ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا مان غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ واري معاملي کي ملڪ جي اهم پاليسي بڻائي ڇڏيو آهي ۽ جنھن بعد اٽڪل 18 ھزار اھڙن ھندستانين جي نشاندھي بھ ڪئي وئي آھي.گذريل هفتي نريندر مودي چيو هو ته هندستان آمريڪا ۾ غير قانوني طور ويل پنهنجن شهرين کي واپس وٺندو ۽ "انساني اسمگلنگ جي نظام” خلاف بھ ڪريڪ ڊائون ڪندو.آمريڪا ۾ ڪيترا غير قانوني هندستاني آهن؟ آمريڪا جي ھڪ اداري موجب ھندستان پنجون نمبر ملڪ آھي،جنھن جا لڳ ڀڳ پوڻا چار لک شهري آھن.جيڪي غيرقانوني آيا آھن.هوم لينڊ سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ جي سرڪاري ڊيٽا مطابق 2022 ۾2لک 20 ھزار ھندستاني شھرين قانون جي لتاڙ ڪندي آيا.
پناهه وٺندڙ هندستاني ڪير آهن؟ آمريڪي اميگريشن سسٽم سرحد تي تحويل ۾ ورتل ماڻهن جي اعتبار جوڳي قابل اسڪريننگ جي اجازت ڏئي ٿو. جيڪي پنهنجن ملڪن ۾ ظلم جي ڪري اتي آيا آهن يا جيڪي پناهه ڳولي رهيا آهن. جيڪي پاس ٿين ٿا اهي عدالت کان پناهه جي درخواست ڪن ٿا، نتيجي ۾ پناهه جي درخواستن ۾ اضافو ٿيو ۽ گڏوگڏ سرحدي خدشا به وڌيا.ڊيٽا هندستاني پناهگيرن جي صحيح آبادي کي ظاهر نٿو ڪري.پر ٻين حوالن سان گڏ ڪيل انگن اکرن موجب2001 کان وٺي هندستاني پناهگيرن جي درخواستن ۾ واڌ ٿي ۽ انھن ۾ بھ پنجابي ڳالهائيندڙن جو غلبو رهيو آهي.سال 2001-2022 دوران پناه جي لاءِ 66 سيڪڙو ڪيس داخل ٿيا. جنهن ۾ پنجاب ۽ پاڙيسري رياست هريانا کي مهاجرن جا مکيه ذريعا سمجهيو ويندو هو.پناھ بابت درخواستن جو لاڙو ڪئناڊا، برطانيه ۽ آسٽريليا ۾ بھ ڏٺو ويو.جتي هندستاني شهري پناهه جي طلب ڪندڙ سڀ کان وڏي گروهه ۾ شامل آهن.
ٽرمپ جي ٻئي دور ۾ پناهگيرن جون درخواستون گهٽجڻ جو امڪان آهي پهرين هفتي اندر، مهاجرن لاءِ هڪ اهم ايپ بند ڪئي وئي ۽ ايپ اسٽورن تان هٽائي وئي، نتيجي ۾ تقريبن ٽي لک التوا ۾ يا رد ڪيون ويون آھن.آمريڪي ڊيٽا موجب هندستان مان گهڻا پناهگير پنجابي ۽ گجراتي آهن، جيڪي وڌيڪ خرچ برداشت ڪري سگهن ٿا.هندستان جا ماڻهو غير قانوني طريقن سان آمريڪا ڇو اچن ٿا؟ ماهرن جو چوڻ آهي ته وڌندڙ پناهگيرن جي درخواستن جو تعلق هندستان ۾ ‘جمهوري سسٽم جي پوئتي هٽڻ’ سان ٿي سگهي ٿو، پر اهو سبب ناهي.پنجاب ۽ گجرات ۾ لڏپلاڻ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جتي مهاجر نه رڳو آمريڪا ڏانهن پر برطانيه، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا ڏانهن پڻ ويندا آهن.ڪيترا هندستاني شهري ملڪ بدر ڪيا ويا آهن؟
هندستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت موجب، 2009 ۽ 2024 جي وچ ۾ لڳ ڀڳ 16 ھزار شهري ملڪ بدر ڪيا ويا.صدر اوباما جي دور ۾ هر سال سراسري طور تي 750 ماڻهن کي ملڪ بدر ڪيو ويو، ٽرمپ جي پهرين دور ۾ ساڍا 15 ھزار ۽ بائيڊن جي دور ۾ 9 ھزارن کي ملڪ بدر ڪيو ويو. سال 2023 ۽ 2024 جي وچ ۾ هندستاني مهاجرن جي ملڪ بدري جو تعداد وڌيو، پر 2020 ۾ لڳ ڀڳ 2,300 مهاجرن کي ملڪ بدر ڪيو ويو.