پرويز پيرزادي جو پنهنجن چاهيندڙن جي شڪل ۾ ورتل ٻيو جنم

تحرير: زرار پيرزادو

¨ پرويز پيرزادي جي 54 سالن جي زندگي کي ڏسجي ٿو ته ان جو هڪ هڪ پل بيحد سجايو گذريو. هن هڪ انتهائي غير معمولي ۽ ديومالائي زندگي گهاري جيڪا بظاهر ڪجهه ڏينهن اڳ ختم ٿي وئي آهي پر ان جو روح پنهنجن چاهيندڙن، مٽن مائٽن، دوستن، ڪم ڪندڙ ساٿين ۾ اوتجي ايڏو جلد ٻيو جنم وٺي سگهي ٿو، تنهن جو اندازو قطعي نه هو. پر اهو معجزو به ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، اچو ته پرويز جي اها ناقابل يقين ڪهاڻي پڙهون.

¨ تعليم دان، سماجي اڳواڻ ۽ اين جي اوز جي عالمي شهرت يافته شخصيت پرويز پيرزادي جي جوڀن ۾ اوچتي لاڏاڻي جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ ، ڀينرن، سئوٽن، مٽن مائٽن، دوستن ۽ ساڻس ڪم ڪندڙ ساٿين جا اندر چيري ڇڏيا آهن ۽ ڪنهن کي به يقين نه ٿو اچي، نه  ئي اچڻ گهرجي ته پرويز جهڙو بيحد جوان، انتهائي سرگرم ۽ متحرڪ ماڻهو ويلنٽائن ڊي تي پنهنجن  عاشقن ۽ پيارن  جون دليون ڏاري وجهندو.

¨  پرويز ٺيڪ ٺاڪ، هشاش بشاش هو، شب برات واري عيد ملهائي، مٽن مائٽن کان موڪلائي ڇا سمهڻ ويو ته ساهه جي تڪليف ۽ ٻوسٽ ۾ ئي سندس دم گهٽجي ويو. جڏهن ته ڊاڪٽرن دل جي دوري سبب سندس وفات ڄاڻائي آهي.

¨  پرويز  پيرزادو پنهنجي فيملي جو بيحد پيارو  ٻار هو، اهو لاڏ ڪوڏ ئي هو جنهن پرويز کي هڪ عظيم انسان بڻايو. سندس وڏي ڀيڻ ادي زبيده ته مٿس عاشق هئي ۽ چنڊ چئي کيس مخاطب ٿيندي هئي. پرويز کي پهريون تمام وڏو صدمو سندس وڏي ڀيڻ جي لاڏاڻي سان ئي پهتو هو. وري سندس والد جو اوچتو ننڊ ۾ ساهه پرواز ڪري ويو ۽ ڪجهه ئي مهينن اندر وري سندس ماءُ  گذاري وئي ته پرويز مڪمل طور تي سڪتي ۾ هليو ويو.

¨  پوءِ  هُو اڪيلو ڳوٺ واري گهر ۾ وڃي رهڻ لڳو ۽ اتي پنهنجي ماءُ پيءُ جون آسيسون ماڻڻ لڳو. خالي گهر ۽ گذاري ويل ساهه سيباڻن سان روح رچنديون ڪرڻ لڳو.ماءُ پيءُ جي ان اڪيلي ۽ ويران گهر سان سندس جذباتي محبت ئي کيس پوءِ سڄي ڳوٺ سان محبت ڪرائي. ائين اها انفرادي پوءِ محبت اجتماعيت ۾ تبديل ٿيندي وئي.

¨  اڪيلي گهر ۾ رهڻ واري تپسيا پرويز جي صدمن کي طاقت ۾ تبديل ڪيو ۽ ائين ڏسندي ڏسندي پرويز مڪمل طور تي هڪ مثبت  ۽ مسيحا ئي ڪردار ۾ تبديل ٿي ويو.

¨ هن پنهنجي زندگي جو نصب  العين پوءِ غريب ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ کي بڻايو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪو اڪيلو ماڻهو به حڪومت جهڙا ڪم ڪري سگهي ٿو. ماڻهن کي روزگار ڏياري  سگهي ٿو، غريب غربي جو پنهنجي مدد پاڻ تحت علاج به ڪرائي سگهي ٿو.

¨  هن تعليم کي ئي غربت جي نجات جو اولين ۽ آخري نسخو سمجهيو ۽ ان نسخي تحت پسمانده ۽ ٻهراڙين جي علائقن ۾ اسڪول کولرايا جتان غريبن جا ٻار  تعليم حاصل ڪري ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ لڳا.

¨  پرويز پاڻ ڪو سرمائيدار، وڏيرو يا امير طبقي جو ماڻهو نه هو تنهن ڪري هن اين جي اوز جي  دنيا ۾ داخل  ٿي ان پليٽ فارم تان اهي ڪم ڪيا. غريب ٻارن جي تعليم لاءِ اسڪولن جا پراجيڪٽ ۽ فنڊ منظور ڪرايا،  ٻوڏن ۾ عوام جي گهرن ۽ خوراڪن جا بندوبست ڪرايا،  غريبن جي علاج لاءِ مفت ڪئمپون لڳرايون، سخت سيءَ ۾ کين گرم ڪپڙا ڏياريا، نلڪا ۽ سلائي مشينون وٺرائي ڏنيون ۽  ڪيترن نوجوانن کي روزگار سان لڳرايو.

¨  ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ جڏهن ڳوٺ سڌار سنگت ختم ٿي وئي ته اهو پرويز ئي هو جنهن  جديد تقاضائن تحت انڊس ڊيولپمنٽ اٿارثي (آءِ  ڊي  اي) جي سماجي تنظيم کي وجود ۾ آندو ۽ آخري وقت تائين ان جو روح روان رهيو.

¨ پرويز اصل ۾ پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو، تنظيم هو ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي منجهس ڪمال جي صلاحيت هئي. هن زندگي جي هڪ هڪ پل کي سجايو ڪري گذاري ڏيکاريو. عام طور تي سنڌين لاءِ مشهور هوندو آهي ته اهي ڪم کان سست هوندا آهن پر پرويز کي اين جي اوز جي دنيا جا دوست کيس ”سنڌي روبوٽ“ جو لقب ڏيندا هيا. جيڪو هر وقت بس ڪم ئي ڪندو هو. نوان نوان پراجيڪٽ وٺندو هو، فنڊنگ لاءِ درخواستون ڏيندو هو ۽ ماڻهن کي زوريءَ  روزگار ۽ پراجيڪٽ ڏيارڻ لاءِ پاڻ مرادو سندن سي ويون موڪلي ڏيندو هو.

¨  ننڍڙن ٻارن سان پيار هوندو هيس، ڳوٺ جي غريب ٻارن جو ڀرجهلو هو. جڏهن به ڳوٺ ويندو هو ته سندن ضرورت جون شيون وٺي ويندو هو ۽ سندن فرمائشون پوريون ڪندو هو. انهن ٻارن لاءِ پرويز جو وڇوڙو ائين هو هو جيئن ڪنهن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وڃي ۽ مٿن کان آسمان کسجي وڃي. اسان جي ڳوٺ ۾ جڏهن پرويز جي مڙهه جي ايمبولينس پهتي ته وڏن سان گڏ پهريون ڀيرو ٻارن جو وڏو تعداد پڻ اچي پهتو. عام طور تي ٻار لاشن کان ڊڄندا آهن پر پرويز جي چهري تي پيل اڇي ڪپڙي کي منع ڪرڻ باوجود اهي لاهي هر هر سندس آخري ديدار ڪري رهيا هيا جنهن تي سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون هيون.

¨ پرويز سچو ۽ وفادار ماڻهو هو. پراڻن ۽ نون دوستن سان نڀائڻ ۽ پير کڻڻ ڄاڻيندو هو. هن پنهنجي سئوٽن سان گڏجي سيون ڪزن گروپ به ٺاهيو ۽ ان گروپ جي پليٽ فارم تان خانداني نوعيت جا به ڪجهه يادگار پروگرام ڪيا ته ٻاهرين ملڪن ۽ سنڌ جي مختلف علائقن جا دورا به ڪيا.

¨  پرويز جي اوچتي وڇوڙي تي يقيني طور تي سڀني جا اندر چيريل آهن. پر نئين اها ڳالهه آهي ته جيئن پرويز پنهنجن ذاتي صدمن کي طاقت ۾ تبديل ڪيو تيئن سندس ڀاءُ، ڀينرون، سيون ڪزن وارو گروپ، سندس دوست، مٽ مائٽ، ڳوٺائي سڀ پرويز جي صدمي کي پڻ طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.

¨  اها به تمام اتساهيندڙ ڳالهه آهي ته پرويز سان پيار ڪندڙ سڀ جا سڀ چاهين ٿا ته پرويز جيڪي به ڪم ڪيا، جيڪي به اسڪول قائم ڪيا جيڪي پروجيڪٽ حاصل ڪيا سي سندس مداح هلائيندا ۽ سندس ڪم کي رڪڻ نه ڏيندا.  مثال طور زبيده ميموريل ڊسپينري جي نئين سر اڏاوت ۽ چوديواري لاءِ پرويز آخري ڏينهن ۾ تمام گهڻو سرگرم هو ته سندس ڀاءُ شاهه محمد پيرزادي هاڻي اهو مشن پنهنجي ذمي کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ فوري طور تي چوديواري جو ڪم شروع ڪري ڏنو اٿائين. سندس ٻين مداحن پرويز جي ڪن اسڪولن ۽ ٽيوشن سينٽرن جو نالو تبديل ڪري انهن تي پرويز پيرزادي جو نالو رکڻ شروع ڪيو آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته

پرويز پيرزادي سان محبت جي تقاضا به اهائي آهي، سندس لاءِ  سڀ کان وڏو خراج به اهوئي آهي ۽ چئلينج به اهوئي آهي ته پرويز جي ڇڏيل ڪمن کي جاري رکجي، ان سان ئي پرويز کي حقيقي خوشي ملندي ۽ اهو ڏسي بيحد ٿي رهي آهي ته پرويز سان پيار ڪندڙ هر ماڻهو پرويز مان اتساهه وٺي سندس جهڙو بڻجي سندس ڇڏيل ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن.ائين پرويز وڇوڙي جي ڪجهه ڏينهن اندر ئي پنهنجن چاهيندڙن جي شڪل ۾ ساڳيا ڪم ڪري ٻيو جنم پڻ وٺي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.