پاڻيءَ معاملي تي سنڌ جو احتجاج ۽ ارسا جو وفاق دشمن عمل، معاملي کي سنگين نه بڻايو

ھونئن ته ملڪي تاريخ  ۾ سنڌ سان ھر معاملي ۾ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿيندو رھيو آھي، جنھن ۾ ڪوٽا تحت وفاقي ادارن ۾ نوڪريون ھجن يا سنڌي آفيسرن کي ادارن جو سربراھه بڻائڻ وارو معاملو ھجي ان ۾ سدائين ڊوميسائل جو فرق ڪيو ويندو آھي، نه صرف ايترو پر ادارن مان انصاف ۽ ناانصافي به ان ئي ڊوميسائل جي بنياد تي ٿيندي رهي آهي، جنھن سبب ٻه ڀيرا وزيراعظم رھندڙ ۽ اسلامي دنيا جي پھرين وزيراعظم عورت محترمه بينظير ڀٽو شھيد به پنھنجي حياتي ۾ شڪايت واري انداز ۾ اھو چوڻ تي مجبور ٿي ته ”لاھور ۽ لاڙڪاڻي ۾ فرق آھي.“ جيڪڏھن اھو فرق سمجھڻ لاءِ اسان ملڪي تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته اسان کي ڪيترائي ناانصافين تي ٻڌل غير سياسي فيصلا پڙھڻ لاءِ ملندا، جيڪي طاقتور ماڻھن جي ھٺ ڌرمي سبب ڪيا ويا ھئا جن جا ناڪاري اثر اڄ به امن، معيشت ۽ ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻيل آھي. ان سان گڏ اھو تاثر پڻ سگهارو ٿي چڪو آهي ته وفاق رڳو ھڪ وڏي صوبي کي سمجھيو وڃي ٿو، جڏھن ته وفاق چئن صوبن کي سڏيو ويندو آھي. آھستي آھستي  ننڍن صوبن ۾ وڏي صوبي خلاف نفرت پيدا ٿيڻ لڳي، جيڪا ملڪ جي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي غلط فيصلن ۽ پاليسين سبب وڌي وڻ ٿي چڪي آھي ۽ پنھنجي انتھا تي پھچي چڪي آھي.

سنڌ ۾ انڊسٽريز وغيره نه ھئڻ سبب اتي عام ماڻھن لاءِ روزگار حاصل ڪرڻ تمام گھڻو مشڪل بڻيل آھي، جيڪي نالي ماتر انڊسٽريز وغيره جھڙوڪ ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ موجود آھن، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ھجڻ سبب انھن جو پنھنجو وجود بچائڻ پڻ ھڪ وڏو چئلينج بڻيل آھي۔ انڊسٽريز، ٿرڪول پاور پلانٽ توڙي تيل يا گئس ڳولا ڪندڙ ڪمپنين ۾ به سنڌي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ وارا دروازا بند آھن. انھن ادارن توڙي ڪمپنين ۾ غير مقامي مزدورن جي فوج ڀرتي ٿيل آھي، جيڪڏھن ڪو مقامي مزدور ھٿ پير ھڻي، ڪا سفارش وغيره ڪرائي ڀرتي ٿيڻ ۾ ڪامياب به ٿئي ٿو ته ان کي وري هڪ ڏھاڙي مزدور طور تي رکيو ويندو آھي، جنھن جو مقصد عارضي ملازمت ھوندو آھي، ڏھاڙي تي رکيل عارضي ملازمن کي ريگيولر ملازمن وارا حق جھڙوڪ بونس، ميڊيڪل جي سھولت، ھفتيوار موڪل يا ساليانه موڪلون وغيره ناھن ملنديون۔ ٻيو ته ان کي نوڪريءَ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ سدائين بھانا ڳوليا ويندا آھن ۽ ڪو نه ڪو بھانو ڏئي کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو آھي. ٿرڪول پاور پلانٽ توڙي اوٻاوڙو شگر مل ۾ سنڌي پورھيتن کي قتل ڪرڻ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿي چڪا آھن. زراعت ئي سنڌ جي ماڻھن جي گذر سفر جو واحد ذريعو آھي، جيڪا اڳ ئي ھٿ وٺي تباھه ڪئي وئي آھي۔ ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو يا جعلي زرعي دوائن جي ڳاٽي ٽوڙ اگھن سنڌ جي ھارين کي بدحال بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر ناھي ڇڏي۔ سنڌو درياھه جي پاڻيءَ مان ڇھه نوان ڪئنال  وھائڻ وارو منصوبو دراصل سنڌ جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ لاءِ موت جو پروانو آهي،  جن جي تڪميل کانپوءِ سڄي سنڌ ٿر ۽ ريگستان بڻجي ويندي.

سنڌو درياھه جي پاڻيءَ مان ڇھه نوان ڪئنال وھائڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف سڄي سنڌ بلڪل اھڙي ئي طرح سراپا احتجاج بڻيل آھي، جيئن ماضي ۾ ڪالا باغ ڊيم جي خلاف ھئي۔ سنڌ جي سخت احتجاج کي ڏسندي طاقتور ڌريون ٻه قدم پوئتي ته ضرور ھٽيو آھن پر حقيقي طور تي اھي پنھنجي ارادن ۽ منصوبن تان دستبردار ناھن ٿيون، جيڪي ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو ڪنھن نئين شڪل ۽ نالي سان وقت به بوقت سامھون کڻي اينديون رھن ٿيون ۽ ان منصوبي جي تڪميل لاءِ بضد رھن ٿيون۔ ھن ڀيري به سنڌ جي احتجاج کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪرڻ واري ارسا جي عمل کي اسان ملڪ دشمن عمل تصور ڪريون ٿا۔ سنڌ جا ماڻھو پرامن ۽ جمھوري سوچ رکندڙ آھن، جن جو جمھوريت جي بحالي ۾ اھم ڪردار ۽ ناقابل فراموش قربانيون رهيون آھن۔ سندن پرامن آواز کي ٻڌو به وڃي ۽ ان کي اھميت به ڏني وڃي۔ ڇاڪاڻ ته طاقت جي زور تي ڪيل فيصلا نه ته جٽاندار ثابت ٿيندا آھن ۽ نه ئي اھي گھربل نتيجا ڏئي سگھندا آھن۔ پاڻيءَ  سنڌ جي ماڻھن لاءِ زندگي ۽ موت جو معاملو آھي تنهنڪري سنڌ جا ماڻهو اهڙي ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪندا ۽ نه ئي ڪا سوديبازي ڪندا، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ رڳو ارسا ۾ ويٺل ڪجھه اقتدار پسند نمائنده کي نه سمجھڻ گھرجي، بلڪه سنڌ جو حقيقي موقف انھن ماڻھن جو موقف آھي جيڪي سنڌ دشمن منصوبن خلاف پيادل مارچ ۽ احتجاج ڪري رھيا آھن.

انھن جي آواز کي ٻڌو ۽ سندن احتجاج کي اھميت ڏيو ايئن نه ٿئي ته پاڻيءَ  جي معاملي تي لڳندڙ امڪاني عالمي جنگ جي شروعات پاڻ وٽان نه ٿئي ۽ ملڪ ۾ بلوچستان جھڙو حل نه ٿيندڙ ڪو ٻيو مسئلو ڪر نه کڻي بيھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.