گڏيل طور ڪنهن نه ڪنهن مسئلي کي کڻجي ٿو ته انهيءَ مسئلي تي ڀلي جيڪڏهن سئو سيڪڙو ڪاميابي نه به ملي پر اجتماعي جدوجهد کانپوءِ جيڪي ڌريون مسئلو کڙو ڪن ٿيون انهن جا بنياد ضرور لڏي وڃن ٿا، عام چوڻي موجب ته ٻڌي ۾ طاقت آھي، اسان وٽ کوڙ مسئلن تي ڀرپور آواز اٿيا آھن جنهن سان ڪيترن ئي هيڻن کي پنهنجي حقن جي دفاع جو وڏو سهارو مليو آهي ۽ هونئڻ به ائين هئڻ گهرجي ته هر مسئلي تي هڪ آواز سان گڏ جدوجهد جو به هڪ پليٽفارم جوڙي ميدان تي نڪري پئجي جيئن ڪانئرن جي ڪوٽن کي ڪيرائڻ ۾ ڪا مشڪل اچي ته بنا خوف جي پار ٿي وڃجي.
اسان وٽ سنڌ ۾ مسئلا ته ڳڻڻ کان گهڻا آھن پر هن وقت جيڪو سنڌو درياءَ تي پنجاب پاران نوان ڇھه ڪئنال ڪڍي چولستان جي رڻ پٽ واري زمين کي آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آھي جنهن منصوبي جو افتتاح به ڪيو ويو آھي انهيءَ منصوبي خلاف سننڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي، سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف سنڌ جي واهڻ وستين ۾ احتجاج، ڪانفرنسون سجاڳي مهم ميڙاڪا، بک هڙتالون، ڌرڻا، اي پي سي بهترين جدوجهد آھن پر هيڏي مزاحمت باوجود وفاقي حڪومت سنڌوءَ مان وڌيڪ پاڻي کڻڻ تي بضد آھي شايد اهو انهيءَ ڪري ته اسان جدوجهد جي عمل ۾ ته آھيون پر سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي پليٽفارم جي واٽ وٺيو بيٺو آھي جڏهن ته سنڌو دريا تي ڌاڙو لڳڻ سان ڪنهن هڪ گروھ ،پارٽي، تنظيم۽ برادري جو نقصان نه آھي هي ست کان اٺ ڪڙور سنڌين جو گڏيل مسئلو آھي، هي سنڌ جي عوام جو گڏيل طورمسئلو آهي هي سنڌ جي عوام جو معاشي قتل آهي، ڏٺو وڃي ته جڏهن عام اليڪشن ٿيندي آھي ته سنڌ دوستن جو گڏيل اتحاد جوڙيو وڃي ٿو جنهن سان مخالف اميدوار لاءِ کوڙ مونجهارا پيدا ٿين ٿا پر اسان هن زندگي ۽ موت واري مسئلي تي ڇڙوڇڙ ڇو آهيون جڏهن ته مقصد به هڪ سنڌو دريا کي بچائڻو آھي سنڌ ڌرتي کي بڙ ۽ بياناب ٿيڻ کان بچائڻو آهي، سنڌ جي ماڻھن جي معاشي قتل واري سازش کي روڪڻو آھي هن معاملي کي به جيڪڏهن ڪنهن جو ڀلو آھي ڪنهن کي نقصان آھي وارو چيپٽر وڍي ويٺا آهيون ته ان تي سوءِ افسوس جي ٻيو ڇاٿو ڪري سگهجي، هي مسئلو صرف سنڌ جي بقا جو آھي ، سنڌ آهي ته اسان آھيو سنڌو درياءَ وهندو سنڌ ڌرتي جا هاري ناري خوشحال هوندا، ماروئڙا جيڪي لطيف سرڪار جي چواڻي موجب ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڌٿ ڏهاڙي سومرا“ هي انهن جي گذرسفر جو معاملو آهي هن اهم جياپي واري جنگ ۾ مڙي مٺ ٿيڻ بدران هرڪو پنهنجي ليکي آھي جنهن سان نتيجو اهو نڪري رهيو آھي ته سنڌ ڌرتي جي مانهن لاءِ موت ثابت ٿيندڙ ڇهن ڪئنالن تي ڪم رڪجڻ بدران جيئن جو تيئن ٿي رهيو آھي ۽ منصوبي جا افتتاح به ڳائي وڄائي ڪيا پيا وڃن، اسان وٽ قيادت جو فقدان آھي ڀلي ڪي دوست هن ڳالھه اتفاق نه به ڪن پر جدوجهد جي تاريخن جا ورق اٿلائي ڏسون ٿا ته ڪنهن به سنڌ دوست پارٽي ڪنهن مسئلي تي گڏجڻ جو سڏ ڏنو آهي ته ميرن ڪپڙن، ڇڳل چپل سان سنڌ جو ماڻھو روڊ تي پهتو آھي ڪڏهن به اها ڳالھه نه ڪئي اٿس ته هي سڏ ته فلاڻي پارٽي جو آھي آئون فلاڻي پارٽي جو آھيان نه ائين چوڻ بدران “سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو” واري جهونگار سان انهيءَ ميڙ ۾ شامل ٿئي ٿو انهي مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جو عوام ورهائجڻ نٿو چاهي پر اها کوٽ قيادت وٽ ضرور آھي جيڪا سنڌ لاءِ ٿيندڙ سڏ کي ڏسڻ بدران سڏ ڏيندڙ پارٽي قيادت کي ڏسي بيڊوم مان صرف بيان جاري ڪيو ٿو وڃي آخر ائين ڇو ٿي رهيو آهي هتي نالا لکڻ جي به ضرورت نه آهي اسان لاءِ سنڌ جي حقن خاطر جدوجهد ڪندڙ هر ماڻھو معتبر آھي.
پر افسوس اهو ئي آهي ته سنڌ ۾ اهڙي گڏيل جدوجهد نه پئي ٿئي جيڪا اعليٰ ايوانن ۾ ويٺل بدمستن جا بنياد اکيڙي ۽ هو پنهنجا ڏاڍ جي زور تي ڪندڙ فيصلا واپس وٺڻ تي مجبور ٿين، وقت پنهنجا فيصلا ضرور ڪري ٿو پر جيڪي ذميواريون اسان جي ڪلهن تي آھن انهن کي نڀائڻ لاءِ اسان کي ئي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، مڃون ٿا انسان فرشتو نه آهي ، غلطيون انسان کان ٿي وڃن ٿيون ۽ ٿينديون رهن ٿيون پر انهن کي پڪڙي هڪٻئي سان اجتمائي مسئلن تي به ڪناراڪشي ڪئي وڃي ٿي اها نه صرف پنهنجي پاڻ سان پر اٺ ڪروڙ عوام سان به ويساھ گهاتي چئبي ، هو وڏو هي ننڍو واري چڪر کي پٺي پويان ڌڪي سنڌ جي روشن صبح لاءِ گڏجي ميدان تي نڪرڻو پوندو انهيءَ ڪري سنڌ جي سمورين ڌرين، پارٽين، تنظيمن ۽ هر باشعور ماڻھو کي ٻڌي جو مظاهرو ڪندي گڏجي ميدان سجائڻ گهرجي جيئن سنڌ سڪائڻ جا سانباها ڪندڙن کي ڪو ٺوس جواب ملي.
سنڌ ڌرتي جنهن ملڪ کي جنم ڏنو آهي اڄ انهي ڌرتي کي بنجر بڻائڻ جي سازش ٿي رهي آهي پوءِ سنڌ جي سينڌ سجائڻ لاءِ اچو ته پنهنجن ذاتي ويڇن، انائن کي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري سنڌءَ جي پاڻي تي وار ڪندڙن خلاف هڪ آواز ٿي ميدان تي نڪري جدوجهد ڪريون،ڪنهن به قوم جيڪڏهن پنهنجا حق ورتا آهن ته انهن اجتماعي جدوجهد جو رستو ئي اپنايو آهي، اجتماعي جدوجهد سان ڪيترائي طاقتور بت به ڊهي پٽ پئجي وڃن ٿا، تاريخ جي ورقن ۾ اهڙا کوڙ اجتماعي جدوجهد جا قصا ڇٽيل آهن، انهي ڪري سنڌو درياءِ مان ڏاڍ وسيلي نڪرندڙ ڇهه نوان ڪئنال جي اهم مسئلي تي مختلف ڌڙن ۾ورهائجي جدوجهد ڪندڙ سنڌ جي سمورن سڄڻن کي هڪ ٿيڻ گهرجي.