ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر). سنڌ جي سر موڙ شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۽ سرن تي تي تاريخي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي طرفان ٽن جلدن بعد باقي 12 سرن جي تيار ٿيل گم ٿيل چوٿون جلد 60,70 سالن بعد ان جي هڪ مرحوم ليکڪ جي گهر ۾ موجود هجڻ جو انڪشاف ٿي چڪو آهي. اهڙي ڪيئي سالن کان پردي ۾ لڪل خبر ڪالهه پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي لوڪ ورثو ڪميٽي طرفان شاھ لطيف جي شاعري تي تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ياد ۾ ٿيل هڪ پروگرام ۾ ظاهر ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن سنڌ حڪومت کي صلاح ڏني ته شاهه لطيف جي شاعري تي ڪم ڪندڙ عظيم انسان جا رهيل ڪتاب شايع ڪرايا وڃن، شاھ لطيف جي شاعري جي لغت تيار ڪرائي ان کي شايع ڪرايو وڃي ۽ ڊي جي ڪاليج ۾ پرنسپال جي آفيس ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي تصوير لڳائي ڪاليج جي لائبريري ۾ گربخشاڻي جا ڪتاب رکيا وڃن ۽ سنڌ جي نئين نسل کي گربخشاڻي بابت تاريخي ضروري ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هن جي ڪتابن ۽ شاھ لطيف جي شاعريءَ تي ٿيل ڪم بابت سرڪاري، تعليمي سطح تي پروگرام منعقد ڪيا وڃن. تقريب کي خطاب ڪندي ليکڪ، محقق ۽ اڳوڻي صحافي مدد علي سنڌي چيو ته ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي شاهه لطيف جي شاعري، سرن تي تيار ٿيل چوٿون جلد ورهيه گذرڻ باوجود نه ملي سگهيو آهي جيڪو هن جي غربت سبب شايع نه ٿي سگهيو هو ، خبر ناهي ته اهو ڪنهن چوري ڪيو آهي يا ڪٿي گم ڪيو ويو آهي، ڪي ماڻهو چون ٿا ته اهو سندس شاگرد علامه دائود پوٽو کڻي ويو هو ڪي وري ڪريم بخش خالد جو نالو کڻن ٿا ته ان وٽ اهو جلد موجود هو، جيڪڏهن اهو ملي وڃي ته ان کي فوري طور شايع ڪرايو ويندو هن چيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي لطيف جا ٽئي جلد پنهنجي ذاتي خرچ تي ڇپايا هئا، جن جو وڪرو نه ٿيڻ سبب هن کي مالي نقصان پهتو هو ۽ هن دل برداشته ٿي چوٿون جلد شايع نه ڪرايو جيڪڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻي اولهه ۾ پيدا ٿي ها ته هن جو وڏو قدر ڪري کيس سرڪاري سطح تي ياد رکيو وڃي ها. هو ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ٻه سال پرنسپال به رهيو پر ان ڪاليج جي لائبريري ۾ هن جو ڪو به ڪتاب موجود نه آهي ۽ نه ئي شاگردن کي هن جي بابت ڄاڻ ناهي ۽ نه ئي پرنسپال جي آفيس ۾ هن جي ڪابه تصوير موجود نه آهي، سنڌ جو تعليم کاتو ان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ليکڪ ۽ شاعر شير مهراڻي چيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون محقق هو جنهن شاهه لطيف جي شاعريءَ تي نج سائنسي بنيادن تي ڪم ڪيو ۽ جلدن جي ترتيب تيار ڪئي نه ته ان کان اڳ کيس روحاني بنيادن تي متعارف ڪرايو ويو هو، لطيف جي 12 سرن ۽ ٻن هزار بيتن تي تيار ٿيل چوٿون جلد خبر ناهي ته ڪٿي گم ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر گربخشاڻي سرن ۾ موجود لوڪ قصن جي تاريخي حوالن ۽ پس منظر کان به واقف ڪرايو. هن چيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڪم ڪرڻ کي عبادت جو درجو ڏنو هو، ان لاءِ هو ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ باقاعده وضو ڪندو هو، اسان کي شاھ لطيف جي شاعري جي لغت به تيار ڪرڻ گهرجي، نامياري شاعره سوڀيا سانگي چيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي سنڌ جي ڪلاسيڪل ادب جي دور جو مهان ليکڪ ۽ محقق هو. روفيسر اعجاز قريشي چيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي کي سنڌي ٻوليءَ سان بيحد گهڻي محبت هوندي هئي ۽ هن بمبئي يونيورسٽي کي سنڌي ٻوليءَ ۾ به تعليم ڏيڻ لاءِ خط لکيا جنهن بعد بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ لازمي قرار ڏني وئي ۽ اسان جلد ڊاڪٽر گربخشاڻي جي زندگيءَ تي ڪتاب تيار ڪري ان کي ذاتي خرچ تي شايع ڪرائينداسين، ليکڪا شهر بانو چيو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي لطيف تي ڪم ڪري سنڌي قوم مٿان وڏو احسان ڪيو آهي، هن روح رهاڻ ڪتاب ۾ سنڌ جي لوڪ ڪردارن تي وڏو ڪم ڪيو آهي، هن جا علامه دائود پوٽو سميت ڪيترائي شاگرد وڏي مرتبي تي پهچي ويا، پروگرام جي آخر ۾ ٻڌندڙن مان پروفيسر رضيه کوکر ٻڌايو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي جو گم ٿيل چوٿون جلد هن 1978 ۾ ڪريم بخش خالد جي گهر ۾ ڏٺو هو، جيڪو هن جي سهيلي ڪريم بخش جي ڌيءَ هن کي ڏيکاريو هو،