ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ عوام جي ڪاوڙ باوجود ڊمپرن ۽ هيوي ٽريفڪ سبب حادثا گهٽجي نه سگهيا، حڪومتي ڪوششون به ناڪام نظر اچن ٿيون. ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار سيف الله حياتي وڃائي ويٺو. ناظم آباد ۾ به ڊمپر ڪار کي ٽڪر هنيو جنهن ۾ شهري زخمي ٿيو. ڏيڍ مهيني کان واقعن ۾ ڪيترائي شهري فوت ٿي چڪا آهن.
پ پ ڊمپرن جي سرپرستي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ آغا سراج دراني
ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت ڪلفٽن ٻاهران سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڪيس جي ٻڌڻي 26 تاريخ تي ٿيندي، ڏسون ٿا ته ڇا ٿئي ٿو. ڪراچي جهڙي شهر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس جي وڏي فورس هجڻ گهرجي، رات يارهين وڳي کان ٽريفڪ کي اجازت ڏني وڃي ۽ ان جي پيروي ڪئي وڃي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڊمپرن جي سرپرستي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ اهو هڪ الزام آهي ان کي ثابت ڪريو. هن چيو ته ٻڌايو ته لساني فسادن جي ڳالهه ڪير ڪري ٿو، حڪومت ڪارروائي ڪندي.
هيوي ٽريفڪ خلاف قدم کڻڻ ته انتظاميا جو ڪم آهي: عدالت
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ ڊمپرن، ٽينڪرن ۽ ٻي هيوي ٽريفڪ سبب ٿيل حادثن ۽ شهرين جي فوت ٿيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس آغا فيصل رمارڪس ڏنا ته روز اخبارن ۾ اچي ٿو ته هيوي ٽريفڪ ڏينهن جي وقت شهر ۾ داخل نٿي ٿي سگهي، اپاءَ وٺڻ ته ايگزيڪٽو جي ذميواري آهي، عدالت ڪيئن مداخلت ڪري سگهي ٿي؟ درخواست گذار بئريسٽر حسن خان موقف اختيار ڪيو ته هي بنيادي انساني حقن جو ڪيس آهي ۽ ايگزيڪٽو ڪم نٿو ڪري جنهن سبب عدالت سان رابطو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ روز ڊمپر ۽ ٻي هيوي ٽريفڪ شهرين کي چيڀاٽي رهي آهي. درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو. عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ بابت دليل طلب ڪندي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
ڪراچي کي پ پ ۽ متحده تباهه ڪيو:حافظ نعيم
لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته عالمي مالياتي اداري جي وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات قومي وقار ۽ آزادي جي خلاف آهي. چاچو ۽ ڀائيٽي اشتهارن ذريعي مهانگائي گهٽائڻ ۾ مصروف آهن.زميني حقيقتون بلڪل مختلف آهن،رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ ئي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، پيٽرول، بجلي ۽ گئس جا اگهه به وڌي رهيا آهن. ترڪ صدر طيب اردگان کي پاڪستان پهچڻ تي خوش آميد چئون ٿا، هن چيو ته سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي جي رٽائرمينٽ کانپوءِ ڏهن سالن تائين ملڪ ڇڏڻ ۽ ٻٽي شهريت حاصل ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي، حڪمرانن پنهنجي مفادن لاءِ عدليه کي ٽوڙي ڇڏيو، هن چيو ته ڪراچي کي ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي هٿان تباهه ڪيو ويو، پ پ 17 سالن کان سنڌ تي قبضو ڪري ويٺي آهي، ڪراچي ۾ ڊمپرن ۽ ٽرالرن جي ڪري هڪ سئو چار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا،
ڪراچي ۾ نئين راند جي تياري؟
لاهور(امدادسومرو) ڪراچي اندر هڪ نئين راند جي تياري ٿي رهي آهي. ڇو ته ڪراچي هميشه کان سوني جهرڪي رهي آهي.ان شهر ۾ ڊمپر مافيائون،لينڊ مافيائون نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون مافيائون آهن. ڊمپر جو معاملو انتهائي سنجيده ٿي ويو آهي جيڪي روز ماڻهن کي چٿي ماري رهيا آهن. ان سان گڏ وري آفاق جي گرفتاري ٿي وئي آهي.اهو ڪٿي گوشي نشيني ۾ هيو ،هڪ ذريعي مطابق اها آفاق احمد جي ري لانچنگ ٿي رهي آهي.ڪاريگر هاڻي ايم ڪيو ايم مان مايوس ٿي ويا آهن جو اهي هڪ ٻئي سان ويهڻ لاءِ تيار ناهن.