ڳوٺ سائينداد لاشاري ۽ ڳوٺ مراد علي لاشاري قبضا مافيا کان بچائي ڏنا وڃن

اسان جا ٻه ڳوٺ سائينداد لاشاري ۽ مراد علي لاشاري جيڪي ضلعي ٽنڊو محمد خان، تعلقي ٽنڊو غلام حيدر ۽ ديهه جمعو جکرو ۾ آهن سي هن وقت قبضا مافيا جي حوالي ٿي ويا آهن جيڪي هٿيارن ۽ ڏاڍائي جي زور تي ڳوٺن تي قبضن لاءِ ڳوٺاڻن جا رستا بند ڪري ويهي رهيا آهن. جڏهن ته اهي ٻئي ڳوٺ قديم ۽ سند يافته آهن. هنن ڳوٺن جي وڏي سڀاڳو خان جتوئي کي هٿن سان سنڌون ڏنيون ويون هيون. هنن ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول، قبرستان ۽ امام بارگاهه توڙي عيد گاهه پڻ آهي هنن ڳوٺن خاص ڪري ڳوٺ مراد علي لاشاري تي مافيا قبضو ڪري ان زمين مان مٽي کوٽي وڪري ڪرو رهي آهي.ويجهڙ اسان جي ڳوٺ ۾ يوسي چيئرمين پڪا رستا ۽ پڪيون گهٽيون منظور ڪرائي انهن تي ڪم به  ڪرائي رهيو هو پر قبضا مافيا هٿيارن جي زور تي ڪم لاءِ آيل سرڪاري مشينري سان جهيڙو ڪري گارگند ڏئي ڪري واپس موٽائي ڇڏيو آهي. سو اسان جي حڪومت کي گذارش آهي ته اسان جي انهن ٻن ڳوٺن سائينداد لاشاري ۽ مراد علي لاشاري کي قبضا مافيا کان بچائي ڏنا وڃن،  ڳوٺاڻن کي تڪليف ۽ اذيت کان بچايو وڃي. ۽ ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

پاران: ارباب علي ولد سائينداد لاشاري، رسول بخش لاشاري، محمد صالح لاشاري، محبوب علي لاشاري، محمد سومار لاشاري ۽ ٻيا ڳوٺاڻا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.