”ڪئنال نامنظور“جسقم آريسر جي مارچ جي ٽنڊي محمدخان ۾ شاندار آجيان

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ : اويس حيدر شورو  )جسقم آريسر پاران سکر کان ڪراچي ڏانهن پيادل نڪتل قافلو سيري کانپوءِ ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي گلن جي ورکا سان شاندار آجيان ،  خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم آريسر پاران سکر کان ڪراچي ڏانهن سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ،سنڌ  دشمن منصوبن خلاف نڪتل پيادل قافلو ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي قومپرست پارٽين ، اديبن ، قلمڪارن گلن جي ورکا سان شاندار آجيان ڪئي،انهي موقعي تي جلسي عام کي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري ،اسماعيل نوتڪاڻي،وحيد سنڌي،امير باغي،ڪرن نظاماڻي،نصيبان ڀٽو،سنڌي ادبي سنگت جي اعظم ڀٽي ، تاريخدان مشڪور ڦلڪارو،سول سوسائٽي جي ڊاڪٽر جي ايم گل ، جيئي سنڌ محاذ جي پنهل جمالي ، جسقم ( نياز ڪالاڻي) جي جاويد هاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ واري سازش سنڌ دشمن منصوبي تحت رٿي وئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي عوام کي ڪراچي کان ڪشمور تائين پيئڻ جي پاڻي لاءِ محتاج ڪرڻ جو اهڙو منصوبو آهي جنهن ۾ عوام ڦڙي ڦڙي جي پاڻي لاءِ پريشان رهندو ، سنڌو درياهه تي صرف سنڌ جو حق آهي جنهن ۾ هڪ صوبي پنهنجا دريا وڪڻي هاڻي سنڌو دريا تي قبضو ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ، وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ سنڌ جا ٻيٽ ،سمنڊ،درياهه سنڌ کان کسيا وڃن پيا،هنن چيو ته لکين تعليم يافته نوجوان بيروزگاري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن پر کين روزگار جو موقعو فراهم نه ڪيو وڃي ٿو ، سنڌ جا قومي ڪارڪن سکر کان پيادل مارچ ڪري سنڌ جي ڪيس کي سنڌ جي گاڌي واري هنڌ ڪراچي پهچي پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن ، جنهن ۾ ڪا به رڪاوٽ قبول نه ڪنداسين ، قومي ڪارڪنن کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ وارو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي،پيادل قافلو اڄ ٽنڊو محمد خان رات ترسڻ کانپوءِ اڳتي روانو ٿيندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.