سنڌ جي آواز ۾ ملڪ جي هارين جو شامل ٿيل آواز

تحرير: ذوالفقار راڄپر

ٻه ٽي ڏينهن اول لطيف سرڪار جي شهر ۽ سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز، آغا سليم جي قبرن جي واس واري ميدان ۾ پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي طرفان عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي سهڪار سان انجمن مزارين پنجاب، خلق پارٽي، ڪوڪيه تنظيم مردان، خلق پارٽي، سرائيڪي وسيب جي ترقي پسندن گڏجي سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي هاري دشمن منصوبي ۽ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڪ آواز ٿي ان خلاف پنجاب، ڪي پي ڪي، سرائيڪي وسيب ۽ بلوچستان ۾ شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي گڏيل وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي گڏيل سازش خلاف گڏيل آواز اٿاري  هزارين سياسي ڪارڪنن آڏو هڪ جلسي ۾ فيصلو ڪندي  سنڌ سان پنهنجي سياسي ۽ عملي جدوجهد جي يڪجهتي جو وچن ڪيو آهي، جنهن ڪري هاڻي سنڌ جي هارين ۽ سموري سنڌ جي ماحوليات، زراعت، جهنگلي جيوت جي تحفظ، بهاولپور کان وٺي پنڊي ۽ مردان تائين عسڪري ادارن جي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي، ٻاهرين ڪمپنين ۽ ٻين ادارن کي زمينون سرسبز پاڪستان جي نالي ۾ ڏيڻ خلاف سڀني متحد ٿي مزاحمت جو اعلان ڪيو.

سنڌ جي آواز ۾ ملڪ جي ٻين صوبن ۽ علائقن جي هارين، مزدورن ۽ مظلومن جو آواز شامل ڪرڻ جو سهرو عوامي تحريڪ جي قائد استاد محترم رسول بخش پليجو صاحب جي ملڪ گير عوامي سياست ڪرڻ ۽ مظلومن جي گڏيل اتحاد واري حڪمت عملي جي تعليم تربيت ۽ عملي تنظيم سازي جي حڪمت عملي جو نتيجو آهي جنهن جي پوئواري ڪندي ڀٽ شاهه ۾ ملڪ جي ترقي پسندن کي گڏ ڪيو ويو ، جنهن جا تازا پيرا عوامي تحريڪ طرفان اسلام آباد ۾ ڪيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ملڪ گير گڏيل آواز ڪڍڻ جو نغارو وڄايو ويو هو، جنهن جا پڙڏا سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي تائين پهتا هئا.

اسان کي جيڪڏهن سنڌ جي قومي طبقاتي، جمهوري سياست ۽ جدوجهدن کي سمجهڻ ۽ حقيقتن کان واقف ٿي سچ لکڻ ۽ چوڻ جي جرئت ڪرڻي آهي ته پوءِ اسان کي گذريل 30، 40 سالن جي اخبارن جو ريڪارڊ پڙهڻ لاءِ سنڌ الاجي ڄامشورو، سنڌ آرڪائيوز ڪلفٽن ڪراچي ۽ لياقت لائبريري ڪراچي ۾ ويهي سنڌ جي سڀ طرفي سياسي جدوجهدن جي تاريخ پڙهڻي پوندي. اها هڪ حقيقت ۽ تاريخ جي دستاويزن ۾ محفوظ ٿيل ڳالهه آهي ته عوامي تحريڪ جي بنياد پوڻ بعد جڏهن به ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جي چاٻي تي هلندڙ نام نهاد سول حڪومت سنڌ جي سردارن، ڀوتارن، پيرن فقيرن ۽ جاگيردارن سان ڀاڱي ڀائيوار ٿي سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني سمجهندڙن سنڌ وطن کي ميسارڻ ۽ سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ قوم خلاف ڪا وڏي يا ننڍي سازش يا جنگ شروع ڪئي آهي ته ” انڌا اونڌا ويڄ ” کان وٺي ” واٽون ويهه ٿيون "، ” ڪوئي آهي جيڪو سچ چئي” ۽ رسول بخش پليجي صاحب جي سنڌ جي ٻن صدين جي پاڻي ڪيس تي تاريخي طور تيار ٿيل مظبوط ڪيس تي اول انگريزي ۾ بعد ۾ سنڌي ۾ ڇپيل دستاويزي ڪتاب ” سنڌ – پنجاب پاڻي تنازعو” وارو ڪتاب ئي آهي، جنهن جي بنياد تي اڄ سنڌ جا دانشور ۽ ٻيا سياستدان سنڌ جي پاڻي ڪيس تي لکي ۽ ڳالهائي رهيا آهن ۽ نه فقط ان وقت جي واپڊا جي شمسي ۽ جنرل ذوالفقار ۽ پرويز مشرف کي سنڌ جي پاڻي تي ٽي وي پروگرامن کان وٺي لکيل مضمونن تائين شڪستون ڏنيون، پر عوامي انقلابي حڪمت عملي تحت سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ کان وٺي ننڍي شهر ۽ وڏن شهرن تائين مختصر لانگ مارچون ڪري سنڌي عوام کي بيدار ڪري ڊيم خلاف قومي فيصلو قرار ڏيڻ بعد ان کي ولي خان ۽ ملڪ جي ٻين سياستدانن تائين کڻي ويو ۽ خود بينظير ڀٽو ۽ سندس پارٽي کي سنڌي عوام جي دٻاءُ تحت ڊيم ۽ ٿل ڪينال منصوبي خلاف ڪمون شهيد ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڪالاباغ ڊيم خلاف سکر کان ڪراچي، ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين لکين ماڻهن جو لانگ مارچن جو نتيجو هو جو اڄ سموري سنڌ ارسا جي سازشن ۽ 6 ڪينال ڪڍڻ واري اسٽيبلشمينٽ جي هٺ ڌرمي خلاف  بيدار ٿي جنگ جي ميدان ۾ لٿل آهي ۽  ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جون زمينون بنجر بڻائڻ واري نقاب کي رسول بخش پليجو صاحب؛ 15،16 سال اڳ جيو ٽي وي ۽ ٻين چينلن ۾ ڳالهه کولي ٻڌائي ڇڏي هئي

۽ ائين ئي اوهان گذريل ٻن ٽن سالن جو اخبارن جو ريڪارڊ کولي ڏسندا ته اوهان کي خبر پئجي ويندي ته سنڌ جي زمينن تي قبضن، ڪارپوريٽ فارمنگ ،ارسا ۽ سنڌو درياهه کي سڪائڻ واري وفاقي ۽ عسڪري پاليسي خلاف اول ٻلي جي ڳچي ۾ گهنڊڻي ڪنهن ٻڌي هئي ۽ ڪهڙيون عورتون ٻار، هاري، نوجوان آهن جيڪي مهم جوئي واري جدوجهد بدران مسلسل سنڌ جي هر واهڻ وستي ۽ ڪچي پڪي روڊ، ڳوٺن شهرن ۾ ننڍا وڏا احتجاجي مارچ ڪري رهيا هئا ، جن ڊيم وانگر 6 ڪينالن، سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف راءِ  عامه کي نه فقط مضبوط ڪيو آهي، پر ملڪ سمورن ترقي پسند، عوام ۽ ملڪ دوست هاري تنظيمن، مزدورن کي بيدار ڪري سنڌ جو آواز ملڪ جي هارين ۽ مزدورن سان ملائي ڇڏيو آهي.ٻئي طرف شايد اها ڳالهه گهڻن دوستن کي فوري طور سمجهه ۾ اچي سگهي يا نه، پر اوھان ڏٺو هوندو ته مارڪيٽ ۾ هر بهترين شين، ڪپڙن، عطرن،خيالن، شاعريءَ، ادب وغيره جو نقلي ۽ هوبهو اصلي نظر ايندڙ مال موجود هوندو آهي، جنهن جو شڪار ڪافي گهڻا سلجهيل ماڻهون به شڪار ٿي ويندا، جيئن هاڻي سامراج اصل اسلامي، انقلابي، هاري مزدور تنظيمن جي جاءِ تي حماس جهڙيون تنظيمون ميدان ۾ آڻي باقي بچيل فلسطين کي مسمار ڪيو آهي، تيئن سنڌ ۾ به ڪافي اهڙيون جدوجهدون ۽ احتجاج ان لاءِ ميدان ۾ آندا ويا آهن، جو اصلي سنڌياڻي تحريڪ، اصلي عوامي جدوجهد جي منفرد حيثيت، اثر کي عوام اندر بي اثر ۽ منفرد حيثيت ختم ڪري ماڻهن کي منجهايو وڃي،هي ڳالهه انهن تي لاڳو نه ٿي ٿئي سگهي جيڪي جدوجهد جي ميدان ۾ سچا ۽ نقل ۽ ڪنهن جي سازش تحت نالي واري عمل جي ميدان ۾ بيٺل هوندا .

بهرحال هاڻي جڏهن پنجاب جي وزير اعلي مريم نواز شريف، ملڪ جي فوجي سربراهه کي ساڻ ڪري پنجاب کان سواءِ باقي پاڪستان جي آباد زمينن کي بنجر ڪرڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪيو، ان ڏينهن سنڌ جي عوامي جدوجهد جي هڪڙي ننڍڙي ڪاميابي اها ته پنجاب، سرائيڪي وسيب، ڪي پي ڪي جا هاري سنڌ جي هارين ۽ عوام جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ لاءِ ڀٽ شاهه ۾ موجود هئا ۽ اهو ممڪن آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي زمينن سان گڏ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي زمينن جي حفاظت لاءِ مزاحمتي جدوجهد شروع ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.