دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان جي ٽن ڪرڪيٽرن تي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ مڙهي ڇڏيو.
آءِ سي سي پڌرائي موجب، شاهين شاهه آفريدي، سعود شڪيل ۽ ڪامران غلام تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل ڪرڪيٽرن ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽه ملڪي سيريز جي ميچ دوران ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي.
پڌرائي موجب، آءِ سي سي اربع ڏينهن ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽه ملڪي سيريز جي ميچ دوران ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ليول ون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو.
فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي تي سندس ميچ فيس جو 25 سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو، ڇو ته هن آرٽيڪل 2.12 جي ڀڃڪڙي ڪئي، جيڪو ڪنهن رانديگر، عملدار يا ٻين ماڻهن سان ”غير مناسب جسماني رابطي“ بابت آهي.
شاهين آفريدي ڏکڻ آفريڪا جي اننگز جي 28هين اوور دوران ڄاڻي واڻي بيٽر ميٿيو بريٽزڪي کي رستو ڏيڻ بدران رنڊڪ بڻيو، جنهن سبب ٻنهي وچ ۾ جسماني ٽڪر ۽ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.
ان کانسواءِ سعود شڪيل ۽ متبادل فيلڊر ڪامران غلام تي به ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو، ڇو ته هنن 29هين اوور ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽيمبا بَوُوما جي رن آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ انتهائي جارحاڻو رويو اختيار ڪندي سندس ويجهو وڃي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
ٻنهي رانديگرن آءِ سي سي جي آرٽيڪل 2.5 جي ڀڃڪڙي ڪئي، جيڪو بيٽر جي آئوٽ ٿيڻ تي ”چڙ ڏياريندڙ اشارن“ بابت آهي.
پڌرائي موجب، ڏنڊ سان گڏوگڏ ٽنهي رانديگرن جي ڊسيپلينري رڪارڊ ۾ هڪ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ شامل ڪئي وئي.
ٽنهي رانديگرن آءِ سي سي جي فيصلن کي قبول ڪري ورتو آهي.
ٻئي پاسي، پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي تاريخي ڪاميابي ماڻي فائنل ۾ پهچي ويو آهي، هاڻي پاڪستان جو 14 فيبروري تي ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان مقابلو ٿيندو.