نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاهه ۾ وحشي جوابدارن تکي اوزار سان نوجوان رشيد کوکر جو ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو. فوتي جو واسطو فيصل آباد سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو شادي ۾ شرڪت لاءِ نوابشاهه آيل هو. اطلاع موجب، 7 هٿياربندن نوجوان تي حملو ڪري سندس چهري تي وار ڪيا ۽ ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا. پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ پيپلز ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو، جتي شروعاتي جاچ موجب واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.