پاڻي ٺاهه ۾ گريٽر ٿل ڪئنال کي پاڻي ڏيڻ تي سنڌ اعتراض نه واريو هو: ارسا

اسلام آباد(م ڊ) انڊس روور سسٽم اٿارٽي (ارسا) گريٽر ٿل ڪينال جي معاملي تي سنڌ حڪومت جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي موڪليل سمري جو جواب ڏيندي پنجاب حڪومت جي موقف جي حمايت  ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب ارسا سنڌ طرفان گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي موڪليل سمري جي هر پيراگراف جو جواب ڏنو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪينال مان گريٽر ٿل ڪينال ڪڍيو آهي جنهن سان 17 لک 39 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، گريٽر ٿل ڪينال فيز ون تي ڪم 2001ع ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ 8500 ڪيوسڪ پاڻي وهائڻ جي ڊيزائن ڪئي وئي، ارسا موجب 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت 5900 ڪيوسڪ پاڻي جي منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته گريٽر ٿل ڪينال جي اصل ضرورت 2.497 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جيڪا خوشاب، بکر، ليه ۽ جهنگ جي زمينن کي آباد ڪندي، سڄي سنڌ ۾ احتجاجن کي پٺي ڏيئي ارسا جي 3 ميمبرن منصوبي جي حمايت ۽ 2 مخالفت ڪئي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي 28 فيبروري 2023 تي گريٽر ٿل ڪئنال خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان پاس ڪيو هو، ارسا جواب ۾ لکيو ته 1991ع جي معاهدي ۾ سنڌ، گريٽر ٿل ڪينال کي پاڻي ڏيڻ تي ڪو به اعتراض نه ڪيو هو، سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءُ ۽ سڄي سنڌ ۾ احتجاج تي ارسا نو ڪمينٽس لکي ڇڏيو، ياد رهي ته سنڌ حڪومت پنجاب ۾ 200 ارب رپين کان وڌيڪ جي نوان آبپاشي منصوبي جي منظوري تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو هو، گرين پاڪستان انيشيٽو پلان ۾ چولستان فلڊ فيڊر ڪينال، گريٽر ٿل ڪينال (جي ٽي سي)، ڪڇي ڪينال، ريڻي ڪينال جي تعمير، ٿر ڪينال ۽ چشما رائٽ بئنڪ ڪينال جي تعمير پڻ شامل آهي، سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي کي اهو به ٻڌايو ويو ته دفاعي تنصيبات جي منتقلي جي لاڳت جي ڪاٿي ۾ ساڍا 19 ارب رپين جي اضافي رقم 211 ارب رپين جي انگ اکرن ۾ شامل ناهي، پنجاب حڪومت تجويز ڏني ته اها اضافي لاڳت وفاقي حڪومت جي ذمي ۾ هوندي، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت ارسا لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ روڪڻ لاءِ باضابطه سمري به جمع ڪرائي هئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سي سي آءِ جي فيصلي جو اڃا انتظار آهي، ان ڪري منصوبي کي سي سي آءِ جي منظوري سان مشروط ڪيو وڃي، پنجاب جي آبپاشي کاتي موقف ڏنو ته ديامير ڀاشا ڊيم جي مڪمل ٿيڻ سان پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي موجوده صلاحيت کان وڌيڪ پاڻي ملندو، ان منصوبي لاءِ هلندڙ مالي سال دوران پنجاب جي سالياني ترقياتي منصوبي مان 42.3 ارب رپيا گهربل هوندا، جنهن کانپوءِ مالي سال 2025-26 ۾ 51 ارب رپيا، 27-2026 ۾ 49 ارب رپيا، 28-2027ع ۾ 38 ارب رپيا ۽ 29-2028ع ۾ لڳ ڀڳ 32 ارب رپيا گهربل هوندا، پر ان ۾ دفاعي اختيارين طرفان ساڍا 19 ارب رپين جو مطالبو شامل نه هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.