سوڀوديرو(رپورٽ: اورنگزيب پيرزادو) سوڀوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ خاڪي ۽ ڀيلار ڀرسان رھندڙ مورزادو رند جي گھر تي ستن ھٿياربندن جو حملو چاليھ ورهين جو مورزادو رند گوليون لڳڻ سبب قتل ۽ مقتول جا ٻه نوجوان پٽ ٻاويھ سالا شھمير رند ۽ پنجويھ سالا رشيد رند سخت زخمي ٿي پيا۔مقتول اميرزادو رند جي ڀاء ارباب عرف اربيلو رند رورل ھيلٿ سينٽر سوڀوديرو ۾ صحافين ٻڌايو ته اسان اصل جيڪب آباد جا آھيون گذريل ڪجھ سالن کان ھتي رھندا آھيون منھنجي مقتول ڀاء ٽي سال اڳ شھداد ڪوٽ واسڻ سويرا ڌيءُ شاھن چانڊيو سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو گذريل رات ھڪ وڳي ڌاري چانڊيا برادري جي ستن ھٿياربندن نصرالله چانڊيو، ھمت، امير، ضمير، عنايت، ظفر رحمان چانڊيو وارن حملو ڪري منھنجي ڀاء اميرزادو رند کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ مقتول جي ٻن پٽن ڀائٽن شھمير رند۔رشيد رند کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو. منھنجي ڀاء جون ٻه شاديون ٿيل ھيون سويرا چانڊيو مان ڏيڍ سال جو پٽ اٿس اسان حملي دوران ايس ايڇ او سوڀوديرو غلام شبير کھڙو کي اطلاع ڏنو جنھن ڪابه مدد نه ڪئي نه وري واقعي واري ھنڌ آيو اسان زخمين ۽ قتل ٿيل نوجوان کي پاڻ مرادو گمس اسپتال گمبٽ کڻي وياسين اتان اسان جي ھڪ زخمي نوجوان رشيد رند کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو آھي سڄي رات اسان سوڀوديرو ٿاڻي تي يارھن دفعا ويا آھيون ته ليٽر ڏيو ته پوسٽ مارٽم ٿئي ۽ زخمين جو علاج ٿئي سوڀوديرو پوليس سوڀوديرو اسپتال تائين به اچڻ لاء تيار نه ھئي توھان صحافين جي اچڻ کانپوء نون ڪلاڪن کانپوء سوڀوديرو پوليس اسپتال پھتي آھي.