نثري نظمن جي ڪتاب ”انجلي“ تي هڪ نظر

پروفيسر منظور بيدار

سينيئر شاعر ۽ ڪالم نگار حبيب ساجد جي نثري ڪوتائن جو مجموعو "انجلي”2026ع ۾ "سمبارا”پبليڪيشن جي پبلشر ساجد سنڌي پاران شايع ڪيو ويو آهي، ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل معصوم ساحل جي فن جو حسين نمونو آهي،لي آئوٽ فيصل ميمڻ پاران آهي. نثري نظمن جو هي خوبصورت البم سنڌ جي سڀني ڪتاب گهرن تي موجود آهي.

هي معياري شاعري جو متاثر ڪندڙ مجموعو ڪل 144 صفحن تي فوٽوآفسيٽ پيپر ۾ ڇپيل آهي.ڪتاب متعلق سنڌ جي مشھور 14 اديبن پنهنجن راين جو اظھار اعلا علمي معيار موجب ڪيو آهي ۽ مهاڳ پرويز ابڙي لکيو آهي. ڪتاب ۾ جملي 66 سهڻا سندر،انتهائي نازڪ نفيس نثري نظم موجود آهن جيڪي روح جي پاتال تائين پهچڻ جي تخليقي سگهھ رکن ٿا. هنن 66 نثري نظمن مان 25 نثري نظمن جا عنوان انگريزي ۾ ڏنل آهن جهڙوڪ CTR+Z,Love at the Time of Campus,My Beloved,A Girl in my eyes.Flood Camp Life-2010وغيره

انجلي جهڙي حسين ترين نثري نظمن جي ڪتاب ۾ نثري نظم جي مشهور ڪوتاڪار روشن شيخ پڻ وڻندڙ انداز ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. شاعر پاران ڪتاب جي ارپنا پنهنجي مٺڙي ماءُ کانسواءِ پنهنجي جيون ساٿياڻي رقيه بلوچ سميت سنڌ، هند جي مشهور اديبن اياز گل،ادل سومري ،مهرخادم، قدير انصاري، ممتازبخاري ۽ عابده حبيب سان گڏوگڏ ٻين ويجهن دوستن کي ڪيل آهي.هي ڪتاب سکر شهر سميت 15 عنوانن تحت ارپيو ويو آهي.نثري نظمن جي هن منفرد ،متاثر ڪندڙ ڪتاب ۾ مختلف نثري نظم تمام وڻندڙ عنوانن تحت ڏنل آهن جهڙوڪ”سترنهن سالن بعد ڪئمپس””ڏهين محرم”،”تون ڪهڙي موسم جي ڇوڪري آهين!”،”تون ياد آئينء….””هڪ آرڊنري ڇوڪري”،”ڪامريڊ سليم بيمار آهي”،”جانان”ديوتا هميشہ مذڪر هوندو آهي””پڪو قلعو”،”نصابي تاريخ”،”شاعري منهنجي DNA ۾ آهي”،وغيره وغيره

شاعر حبيب ساجد پابند توڙي نثري شاعريء ۾ سنڌ جو مڃيل ڪوي آهي. هن ڪتاب ۾ موجود نثري نظم پڙهڻ دوران انساني روح جي پاتال تائين پنهنجو اثر انگيزي ڏيکارين ٿا.مثال طور

جنگيون بند ڪيو،

۽ سڀيئي هٿيار ڀڃي ڇڏيو،

اسان جون محبوبائون،

اسان جو انتظار ڪري رهيون آهن.

يا وري،

ها سانئڻ!

منهنجا سڀ سپنا،تنهنجي نانء ٿيل آهن،

مگر تنهنجو ڪو به خواب،منهنجي نانءُ ٿيل ناهي

ديوارن مان به رت ٽمندو آهي،

۽ ڀتين کي به سنگسار ڪري سگهجي ٿو،

اهو مون ھن قلعي وٽ ڏٺو،

زنده تاريخ کي جهالت جا انڌيرا

ڪيڏو نه تيزي سان کائي ويا.  ان جو وڏو مثال هي قلعو آهي

(پڪو قلعو حيدرآباد)

شاعر حبيب ساجد هن وقت سٺ جو ڏهاڪو خير سان ٽپي آيو آهي، زندگيء جا قيمتي 45 ورهيه ادب نگري کي ارپي ڇڏيا اٿائين،سندس سنڌي، اڙدو، انگريزي ۽ بلوچي ٻولين جي ادب جو وسيع مطالعو ٿيل آهي اهو ئي سبب آهي جو سندس نثري شاعري ۾ بي پناھ متاثر ڪندڙ نوان رنگ،نوان ڍنگ ،گس ۽ پيچرا تشبيهن، ترڪيبن، استعارن ۽ تجنيس حرفي جي مڙني لوازمات سان ڀرپور نموني زورائتي تخليقي سگهھ سان موجود آھن.سنڌي ٻولي ۾ نثري نظم جي صنف ۾ شاعري معياري نموني ٿي رهي آهي ۽ ڪجهه غير معياري پڻ ٿئي پئي پر حبيب ساجد جي نثري شاعري لاجواب دل کي ڇهندڙ شاعري آهي،هو هڪ تجربيڪار،گهڻ پاڙهو حساس شاعر آهي سو سندس شاعراڻو اسلوب ۽ مناسب لفظن جي اڻت ڏاڍي متاٿر ڪندڙ هجي ٿي.حبيب جڏهن به شاعري ڪري ٿو شاعريء کي پهرئين پيار جيان پيار جي پورهئي سان شاعراڻو روپ ڏئي ٿو ۽ جڏهن سندس شاعري پڙهندڙ تائين پهچي ٿي ته پڙهندڙ سندس وشال سوچن ۾ کوئجي وڃي ٿو،ڇو ته سندس نظمن جا ڪلائمڪس عام رواجي ناهن هوندا.حبيب کي قدرت بي حساب سخاوت سان ڏات، ڏان ۽ ڪمال ڪاريگري جو خوبيون عطا ڪيون آهن جيڪي سندس ڪتاب انجلي ۾ ڀرپور نموني نظر اچن ٿيون ۽ پڙھڻ وقت انساني روح شاعراڻي ڪيفيت ۾ گم ٿي هڪ عجيب قسم جي سرشاري محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ڇوته حبيب وٽ تصنع نالي ڪا شي نه ئي شاعري ۾ آهي ۽ نه ئي سندس زندگي ۾ ھو جهڙو ٻاهريان نازڪ،نفيس،پوتر نج خيالن وارو املهھ انسان آهي تهڙي ئي سندس شاعري آهي جي آئين چوان ته هو پنهنجي مڪمل زندگي ۾ Straight forward دوست،شاعر ۽ انسان آهي .سڀني جي ڪم ايندڙ سڀني جو هڏ ڏوکي ،سڀني جو دل جي گهراين سان احترام ڪندڙ مثالي ماڻهو آهي جنهن وٽ منافقت جي نالي ۾ ڪابه ايڊجسٽمينٽ،ڪا به ڊپلوميسي قسم جي شي ناهي،انڪري ئي مونکي مٿس هميشه پيار ايندو آهي،حبيب جهڙا ماڻهو اسانجي ماسڪ زده سماج ۾ فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي مس بچيا آهن،انھن جو اسانکي قدر ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.