ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽرول جي وڌندڙ اگهن کان پريشان شهرين لاءِ سٺي خبر اچي وئي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه گهٽجڻ سبب ملڪ ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگهه گهٽجڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ 6 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جو اگهه 83.40 ڊالرن مان گهٽجي 78.35 ڊالر في بيرل ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب 16 فيبروري کان پيٽرول جي قيمت ۾ ٻه رپيا 29 پئسا، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 79 پيسا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي.
You might also like