھڻو پوندو آھي.تھ جئين اھي صدر يا ٻين مصروف علائقن ۾ واقع اسڪولن تائين پهچي سگھن.روڊن کي ويڪرو ڪرڻ جي منصوبن سبب گاڏين جي لين کي تھ ويڪرو ڪيو ويو آهي، پر فٽ پاٿ سوڙھا ٿي ويا آهن.

بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جي تعمير، ڪيترن ئي هنڌن تي رستي تي ھلندڙن جي لاءِ مختص رستن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه علائقن جهڙوڪ ڊي ايڇ اي ۾ تھ  پيادلن لاءِ ڪو به فٽ پاٿ نه ٺاهيو ويو آهي. ڊي ايڇ اي کي ڪلفٽن سان ڳنڍيندڙ خيابان شاھين، ان جو هڪ مثال آهي. ان کان علاوه سائيڪل سوار۽ گاڏين جي آمدرفت جي لاءِ استعمال نھ ڪندڙ ماڻھن جو  سفر ڪرڻ ناممڪن آهي.

رستن تي ڪاوڙ ڪرڻ  تي جو رويو عام آهي. ماڻهو تيز رفتار گاڏين جو پيڇو ڪن ٿا، روڊ مٿي گاڏين بيھاري وڙھن ٿا، ٽرئفڪ لائيٽن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، انھن ڊرائيورن کي ھراسان ڪيو ويندو آھي جيڪي اسٽاپ سائن  تي ٽرئفڪ قانونن جي پيروي ڪن ٿا. روڊ پار ڪندڙ پيادلن کي ڊيڄاريو وڃي ٿو ۽ فوٽ پاٿ تي پارڪنگ جهڙا منظر هن شهر ۾ عام آهن.

موٽرسائيڪل سوار پڻ غلطيون ڪن ٿا. گھڻا انڊيڪيٽر ڏيڻ  سواءِ تيز رفتاري سان لين تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن يا گھڻا  مسافرن ويھاري موٽرسائيڪل هلائيندا آهن، هيلمٽ نه پائيندا آهن، ۽ موٽرسائيڪل  روڪڻ کان سواءِ موبائل فون استعمال ڪندا آهن.مال بردار گاڏين جا ڊرائيورز ۽ موٽرسائيڪل سوارن  سان ڳالهايو ته، واضح ٿي ويندو ته انهن مان گھڻن کي ٽريفڪ قانونن ۽ ضابطن جي بنيادي ڄاڻ به ناهي.

هاڻي تھ سرڪاري عمل مان گذري  ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ کي به غير ضروري سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ٽريفڪ پوليس آفيسر اهڙن ماڻهن کي روڪيندا آهن  ته اهي چڱي طرح ڄاڻندا آهن ته اھلڪارن  سان ڪيئن ڊيل ڪرڻي آھي. ڳري ٽرئفڪ جا ڊرائيور يا لگذري گاڏي،ايس يو وي جا مالڪ تيز ڊرائيونگ تي يقين رکن ٿا.انهن جون گاڏيون قابو کان ٻاهر ٿي وڃن ته روڊن تي سخت زخمي يا موت جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.لگذري گاڏين جي پٺيان سوار گارڊ ٽرئفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڊرائيورن کي پڇا ڳاڇا کان بچائي وٺندا آهن.

هي انتھائي خراب صورتحال آهي جنهن لاءِ فوري ۽ اثرائتي قدمن جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ هڪ نالي ماتر ڪميٽي جو قيام گهڻو اثرائتو ثابت نه ٿيندو. رهواسين، دڪاندارن، اسڪول ويندڙ ٻارن  جي والدين يا سڀني عام شهري جن کي هر روز روڊن تي خراب حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، انهن کي حل ڳولڻ جي عمل ۾ حصو وٺڻ گهرجي.ڪراچي کي هڪ ”سٽيزن ٽرئفڪ لائزن ڪميٽي“ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سول سوسائٽي جا ميمبر ۽ ماهر شامل هجن جيڪي ٽرئفڪ جي چئلينجن جو معائنو ڪن، حل ڳولين ۽ انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اسان پنهنجي روڊن تي وڌيڪ افسوس ناڪ سانحا برداشت نٿا ڪري سگهون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.