ڪونهي اُت ڪوهيار, جت تو ڀوري !ڀانئيو
پنڌ م ڪر پهاڙ ڏي, وُجود ئي وڻڪارُ
ڌاريا ڀائنج ڌار, پڇ پريان ڪر پاڻ تُون
اڄ هڪ فقير طعبيت عظيم ماڻهو جي چهلم جو ڏينهن جيڪو شخصي طرح هڪ متحرڪ حق سچ ڳولائو قلم ۽ گفتار ۾ سچن جو طرفدار رهندڙ ڪردار آهي. جنهن پنهنجي سڄي حياتي ڌرتي واسين جي تعليم ترقي ۽ تربيت ۾ گذاري، بندگي خدا ۾ مثالي بڻجي هميشه لاءِ مدبڻجي ويو، سائين بيدار جعفري ننڍپڻ کان پنهنجي زندگي کي با مقصد بنائڻ لاءِ مشاهدا ۽ تجربا ڪيا. سندن وسيع مطالعو تحقيق ۽ فڪري آبياري کان پوءِ انيڪ موضَوعن تي اخبارن ، رسالن لاءِ لکيو، ” باڊهه بوند بهار، پنهنجي شهر جي تاريخ کي سهيڙي سنڌ جي شعور کي دعوت ڏني ته هو به پنهنجي پنهنجي شهرن ۽ واهڻ وسندين تي قلم کڻي ته سنڌ جي تاريخ زنده رهي سگهي. سائين بيدار جا ٻه شعوري جنم آهن، هڪڙو ٻالڪٻڻ ۾ باڊهه ۾ ڪيل جدوجهد اسڪول جي شاگرد واري زماني ۾ تحرير ۽ تقريرن ۾ پاڻ کي مڃائڻ، اخباري رپورٽنگ ڪري بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلائڻ جٿان نوجوانن جي دلين تي شعور جو لهرون اٿيون، جنهنڪري باڊهه شهر کي قومي سطح تي سڃاڻپ ۽ پذيرائي ملي.
پنهنجي شاگردن ۾ ڪيئي قابل ماڻهو پيدا ڪيائين. جيڪي اڄ قومي ۽ بين الااقوامي سطح تي پنهنجي استاد جي ڏسيل واٽ تي هلي انسانيت جي خدمت ۾ مصروف آهن، سائين جو ٻيو جنم ملير جي پپري ۾ ٿيو، جٿي شعور جو منزلون طئه ٿيون. پاڻ سچائي، ايمانداري، بهادري، حساسيت ۽ جذباتيت جي بنيادي ڪيفيت ۾ گڏائجي ته اهڙا مٽي جا ماڻهو جيڪي پنهنجي ملن ساري پيار ۽ پاپوهه واري شخصيت بڻائن ٿا.
سائين بيدار جعفري اصغريه ، وطن دوست، شهيد علامه عارف حسين الحسيني جي تحريڪ سان وابسطه رهي پنهنجي زات مان ملت لاءِ پنهنجي دور تاريخي ڪم ڪيا. جنهن ۾ اسڪول، لائبريري ۽ سلائي جو مرڪز . عورتن لاءِ ڪميونٽي سينٽر وغيره سندن جيئرا جاڳندا ثبوت آهن.
سائين بيدار جعفري صاحب کي مادري ٻولي سنڌي ۾ لوليون پروليون امڙ ٻڌايو نه هونديون ، شاهه لطيف جي شاعري مان اتساهه مليو هوندو پر جنهن جو ذڪر سائين جي گالهائڻ وقت اهي ڏسڻ ۾ ايندو هيو ته قديم لفظ جمله ۽ پهاڪا ، چوڻيون ڪچهري ۾ پيش ڪندو هيو،. يا شاهه جو ڪو به شعر موضَوع جي حساب سان موجود هوندو هيو، ملير جي ڳوٺن ۾ تعليم ۽ شعور تربيت لاءِ گڏجي ڪم ڪندي گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو هيو. عثمان ڳوٺ ۾ فقيري جي ڇوڪرن کي گڏ ڪري تعليم بابت آگاهي هجي. شهر ۾ ڪيل ورڪشاپ ۽ ليڪچررن ۾ سائين موجود هجي.
سائين بيدار جعفري صاحب جي زندگي جا ايترا اڻ ڳڻيا رخ آهن جنهن کي قلم بند ڪري اسان پنهنجن نوجوانن لاءِ اتساهه پيدا ڪري سگهون ٿا.، سائين جو شقفت ڀريو ملڻ جو انداز، پيار ۾ پُر ٿيل گلن جون خوشبو وکريندڙ علم جا ڏيئا روشن ڪندڙ پنهنجي پرواهه جو فرق ختم ڪري هر ماڻهن کي هنر مند بڻائيندڙ سندس جا عملي ۽ ادبي مزاحي گفتا ڪچهرين ۾ ڄاڻ وجهندڙ هوندا آهن. پاڻ هڪ ئي هڪ رهبر استاد هيا نه ٻئي طرف علم جو پياسو ڪتاب دوست غور سان ڳالهين کي ٻڌندڙ طالب علم به هيا. ورثي ۾ جيڪي علمي فڪري خزانو ڇڏيو آهي اهو اسان لاءِ هڪ قيمتي خزانو پڻ آهي. سائين جيتوڻيڪ پاڻ ايم فل ، پي ايڇ ڊي نه هئا، پر گهڻن کان مٿان تحقيق ۽ مطالعي مشاهدي ۾ اڳ ڀرا هوندا هئا، پاڻ لطيفي لباس ڪاري ويس ۾ عزادار امام حسين عليه السلام هيا. ته وري پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مهان شخصيت جيان سيڊڪيٽ جا ماهر هيا. سندس سليڪٽ ڪيل پروفيسر هڪ هيرا تلاش ڪري ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي ڏنا آهن. سائين جي خدمتن جو اعتراف تاريخ ڪندي، سنڌ جو شعور ڪندو.