اينڪر ڪاشف عباسي جو شو بند ڪرائڻ طاقت ورن جي شڪست؟

اسلام آباد (رئوف ڪلاسرا) خبرون آهن ته اينڪر ڪاشف عباسي جو شو ٻيهر آف ايئر ڪيو ويو آهي. روايت هئي ته اسٽيبلشمينٽ يا مختلف حڪومتن کي شو مان تڪليف ٿيندي هئي ته انهن کي بند ڪيو ويندو هو. ڪاشف عباسي شو ۾ ڪو اهڙو انٽرو ڏنو، اهڙيون ڳالهيون جو سندس شو آف ايئر ڪرايو ويو. اهو ئي سمجهيو ويندو آهي ته اهي هدايتون اسٽيبلشمينٽ طرفان اينديون آهن. ڪاشف عباسي جو شو ٽيون يا چوٿون ڀيرو آف ايئر ٿيو آهي. چينل به ان تي خوش ٿيندا آهن جڏهن کين وڏن طاقتورن وٽان ڪالون اينديون آهن ۽ دٻاءُ پوندو آهي، اسٽيبلشمينٽ، جنرل، وزيراعظم، وزير ڪالون نه  ڪري ته پوءِ هنن چينل ڇا لاءِ کوليا آهن، ان سان ته کين بزنس ملندو آهي، پوءِ هو اشتهارن يا ٻي مد ۾ بزنس ڏيندا آهن. ڪاشف جو شو بند ڪرائڻ اها سندس ڪاميابي آهي، ان مان ظاهر آهي ته اسٽيبلشمينٽ يا حڪومت ڊڄي مالڪن تي دٻاءُ وجهي سندس شو بند ڪرايو. جن کيس آف ايئر ڪرايو، هي انهن جي شڪست آهي، ائين ڪرائڻ سان ڪو فرق ناهي پوندو. جيڪڏهن شو ۾ ڏکيا سوال اچن ٿا ته پنهنجو ماڻهو موڪليو جيڪو شو ۾ انهن جا جواب ڏئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  جمعو 14 فيبروري 2025ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.