ڪراچي( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) صحافين، تعليمي ماهرن ۽ انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن پيڪا ترميمي بل 2025 کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. صحافين، تعليمي ماهرن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام (ترميمي) بل 2025 کي هڪ ڪارو قانون قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، جنهن جو مقصد اظهار جي آزادي جي عالمي طور تي تسليم ٿيل حق کي دٻائڻ آهي. اهو حق نه رڳو پاڪستان جي آئين طرفان پر بين الاقوامي معاهدن ۾ به محفوظ آهي. خميس ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (KUJ) پاران منعقد ڪيل گول ميز ڪانفرنس ۾ مختلف تنظيمن جي نمائندن ۽ ڪارڪنن پيڪا ۽ ٻين اهڙن قانونن خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ جو عزم ڪيو ته جيئن شهرين کي اظهار جي آزادي جي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام بڻائي سگهجي. خميس ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (KUJ) پاران منعقد ڪيل گول ميز ڪانفرنس ۾ مختلف تنظيمن جي نمائندن ۽ ڪارڪنن پيڪا ۽ ٻين اهڙن قانونن خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ جو عزم ڪيو. صحافين سان پيڪا جي مخالف سياسي پارٽين، گڏ مزدورن، شاگردن، عورتن ۽ سول سوسائٽي کي ان خلاف سخت مزاحمت ڪرڻ جو سڏ ڏئي روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ ۽ حڪومت جو تشدد برداشت ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي. اها ڳالهه ڪالهه شام جو پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ طرفان ڪراچي پريس ڪلب ۾ پيڪا ايڪٽ خلاف لڳايل احتجاجي ڪئمپ جي ٻي ڏينهن ۽ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان طرفان ڪي يو جي، جي سهڪار سان منعقد هڪ سيمينار ۾ ڪئي وئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ اقبال بٽ چيو ته نواز ليگ ۽ پي پي پي طرفان هر شهري جي اظهار جي روڪڻ خلاف هاڻي سخت مزاحمت ڪرڻ لاء روڊن تي نڪري لٺيون کائڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي قيام سان ئي اظهار جي آزادي جو پهريون شڪار ملڪ جو باني جناح ٿيو هو جنهن جي تقرير خود هن جي اخبار ۾ سينسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، صحافي ۽ ليکڪ ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته انگريزن طرفان پريس جي آزاديءَ خلاف جيڪي قانون لاڳو ڪيا هئا، ملڪ جي ٺهڻ بعد انهن پريس دشمن قانون کي هر فوجي ۽ سول حڪمران نه فقط جاري رکيو پر ان کي وڌيڪ طاقتور ڪيو ۽ پيڪا ايڪٽ ان جي هڪ تازي شڪل آهي. صحافي ۽ اينڪر مظهر عباس چيو ته پاڪستان ۾ هميشه عوام مخالف قانون ٺاهيا ويا آهن، هتي پيمرا جي فيصلن خلاف رٽائر فوجين کي ٽي وي پروگرامن ۾ اچڻ جي اجازت ڏئي وئي، ڪوڙين خبرن جو وڏو مرڪز سڌ سماءُ جو سرڪاري ادارو آهي، جنهن تازو نواز ليگ جي هڪ سال جي ڪوڙي ڪارڪردگيءَ جا اخبارن جي اڳين صفحن ۾ اشتهار جاري ڪيا ويا ۽ ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي فوج ۽ عوام آڏو پاڪستان جي فوج طرفان هٿيار پيش ڪرڻ جي باوجود اخبارن ۾ هٿيار اڇليندڙن جي جنگ جاري رکڻ جون ڪوڙيون خبرون هلايون ۽ هاڻي به ڪراچي ۾ چينين جي مٿان حملي متعلق ڪوڙي خبر هلائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. پيڪا ايڪٽ اڳتي هلي نواز ليگ ۽ پي پي پي کي ائين ڳچيءَ ۾ پوندو جيئن نواز شريف جي ٺاهيل نيب هن جي مٿان نازل ڪئي وئي، ان موقعي تي مهناز رحمان، طاهر حسن، سعيد سربازي ۽ ٻين به ڳالهائيندي چيو ته پيڪا ايڪٽ آزاد صحافت سان گڏ مزدورن، شاگردن، انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جو گڏيل مسئلو آهي، جنهن خلاف گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي، ٻي طرف پي ايف يو جي، جي پيڪا خلاف مرڪزي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب اندر احتجاجي ڪئمپ کي خورشيد عباسي، سردار لياقت، اصغر دستي سعيد سربازي وارث رضا، امتياز فاران ۽ ٻين خطاب ڪيو.