اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته مون کي پارٽي مان ڪڍڻ جو فيصلو پي ٽي آءِ باني جو پنهنجو فيصلو ناهي، مون کي مفاد پرست ٽولي پارٽي مان ڪڍرايو آهي، ان گروپ گذريل هڪ سال کان عمران خان کي وڪڙ ۾ آڻي رکيو آهي، بار بار پارٽي مان ڪڍي منهنجي بي عزتي ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهان، هاڻي عمران خان سان ملاقات ڪرڻ نه ٿو چاهيان، مون کي پارٽي مان ڪڍڻ سراسر ناانصافي آهي، منهنجو موقف ٻڌڻ کانسواءِ مون کي پارٽي مان ڪڍڻ افسوسناڪ آهي.