دادلو ٻار ٻلهڙيجيءَ جي مٽيءَ ۾ سمهي پيو….

تحرير: ذ ر

ڪاش! اهو ممڪن هجي ها ته ٻلهڙيجي جي مٽيءَ ۽ گپ ۾ کيڏندي کيڏندي پنهنجي ڪٽنب ۽ ڳوٺ جو پيارو پپو، دادلي ٻار کان جواني ۽ هڪ مڪمل طور تي سماجي ذميوارين طرف ذميوا رهندڙ هڪ مرد، جنهن جي وجود جي مٽي موهين جي دڙو جي مٽيءَ جي سڳنڌ سان واسيل هئي، اهو پيو جيڪو ترقي پسند فڪر جي اولڙن جي روشنيءَ مان سفر ڪندي آسٽريليا مان پي ايڇ ڊي ڊگري وٺي پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ سنڌي سماج ۾ علم جي روشني ڦهلائڻ ۽ شعور جي اوسر لاءِ سنڌ جي ڳوٺن ۾ تعليم جو ڄار ڦهلائڻ پيو چاهي. اي ڪاش! اڄ کيس ڪنهن طريقي سان معلوم ٿي سگهي ها ته سندس جي الله واهي چوڻ بعد ان شيواداري طبيعت واري انسان پرويز پيرزادو جي ياد ۾ ڪراچي، اسلام آباد کان وٺي ٻلهڙيجي تائين سوين مردن، عورتن، ٻارن، نينگريون ۽ ٻلهڙيجي جي مٽيءَ جي چيريل دل ۾ ڪيڏو نه درد اڀري آيو آهي ۽ سندس يادگيرين ۽ ڪيڏاري جا غمگين سر فضا ۾ پکڙجي ويا آهن.

پرويز پيرزادو ڪراچي کان وٺي ولايت تائين سفر جا ٿڪ کڻي وري به ٻلهڙيجي واپس ايندو هو ۽ ڪراچي کان ولايت جي سفرن تي نڪري ويندو هو ۽ وري به پنهنجي رڳن ۾ ڊوڙيندر گرم رت ۽ دماغ ۽ دل ۾ ڳوٺ جي ٻارن ۽ نياڻين جي تعليم ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ سماجي شيوا جا نت نوان خيال کڻي ٻلهڙيجي ورندو هو. هو هر هر ان مٽيءَ طرف ڇڪجي ايندو هو، جتي هن دادلي ٻار ڏيڪي ڏڪر کان وٺي لڪ ڇپ جون رانديون ۽ ٺينگ ٽپا ڏيڻ واري عمر گذاري پرڏيهه پڙهڻ نڪري ويو هو.

اسان سڀني جي زندگيءَ ۾ ڪالهه وارو ڏهاڙو هڪ اڀاڳو ڏهاڙو ثابت ٿيو، هڪ ايمبولنس جي دل ڏاريندڙ ڳاڙهي بتي جي هيٺان ايمبولنس اندر سرد جسم سميت هو ان سفر طرف تي نڪري پيو هو، جتان وري ڪڏهن به بلهڙيجي واپس نه ايندو. سندس زندگيءَ جي پل انتهائي انمول آهن جيڪي سندس چاچي ۽ فڪري استاد انور پيرزادو، ذلف پيرزادو سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نالو ڪڍندڙ ٻلهڙيجي جي انيڪ شخيصتن سان ملاقاتن ۽ ڪچهرين ۾ گذريا هيا، انهن بعد به سندس ملاقاتو ۽ ڪچهريون پنهنجن هم عصر دوستن ۽ حال حيات بزرگن سان ٿينديون هيون هاڻي هو وري انهن سان ڪچهريون ڪري نه سگهندو.

هو انهن رهاڻين ۾ هميشه دل جي هڪڙي ئي خواهش جو اظهار ڪندو رهندو ته سندس زندگيءَ جي خوابن جي تعبير جو سفر اڃان اڌورو آهي، ڪاش اهو مڪمل ٿي سگهي، پر پپو پنهنجي اهڙي عميق خواهش پنهنجي اندر ۾ سانڍي هميشه هميشه لاءِ ٻلهڙيجي مان اسان سڀني کي ڇڏي هليو ويو.

جڏهن کيس ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن ڪري سڀ واپس ٿيا هوندا، تڏهن مٽيءَ ۾ ڏيڪي ڏڪر راند کيڏندڙ دادلي ٻار جي قبر مٿان تازن گلن ۽ اگر بتين جي درد کي ڦهلائيندڙ مايوسي ۾ ممڪن آهي ته پرويز پيرزادو جي قبر جي مٽيءَ مان لطيف جون هي سٽون ٽٽل ڦٽل سر ۾ ٻاهر نڪتوين هجن ته…،- "آءُ نه گڏيس پرين کي، تون ٿو لهين سج.. وڃي ڪئچ چئج ته ويچاري واٽ مئين”.تمام گهٽ ماڻهن ۽ هن جي دوستن کي پڻ اها گهٽ ڄاڻ هوندي ته پرويز پيرزادو جي  سڃاڻپ رڳو نياڻين جا اسڪول کولڻ يا ڳوٺ جي ٻارن سان ويهي ڪچهريون ڪرڻ ۽ ڳوٺ جي ضرورت مندن سان سهڪار ڪرڻ نه هو، پر هن شاعري به ڪئي ۽ ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون هيون. پرويز پيرزادو جي طبيعت ۾ گهٽ ڳالهائڻ ۽ ڪنهن جي مدد ۽ خدمت ڪرڻ بعد ان جي نمائش ڪرڻ شامل نه هو. هن گمنامي ۾ جيڪو سفر ڪيو ۽ پرڏيهه جا قصا دل ۾ سانڍي رکيا هئا، اهي لکت ۾ محفوظ ٿي ڪتابن جي صورت ۾ نه آيا. هن جي اڌوري سفر کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هن جي ڀاءُ، مٽن مائٽن ۽ دوستن کي هن جي شاعري، ڪهاڻين ۽ يادگيرين کي ڪنهن ڪتابي صورت ۾ آڻي پرويز پيرزادي کي ساهه ۾ سانڍڻ جو ڪو ذريعو بنائڻ گهرجي، اسان سڀني کي اها اميد ۽ ڪوشش پڻ ڪرڻ گهرجي ته پرويز سنڌ جي نياڻين ۽ ٻارڙن جي تعليم لاءِ جيڪو خواب ڏنو هو ۽ جنهن جي ساڀيا جي اڌوري رهڻ جو کيس ارمان رهندو هو، اسان سڀ ڪوششون ڪيون ته ڪاش ان جو اهڙو خواب تعمير ماڻي ۽ اهڙي ساڀيا پوري ٿئي ته جيئن پرويز پيرزادي جو نئون جنم ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.