سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙا ناسور بڻجي چڪا آھن، جن سنڌ کي ناقابل تلافي نقصان رسايو آھي۔ قبيلائي جھيڙن ڦاھو بڻجي ھميشه شعور جو ڳلو گھٽيو آھي اڄ به جيڪڏھن ٿلھي ليکي اندازو لڳائجي ته سنڌ ۾ ھر ڏينھن ڪٿي نه ڪٿي ڪنھن بي گناھه شخص کي قتل ڪيو وڃي ٿو. قبيلائي جھيڙن ۾ اڪثر بي گناھه معصوم ماڻھن کي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ جھيڙن ۾ شھيد ٿيندڙ ماڻھن جا ڪيس ملڪي عدالتن جي بدران وڏيرن ۽ سردارن جي اوطاقن تي اڪلائيا ويندا آھن، جتي ھميشه قاتلن کي ئي فائدو حاصل ٿيندو آھن ۽ مقتولن جا لاش لوڙھيا ويندا آھن، جيڪڏھن قبيلائي جھيڙن ۾ قتل ٿيندڙ ماڻھن جو الڳ قبرستان قائم ڪيو وڃي ھا ته يقينن اھو ايشيا جو وڏي ۾ وڏي قبرستان بڻجي وڃي ھا۔
سنڌ ۾ رائج قبيلائي قانون جيڪو جھنگ جي قانون جو ٻيو ڀوائتو روپ آھي، جنھن ۾ انساني حقن جي بدترين لتاڙ ٿيندي رھي ٿي، وڏي ڳالھه اھا آھي ته اھو قبيلائي قانون ملڪي قانون توڙي عدالتي نظام جي بلڪل ئي برخلاف ھجڻ باوجود ڪنھن به حڪومت وڏيرڪي راڄ تي ڪڏھن به پابندي ناھي لڳائي، جنھن تحت خانگي عدالتون ۽ رياست جي اندر رياستون قائم ڪيون ويون آھن.
سنڌ ۾ گذريل ڪجھه سالن کان برادريءَ اتحاد جون تنظيمون ٺھڻ جو سلسلو زور پڪڙي رھيو آھي، جن جو ڪوبه سماجي يا اخلاقي ڪارڻ ناھي. ڏٺو اھو ويو آھي ته اھي برادري اتحاد جون تنظيمون سنڌ ۾ تعصب پکيڙڻ سان گڏ ڀائيچاري واري ماحول کي پڻ ڇيھو رسائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿيون۔
ڪيتريون ئي اھڙيون برادرين جي اتحاد جون تنظيمون آھن، جن جي پليٽ فارمز تي تعليمي ۽ سماجي ڀلائي جا ڪم ڪيا ويندا آھن، بظاھر ته اھي تنظيمون پنھنجي ڪميونٽي جي فائدي ۽ ڀلائي لاءِ ٺاھيون وينديون آھن پر حقيقت ۾ انھن جو ڪم پنھنجي ذات، برادريءَ تائين محدود ناھي ھوندو۔ ان مان ٻيا به ڪيئي مستحق ماڻھو فائدو حاصل ڪندا رھندا آھن. اھڙن تنظيمن ۾ ڪچي ميمڻ اتحاد، مڇيرا ميمڻ اتحاد، بانٽوا ۽ ڪتيانا ميمڻ وغيره شامل آھن۔ جن پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏا تعليمي ادارا ۽ اسپتالون قائم ڪري سماجي ڀلائي جا ڪم جاري رکيو اچن۔ جڏھن ته سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مختلف برادرين پاران جيڪي برادري اتحاد جون تنظيمون قائم ڪيون پيون وڃن، اھي محض ان بنياد تي قائم ٿي رھيون ته سنڌ ۾ سرداري سلطنت ۽ وڏيرڪي راڄ کي وڌيڪ مضبوط ڪجي، قبيلائي جھيڙن کي ھٿي ڏجي ۽ سنڌي ماڻھن کي ڌڙن ۾ ورھائي ڇڏجي ته جيئن اھي سياسي عمل طرف نه ته ڪا توجه ڏين ۽ نه ئي وري سنڌ جي ڪنھن به قومي معاملي تي گڏ جدوجهد ڪري سگهن.
ڄاڻايل تنظيمن جا عھديدار گھڻي ڀاڱي يا ته اھي ڏوھاري جيڪي مختلف ڪيسن ۾ روپوش ھجن ٿا يا وري پاٿاريدار چونڊيا ويندا آھن ته جيئن تر جي ٻين برادرين تي پنھنجي برادريءَ جو رعب ويھاري سگھجي. ڪجھه وقت اڳ سوشل ميڊيا تي ھڪ ويڊيو وائرل ڪيو ويو جنھن ۾ اھو ڏٺو ويو ته ھٿياربندن جي ٽولي مان ھڪ شخص ڌمڪي گاڏڙ لھجي ۾ ڳالھائي رھيو ته اسان جي ذات جي نوجوان کي ڌاڙيلن ڪنھن ٻئي ضلعي ۾ اغوا ڪيو آھي، جيڪڏھن ان کي آزاد نه ڪيو ويو ته پلاند ۾ اسان ھتي (ٻئي ضلعي ۾) ڌاڙيلن جي ذات وارن ماڻھن کي اغوا ڪنداسين. ڏوھاري ته صرف ڏوھاري ئي ھوندو آھي ان جي نه ڪا ذات ٿيندي آھي نڪي وري سندس ڪا برادري به ھوندي آھي. ڪو به ڏوھاري واردات ڪرڻ وقت پنھنجي ذات وارن، برادريءَ توڙي گھرڀاتين کي اعتماد ۾ ناھي وٺندو ان لاءِ اھو پنھنجي ڪيل ڏوھن جو پاڻ ئي ذميوار ھوندو آھي. پر قبيلائي قانون ۾ اھڙي ڪنھن به اصول يا حقيقت تي ٻڌل ڳالھه کي مڃڻ پنھنجي بزدلي سمجھيو ويندو آھي.
سنڌ کي تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جي ضرورت آھي جنھن جي راھه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ قبيلائي تڪرار آھن، جن اسان کان ڊاڪٽر اجمل ساوند ۽ نور الاھي سھرياڻي جھڙا ماڻھو کسي ورتا آھن۔
برادري اتحاد جي تنظيمن جو ٺھڻ قبيلائي تڪرارن ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻجي رھيون آھن جنھن سان قيمتي جانين جو ضايع ٿيڻ سان زمينون غيرآباد ڳوٺ ۽ اسڪول ويران ٿي رھيا آھن، اسان سنڌ سرڪار کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته بنا دير قبيلائي اتحاد جي تنظيمن تي پابندي مڙھي وڃي ۽ انھن جون سموريون سرگرميون ختم ڪيون وڃن.