مون کي اڄ به شاگردي جي زماني وارا اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن اسان جي انقلابي جوش جذبي ۾ آڪاش انصاري جا مزاحمت جي گندرف سان ڀريل گيت انقلابي ويڙه جو شعوري بارود ڀريندا هئا، سال ڏيڍ اول شايد آرٽ ڪائونسل ڪراچي جي ڪنهن پروگرام ۾ ڪافي سالن بعد هن سان روبرو ڪچهري ٿي ته هن چيو ته کيس منهنجي جيري جي بيماري جي سڀ خبر آهي، هن ٻڌايو ته هن اسلام آباد مان ڪروڙ روپيا ڀري جيري جي پيوند ڪاري ڪرائي آهي ۽ تون به ائين ڪر، مان کيس چيو ته مان مري سگهان ٿو پر اهو خرچ برداشت نه ٿو ڪري سگهان.
هن ٻڌايو ته نئين زندگي ملڻ بعد به هن پيئڻ سان رشتو ختم نه ڪيو آهي. مان کيس ٻڌايو ته مان ته نه سگريٽ ڇڪيان ۽ نه ئي گلاس پيئندو آهيان، بس ڪن ڊاڪٽرن جي بخار ۾ غلط علاج ۽ دوائن ڪري جيري تي اثر پيو آهي، جنهن جي ڄاڻ به دير سان پئي آهي، هاڻي ته بايوسپي کان به ڪم ٽپي چڪو آهي، ڪي دوست مهانگو علاج ڪرائيندي بچائيندا رهن ٿا، جن مان ڪنهن جو في الحال ته نالو به نه ٿو کڻي سگهجي،
هن پڇيو ته شراب کان نفرت ڇو اٿئي، مان کيس چيو ته اسان جي گهر ۾ ٻه ڪيس شراب واپرائڻ جي ڪري خراب ٿيا آهن، ان ۾ هڪ ڪيس ۾ اسان جي گهر جو هڪ ڀاتي ننڍڙا ٻار ٻين جي آسري تي ڇڏي وفات ڪري ويو ۽ ٻيو ان جي ڪري ڀٽڪي بي راھرويءَ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويو آهي، جو هو هر وقت درٻاري ملازمن ۽ دوستن جي گهيري ۾ ڦاٿل رهي ٿو ، شراب سماجي ۽ مذهبي بنيادن تي شايد ان ڪري ئي نقصانڪار آهي.
آڪاش سان 6,7 سال اڳ فون تي هن جو عيد جي چنڊ تي اهو لکيل نظم پڇيو هو، جيڪو اسان شاگردي جي زماني ۾ شاهوڪارن کي غريبن جي عيد جو احساس ڏيارن وارو اهو نظم عيد نماز کان اڳ مسجدن تي هڻي ايندا هئاسين، آڪاش سان هميشه جڏهن به فون تي ڪچهري ٿيندي هئي ته اهائي پراڻي انقلابي ساٿ جو احساس دل مان کنڀ ساهي ٻاهر نڪري ايندو هو. اسان جڏهن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ سنڌ جي اڪيلي نرالي سنڌي شاگردن جي جماعت سنڌي شاگرد تحريڪ (ايس ايس ٽي ) جا ميمبر بڻياسين، اها ايس ايس ٽي هڪ طرف جنرل ضياءَ جي آمراڻي رياست جي نشاني تي هئي ته ٻي طرف فوجي آمريت جي حمايت آفته سنڌي مار سورمن جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ موجود شاگردن جي روپ ۾ چورن، ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جو وڏي بربريت سان ائين شڪار ڪندي هئي جيئن پنجاب يونيورسٽيءَ ۽ اتان جي ٻين تعليمي ادارن ۾ ترقي پسند شاگرد، شاگردياڻيون، پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا عهديدار ۽ ڪارڪن فوجي جنتا جي حمايت آفته مذهبي شاگرد جماعت جي غنڊن جو شڪار هئا.
ان دور ۾ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ايس ايس ٽي لاءِ سنڌي غنڊن سان مقابلو ڪندڙ جي پوزيشن ۾ هئي، ان ڪري ايس ايس ٽي جي سالياني ڪانفرنس اتي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آڪاش ٻه نظم ” جلاوطن جلاوطن، مان ڪيئن رهان جلاوطن” ۽ ” امان او منهنجي امان، تون ڪين روئجانء، رات جي رهزنن هٿان جي ماريو وڃان….” ڳائن جي انداز ۾ ٻڌايا ته سڄو حال جوش ۾ ڀرجي ويو هو، جڏهن ضياء جي فوجي راڄ ۾ ماڻهن کان نمازن پڙهڻ بابت هڪ فرمان جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان جي جواب ۾ خبر ناهي ڪٿي هڪ ٻي انقلابي تقريب ۾ ۽ ايس ايس ٽي جي سائيڪلو تي نڪرندڙ ميگزين ” ڇوليون” ۾ هڪ وڏو مزاحمتي نظم ڇپيو هو ته” هي جرنل ڪرنل ڪاڻا، اسان کان ڪن ٿا، نمازن جا پڇاڻا..” اڳتي هلي آڪاش انصاري ڊاڪٽر ٿي ويو.
ملڪ ۾ جمهوري راڄ اچڻ جا پيغام هلي ويا، نمازن جي پڇا ڪندڙ ڪاڻا پنهنجي آقائن جي سزا طور ساٿين سميت جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويا، پر آڪاش جا گيت هنن جو پيڇو ڪندا رهيا. عالمي طور ۽ سنڌ ۾ به واء بدلجي ويو، انهن بدليل حالتن ۾ هڪ انقلابي اڀار جي دور جي جوش ۾ ماڻهن جي هجوم ۾ آيل لاتعداد انقلابي سمجهندڙ انقلاب دشمنن قوتن جي فڪري ۽ الزامن جي حملن جو شڪار ٿيا، انقلابي تحريڪ جي ساهي جي ان وقفي تي انقلابي قوتن مٿان جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ۾ شامل راڄ راڻين ۽ راڻن رياست جي ادارن ۽ عالمي سامراج سان گڏجي انقلابي قيادت ۽ پارٽي مٿان ذهني مونجهارن ۽ الزامن جا جڏهن تير وهايا ته ان وقت ۾ ڪجهه مارڪسزم جو مطالعو ڪندڙ ۽ استاد سڏجندڙ مشيني انقلابين سان گڏ پنهنجي گيتن ۽ شاعري سان هجومن ۾ ساھ وجهندڙ به انقلابي سائنسي فلسفي فڪر جي گهري مطالعي بدران صرف جوش جذبي ۽ آمريت سان نفرت ڪرڻ جي بنيادن تي هجوم ۾ شامل ٿيندڙ اديب، شاعر، ڪارڪن دشمنن جي ڦهلايل ڄارن ۾ ڦاسي ڦٿڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح ساٿ ڇڏي هليا ويا.يا وري اهو به ممڪن آهي ته انهن مان ڪن پنهنجي سفر جو هڪ محدود فاصلو يا وقت مقرر ڪيو هجي پوءِ زاهد شيخ سميت آڪاش انصاري به هڪ منزل کان ٻي منزل تائين سفر ڪرڻ بند ڪري پوئتي هٽي ويا پر انقلابي قافلو هرروز بدلجندڙ حالتن ۾ ايترو ته طاقتور ٿيو جو رسول بخش پليجو صاحب ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ لاءِ هڪ گار بڻائي ڇڏيو ۽ سنڌ جي شهرن تي قابض دهشتگردن ۽ انهن جي مقامي وڏيرڪي قوم پرستي جا رستا بند ڪري ڇڏيا .
ان وقت ۾ آڪاش جي شاعري مان گندرف جي خوشبوءِ بدران ” اسان بس رهياسين اڌورا اڌورا” جهڙا مايوسي ۽ فراريت ڦهلائيندڙ شاعري ۽ روائتي پيار محبت جي قافين ۽ رديفن جاءِ والاري ڇڏي، جن اهڙن ساٿين کين پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسايو اهي به انهن کان پري ٿيندا ويا. آڪاش انصاري پنهنجو قبيلو ته تبديل ڪيو پر هن جي انقلابي گيتن سنڌ جي نئين ٽهي سان گڏجي سفر ڪرڻ نه ڇڏيو. آڪاش ڪو سازشي انقلاب دشمن نه بڻيو، ٻين وانگر ماڻهن کي گهمراهه ڪرڻ جو ٺيڪو نه ورتو، ان ڪري هن پنهنجي ماضيءَ سان پنهنجي دعا سلام ختم نه ڪئي، ان ڪري هن سان رابطو رهندو آيو اڄ هن جي قتل، حادثاتي موت جي خبر اسان جو به جيءُ جھوري ڇڏيو آهي، ڪاش آڪاش روسي انقلابي اديبن وانگر پنهنجو ساٿ ايس ايس ٽي جي بعد ٻين محاذن اي اين پي ۽ عوامي تحريڪ، عالمي انقلابي مارڪسزم فلسفي جي ڇانوَ ۾ پنهنجي شاعري کي وٺي هلي ها ته اسان بس رهياسين اڌورا اڌورا جهڙن گيتن بدران فلسطيني ويٽنامي نوجوان گوريلا پيدا ڪرڻ وارن شاعري برقرار رکي ها ۽ سنڌ جي قومي غلامي خلاف جدوجهد ۾ هن جا ماضيءَ وانگر نوان گيت گونجن ها.
آڪاش انصاري جيڪي پنهنجا لکيل انقلابي گيت لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ٽنڊو ڄام ۽ راهوڪي ۾ ڳائي آمريت خلاف نفرت جو بارود ڀريو هو، اهي اڄ به امر آهن، سندس ان انقلابي سرخ ماضيءَ ڪري ئي هن جو وڇوڙو غمگين ۽ اداس ڪري ڇڏيو آهي، ڪاش آڪاش هڪ ٻيو جنم وٺي سنڌو درياهه جي جياپي، سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ قبيلائي دهشتگرديءَ ۽ هر روز سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني بڻائڻ واري عسڪري جمهوريت خلاف نوان انقلابي گيت لکڻ لاءِ واپس اچي.