ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۾ به ڊمپر ڊرائيور ماڻهو مارڻ لڳا؟

عوامي آواز حيدرآباد جي رپورٽر حسيب لطيفي جي رپورٽ آهي ته حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ڊرائيور شهرين جي زندگين سا کيڏڻ لڳا آهن. ڊمپرن جي ٽڪر ۾ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن انسان جي جان وڃڻ معمول بڻجي ويو آهي. گذريل ٽن مهينن دروان  حيدرآباد ضلعي اندر تيز رفتار ڊمپرن جي حادثن ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن. جڏهن ته 12 کان  وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.جنهن سبب شهرن ۾ ڊمپر ڊرائيورن جي موت مار ڊرائيونگ سان خوف ڇائنجي ويو آهي، پر رپورٽن موجب ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل انتظاميا اڃان  تائين ڊمپرن جي حادثن ۾ مارجي ويل ماڻهن جو نوٽيس ناهي ورتو ويو. ڊمپر ڊرائيورن جي تيز رفتاري سبب اهي گاڏيون موٽر سائيڪلن، رڪشائن، چنگچين،  سوزوڪين، ڪارن، گڏهه گاڏن مٿان چڙهي وڃن ٿيون ۽ ماڻهو ماري ڇڏين ٿيون جڏهن ته ڊمپر ڊرائيور پاڻ وڏين گاڏين جي مٿانهين سيٽن تي  ويهڻ ڪري پاڻ بچي وڃن ٿا، تنهن ڪري شايد کين ننڍين گاڏين ۽ موٽر سائيڪل سوارن جي زندگين جو ڪو احساس نه ٿو رهي.

 اها ڪيڏي نه حيرت  جي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت کان ٽريفڪ جو اهو معمولي مسئلو به حل نه ٿو ٿئي جڏهن ته ان  بنياد تي پ پ جي مخالف سياسي جماعتن کي سياست ڪرڻ جو سونهري موقعو ملي ويو آهي. جڏهن پ پ  کي ڪراچي  جي ميئرشپ ۽ مڪاني نظام سنڀالڻ جو موقعو مليو ته اسان جو خيال هو ته پ پ ان کي پنهنجي لاءِ سونهري موقعو ڀائيندي مجموعي طور تي ڪراچي جي مالڪي ڪري ثابت ڪندي ته ان ڪراچي کي ايم ڪيو ايم جي انتظامي دور کان بهتر طريقي سان سنڀاليو آهي ۽ ائين اها ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ به ٺاهيندي پر افسوس ته پ پ ڪراچي ڏانهن اها سنجيدگي نه ڏيکاري سگهي آهي. نه اها ڪراچي جو پيئڻ  واري پاڻي جو مسئلو 15 سالن کان حل ڪرائي سگهي آهي نه ئي بجلي ۽ گيس جا بحران ختم ڪرائي سگهي. اڃان به ائين چئجي ته ان انتظامي طور ڪراچي کي لاڙڪاڻي جهڙو گدلو بڻائي ڇڏيو آهي، نالن ۽ گٽرن جي گندي پاڻي جو رستن تي بيهڻ، کليل گٽر، گندن جا ڍير ۽ مٿان وري وڌندڙ ٽريفڪ حادثا خاص ڪري هيوي گاڏين ۽ ڊمپر جو ڏينهن ڏٺي جو روڊن ۽ شاهرائن تي اچڻ غير قانوني عمل هو جنهن سبب حادثن ۾ اضافو ٿيو.

 سنڌ حڪومت بجاءِ ان جي ته ڊمپرن ۽ هيوي گاڏين جي حادثن کي روڪڻ لاءِ غير معمولي ۽ هنگامي نوعيت جي  ڪارڪردگي ڏيکاري ها رهندو اهو معاملو يعني ڊمپر گاڏين بجي حادثن جا واقعا حيدرآباد ۾ به ٿيڻ لڳا آهن. سو ڪراچي جي ٽريفڪ جو انتظام  هجي يا حيدرآباد جو سنڌ حڪومت کي ٻنهي وڏن شهرن جي ٽريفڪ  انتظام کي بهتر ڪرڻ ۽ ان قسم جي حادثن کي روڪڻ جو فوري ۽ سخت انتظام ڪرڻو پوندو.

ٻي صورت ۾ پ پ جون مخالف سياسي جماعتون خاص ڪري ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي وارا انهن اشوز جو فائدو وٺندي پ پ جي سنڌ حڪومت خلاف ڪمزور ڪارڪردگي ۽ بيد گورننس تي سياسي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندي تنهن ڪري به  ۽ عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي اولين فرض تحت سنڌ حڪومت کي پنهنجي حڪومتي ۽ انتظامي ڪارڪردگي ڏانهن غير معمولي توجهه ڏيڻي پوندي. سنڌ حڪومت کي هونئن  ئي هاڻي مهڻا ملڻ لڳا آهن ته پنجاب جي پهريون دفعو وزيراعليٰ بڻيل مريم نواز جي ڪارڪردگي لاڳيتو ٽي ڀيرا سنڌ جي بڻيل وڏي وزير مراد علي شاهه کان سئو ڀيرا بهتر آهي. سو پ پ حڪومت کي ان حوالي سان به پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻي پوندي

  • ڪتي جي قبر ۽ سنڌ بلوچستان جي سرحدي تڪرار وارو معاملو

رپورٽون آهن ته بلوچستان جي حڪومت کير ٿر رينج ۾ موجود ڪتي جي قبر تي ليويز اهلڪار ويهاري سنڌ جي سرحدي دنگ تي قبضو ڪيو آهي. جڏهن ته تازو سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ”ڪتي جي قبر“ کي قومي ورثو قرار ڏئي اتي سياحت کي هٿي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي  فيصلي کانپوءِ بلوچستان جي حڪومت ڪتي جي قبر تي دعويٰ ڪئي آهي.

 ڪتي جي قبر واري ان جاگرافيائي علائقي تي تاريخي طور به تڪرار رهيو آهي. سنڌ جو دانشور طبقو ان علائقي کي سنڌ جو تاريخي  ۽ اٽوٽ حصو قرار ڏيندو رهيو آهي . جڏهن ته بلوچستان جي حڪومت ان کي پنهنجي ملڪيت قرار ڏيندي  رهي آهي. اهو مسئلو ۽ تڪرار 1900ع کان هلي رهيو آهي جڏهن ته انگريزن جي حڪومت 1916ع ۾ ڪتي جي قبر کان مٿي  سيمينٽ جو ٺهيل هڪ دڪو ٺاهيو هو جيڪو اصل ۾ سنڌ بلوچستان جو دنگ ڏيکاري پيو . جڏهن ته رپورٽن موجب 1980ع جي ڏهاڪي ۾ اهو دڪو ڊاهي اهو تاريخي ثبوت ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.

جڏهن ته سنڌ جا تاريخدان پنهنجن ڪتابن ۾ ڪتي جي قبر واري علائقي کي سنڌ جي ملڪيت قرار ڏيندا رهيا آهن. سنڌ جي عاشق ۽ نامياري دانشور انور پيرزادي هڪ  لکڻيءَ ۾ سال 2002ع ۾ ان خدشي جو اظهار ڪيو هو ته جيڪڏهن سنڌ سرڪار ويران پيل هن حسين جابلو تفريح گاهه کي ائين ئي نظرانداز ڪندي رهي ته پوءِ هي ماڳ سنڌ جي هٿن مان هليو ويندو. انور پيرزادي صاحب اهو به لکيو هو ته ڪتي جي قبر واري علائقي تي پنهنجي دعويٰ رکڻ لاءِ هڪ ته ان ماڳ تي سنڌ حڪومت سرگرمي ڏيکاري ۽ ٻيو قمبر ضلعي جي چانڊين نوابن کي خاص رول ادا ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ  ته ڪتي جي قبر وارو علائقو هميشه کان وٺي سندن جاگير ۾ اچي ٿو.

سو سنڌ حڪومت جيڪڏهن شروع کان ئي ڪتي جي قبر ۽ سنڌ بلوچستان دنگ تي انگريز حڪومت جي ٺاهيل سيمنٽ واري دڪي کان جاگرافيائي حد جي مالڪي ڪري ها ته بلوچستان حڪومت کي  ملڪيت واري دعويٰ نه ڪرڻي پئي ها پر جيڪڏهن هاڻي به اها دعويٰ  ڪري ٿي ته سنڌ حڪومت ۽ قمبر جي چانڊيا نوابن کي اڳتي اچي ان تڪرار کي هميشه لاءِ نبيرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.