عالمي سطح تي خوراڪ جي گهٽتائي حقيقت يا سازش

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

 مستقبل ۾ ڌرتيءَ جي وسيلن جي کوٽ ۽ گرين هائوس افيڪٽ جو جواز ڄاڻائي ڪجهه NGO’s ۽ امير ترين ماڻهن طرفان انسان ذات کي پنھنجون غذائي عادتون تبديل ڪرڻ جا پيغام ڏنا وڃن ٿا، جن ۾ سرِفھرست گوشت نه واپرائڻ جو سبق آهي. هن سلسلي ۾ بل گيٽس هيئن چئي ٿو:

”پر اسان گوشت کائڻ کي گهٽائي سگهون ٿا، جڏهن ته اڃا پوءِ به گوشت جي لذت مان مزو وٺي سگهون ٿا، هڪ ٻوٽن تي آڌاريل گوشت آهي، يعني ٻوٽن جون خوراڪون جن کي گوشت جو ذائقو نقل ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان مشين مان تيار ڪيو ويو هوندو آهي. مان اهڙين ٻن ڪمپنين ۾ سيڙپڪار آهيان، جن جون ٻوٽن تي مبني گوشت جون شيون هاڻي مارڪيٽ ۾ موجود آهن: بيانڊميٽ (Beyond Meat) ۽ امپاسيبل فوڊس… ان ڪري مان جانبدار آهيان پر مون کي اهو چوڻو آهي ته مصنوعي گوشت تمام سٺو آهي“.

(بل گيٽس: هائوٽ اوائڊ اي ڪلائيميٽ ڊساسٽر 2021)

دنيا جا امير ترين ماڻهو اها دعويٰ ڪن ٿا ته ”مستقبل جي خوراڪ اڳ ئي قانوني اجازت نامو ورتل / طئي ٿيل (Patented) آهي“.

آمريڪي صدر جوبائيڊن چئي ٿو ”خوراڪ جي ڪمي حقيقي آهي“. (بائيڊن بليمس رشيازواران يوڪرين فار فوڊ شارٽيجز اينڊ پرائيس هائيڪس: ميگن ويسڪئليز اينڊ سام فوسم)

ڪيترن ئي ملڪن، خوراڪ جي برآمد (Export) تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، جيئن مولڊووا، هنگري.

روس ۽ يوڪرين، عالمي ڪڻڪ جي رسد جو تقريباً ٽيون حصو مهيا ڪندا آهن، جنهن ۾ انھن وچ ۾ جنگ جي ڪري وڏو رخنو پئدا ٿي ويو آهي. هن جنگ ۾ آمريڪا طرفان يوڪرين جي حمايت جو هڪ سبب ان جي اناج پئدا ڪندڙ زرخيز زمين به آهي جنهن جو ٽيون حصو خوراڪ وڪرو ڪندڙ آمريڪا جي ٻن وڏين ڪمپنين خريد ڪيو آهي.

دنيا جا شاهوڪار ملڪ ۽ امير ترين ماڻهو هن بحران جو الزام موسمياتي تبديليءَ مٿان هڻي رهيا آهن. ان جو حل هو اهو ٻڌائي رهيا آهن ته گوشت کائڻ بند ڪيو، ان جي بدران هو عجيب و غريب نسخا ٻڌائي رهيا آهن.

آمريڪا ۾ 2022 ۾ خوراڪ پئدا ڪندڙ هنڌن/ مرڪزن کي باهه لڳي جيڪا ويسٽرن اسٽيندرڊ اپريل 2022 ۾ هڪ مضمون ۾ ڇاپي. انهن مرڪزن مٿان جھازن جو ڪرڻ، انھن کي باهه جو وڪوڙڻ ۽ انھن ۾ ڌماڪا ٿيڻ محض اتفاق هئا يا دهشتگردي هئي، ان جو فيصلو اڃان نه ٿي سگهيو آهي. (دي گريٽ ريسيسٽ اينڊ دي وار فار دي ورلڊ: ايليڪس جونس).

عالمي اميرن جو منصوبو اهو آهي ته عالمي خوراڪ جي رسد کي غيرمستحڪم بڻائجي ته جيئن دنيا جي آباديءَ مٿان مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي ۽ پنھنجي ايجنڊا تي عمل ڪجي. هينري ڪسنجر چيو ”جيڪو خوراڪ جي رسد مٿان ڪنٽرول ڪندو آهي، اهو ماڻهن تي ڪنٽرول ڪندو آهي، جيڪو توانائي مٿان ڪنٽرول ڪندو آهي، اهو سڄن کنڊن تي ڪنٽرول ڪري سگهندو آهي، جيڪو پئسي تي ڪنٽرول ڪندو آهي، اهو دنيا تي ڪنٽرول ڪري سگهندو آهي“.

(قوٽ فينسي: هينري ڪنسجر 2022)

خوراڪ جي رسد جي زنجير، ڪووڊ 19 وبا جي زماني ۾ عالمي سطح تي تباهه ڪئي وئي. هاڻي ڀاڻ / فرٽيلائيزر جي عالمي برآمدات، روس – يوڪرين جنگ جي ڪري تباهه ڪئي پئي وڃي WEF مطابق ڪووڊ 19 وبا جي ڪري لاڪ ڊائون (ڪڙا چاڙهڻ) سموري دنيا ۾ شھرن کي ڪافي بھتر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حقيقت هيءَ هئي ته لکين ماڻهو بي روزگار ٿي رهيا هئا، خوراڪ ۽ ٻين شين جي رسد جي زنجير ٽُٽي رهي هئي، لکين ماڻهو غربت ۾ ڌڪجي رهيا هئا، ماڻهو خوڪشيون ڪري رهيا هئا ۽ نشي آور دوائون واپرائي رهيا هئا پر هو اهو چئي رهيا هئا ته ڌرتي سيارو حقيقت ۾ بھتر ٿي رهيو آهي.

خوراڪ جو واپار (Food Business) آڱرين تي ڳڻڻ جيترين وڏين ڪارپوريشنن جي ڪنٽرول ۾ آهي. گرين پيس جي ويب سائيٽ تي رکيل هڪ مضمون مطابق”ڇهه ڪارپوريشنون – مونسانٽو، ڊوپونٽ، ڊو، سنجينٽا، باير ۽ باسف، دنيا جي جيت مار دوائن  جي مارڪيٽ جو 75 سيڪڙو ڪنٽرول ڪن ٿيون. فئڪٽري فارم عالمي پئماني تي 72 سيڪڙو پولٽري پئداوار، 43 سيڪڙو انڊن جي پئداوار ۽ 55 سيڪڙو سوئرن جي پيداوار ڪن ٿا، رڳو چار ڪارپوريشنون اي ڊِي ايم ، بُنجي ، ڪارگل  ۽ ڊريفس عالمي اناج جي واپار جو 75 سيڪڙي کان وڌيڪ تي ڪنٽرول ڪن ٿيون“.

مٿئين معلومات مان هڪ ماڻهو آسانيءَ سان اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته خوراڪ جي صنعت تي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترين ڪارپوريشنن جي هڪ هٽي ۽ اجاره داري قائم ٿيل آهي. دنيا ۾ نام نھاد نيڪ ۽ ڀلائيءَ جا ڪم ڪندڙ امير ترين ماڻهو بِل گيٽس آمريڪا ۾ فارم زمين جو وڏي ۾ وڏو مالڪ بڻجي ويو آهي. هو 242000 ايڪڙن کان وڌيڪ فارم زمين جو مالڪ آهي. (نوح مانسڪر نيو يارڪ پوسٽ 2021). ان مان لڳي ٿو ته هو هينري ڪسنجر جي ڳالهين جي مڪمل پوئواري ڪري رهيو آهي.

ورلڊ ايڪانامڪ فورم (WEF) چئي ٿو ته توهان ڪنھن به شيءِ جا مالڪ نه هوندئو ۽ خوش هوندو، ته پوءِ بل گيٽس ايتري زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڇو پريشان آهي، ڇا ان جو مطلب اسان اهو ڪڍون ته ”اسان ڪنھن به شيءِ جا مالڪ نه هونداسين پر هو (امير ماڻهو) هر شيءِ جا مالڪ هوندا“.

هنن سوچي رکيو آهي ته مستقبل ۾ توهان ڪنھن به شيءِ جا مالڪ نه هوندئو ۽ بل گيٽس توهان جو وڏيرو هوندو. دنيا جا ھي امير ترين ماڻهو نه ٿا چاهن ته اسان گوشت کائون. عالمي ليڊر  اهو چون ٿا ته دنيا کي بچائڻ لاءِ اسان کي هڪ سياراتي صحت بخش خوراڪ  واپرائڻ گهرجي.

WEF جو 2019 ۾ ڇپيل هڪ مضمون هيئن ٿو چئي:

”مغربي دنيا جي خوراڪن ۾ مکيه تبديلي، ان جي وڏي گوشت (Red Meat) جي واهپي ۾ ايندي، جنھن کي صرف 14 گرام في يوميه (يعني رڳو 30 ڪئلرين) تائين گهٽايو ويندو، جيڪو هڪ مثالي پڪل گوشت جي هڪ گرهه جي برابر هوندو. نشاستي وارين سبزين کي 50 گرام في يوميه تائين ۽ مڇيءَ کي 28 گرام في يوميه تائين محدود ڪيو ويندو“.(ڪيٽ وهٽنگ: واءِ وئي آل سينڊ ٽه گو آن دي ’پلينيٽري هيلٿ ڊائيٽ‘عالمي پئماني تي خوراڪ جي ڪمي…….. حقيقت يا سازش ٽه سيو دِي ورلڊ). يعني مغربي ماڻهن لاءِ گوشت جو هڪ گرهه، جاپاني ۽ ايشيائي ماڻهن لاءِ مڇيءَ جا ٻه گرهه ۽ آفريڪي ماڻهن لاءِ ساڍا ٽي گرهه، سي به پٽاٽن ۽ سبزين جا، اها هوندي سياراتي صحت بخش خوراڪ، جيڪا گوشت جي واهپي کان ٻوٽن ۽ سبزين جي واهپي ڏانهن منتقل ڪئي ويندي. هن خوراڪ کي دنيا جي 37 ماهرن تشڪيل ڪيو آهي، ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ ته اسان ايندڙ وقت ۾ ڏهه ارب ماڻهن کي ڪيئن کاڌو کارائينداسين، 2050 تائين ڌرتي سياري کي تباهه نه ڪندي.

تحقيق ۾ اهو ثابت ٿيو آهي ته گوشت واپرائڻ جو سڌو سنئون تعلق انسانن جي ذهانت سان آهي. هو گوشت کي انسانن جي خوراڪ مان نيڪالي ڏيڻ چاهن ٿا، ڇا لاءِ ته گوشت انسانن کي ذهين بڻائيندو آهي. ٽائيم مئگزين ۾ ڇپيل هڪ مضمون چئي ٿو،

”جيئن رسالي ’نيچر‘ ۾ ڇپيل هڪ نئون اڀياس اها ڳالهه چٽي ڪري ٿو ته نه رڳو گوشت کي ٺاهڻ ۽ کائڻ فطري طور انسانن کي اچي ٿو، اهو مڪمل طور تي ممڪن آهي ته هڪ شروعاتي خوراڪ کانسواءِ جنھن ۾ جانورن جي گوشت جو چڱو مقدار شامل هو، اسان انسان نه بڻجي سگهون ها، گهٽ ۾ گهٽ جديد ڳالهائڻا ذهين انسان جيڪي اسان آهيون“.

ان ڪري اهو گوشت ئي هو جنهن اسان جي ذهانت ۾ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ۾ زبردست واڌ ڪئي. هاڻي جيڪڏهن اڄوڪي جديد انسان جي خوراڪ مان گوشت ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا انسان گهٽ ذهين نه ٿي ويندو؟

2020 ۾ بي بي سي هڪ تحقيق رپورٽ ڪئي، جنهن ۾ سبزي خور (Vegetarians) ۽ گوشت خور ٻارن جي ذهانت جو هڪ تجربي ۾ تقابلي جائزو ورتو ويو جنھن مان ثابت ٿيو ته گوشت کائيندڙ ٻارن، سبزي خور ٻارن جي ڀيٽ ۾ بھتر ذهني ڪارڪردگي ڏيکاري. جيتوڻيڪ هن اڀياس جي نتيجن کي بالغ انسانن مٿان لاڳو ڪرڻ لاءِ اڃان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، پر هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته گوشت جو استعمال اعليٰ ذهني ڪم (Higher Intellectual Function) سان جڙيل آهي. ڪجهه شاهديون اهو تجويز ڪن ٿيون ته سبزي خوري گهٽ ذهني ڪم سان جڙيل آهي. ڪي دانشور اهو دليل ڏين ٿا ته سبزي خورن جي هڪ سياري کي، گوشت خورن جي سياري جي ڀيٽ ۾ ڪنٽرول ڪرڻ وڌيڪ سولو هوندو. (شايد ان ڪري ئي عالمي ليڊر گوشت جا ايڏا وڏا مخالف آهن). ڏسو بل گيٽس ڇا ٿو چوي، ”مان اهو ضرور سوچان ٿو ته سمورا شاهوڪار ملڪ 100 سيڪڙو مشيني / مصنوعي گوشت استعمال ڪرڻ ڏانھن وڃڻ. توهان ان جي ذائقي جي فرق جا عادي ٿي ويندؤ ۽ دعويٰ اها آهي ته هو وقت گذرڻ سان ان جي ذائقي کي وڌيڪ بھتر ڪندا.

سو امير ماڻهن جي ايجنڊا آهي ته اسان سڀ گوشت کائڻ بند ڪيون ۽ ليباريٽريءَ مان تيار ٿيل گوشت کائون ته جيئن دوائن جون وڏيون ڪمپنيون  (جيڪي انھن امير ماڻهن جون ئي آهن) وڌيڪ دولت ڪمائي سگهن. توهان کي جيڪڏهن وڌيڪ بک لڳي ته پوءِ جيت ۽ ڪينئان کائو!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.